ٺٽي ضلعي ۾ پي پي جي روايتي حريف رهندڙ شيرازي گروپ هن ڀيري پي پي ۾ هجڻ سبب تاثر اهو ملي رهيو ھو ته سگهاري اپوزيشن نه هجڻ سبب پي پي بلدياتي اليڪشن جون سموريون سيٽون گهڻي ڀاڱي بنا مقابلي ٻُهاري ويندي، بلدياتي الڪيشن جي ٻئي مرحلي دوران وڏي انگ ۾ پي پي اميدوارن سميت ٻين مختلف پارٽين سان گڏ آزاد اميدوار به ميدان ۾ لٿا. پ پ اميدوارن پاران مشن ڪلين سوئيپ تحت آزاد اميدوارن تي زور بار ۽ منٿ ميڙ تحت هٿ کڻايو مهم ته شروع ڪئي وئي جنھن ۾ ڪجھه ڪاميابي به ملي پر پارٽي قيادت لاءِ ٽڪيٽن جي ورهاست وڏو امتحان بڻجي ويئي، هڪ ٻئي پويان ڪيتريون ئي ويهڪون ڪرڻ بعد نيٺ ٽڪيٽن جو اعلان ٿيو جنھن سان فورن اختلاف سامهون اچڻ شروع ٿي ويا. ھن وقت ٺٽي جو سياسي وايو منڊل دلچسپ صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي حڪمران پارٽيِ جي ھِڪ ڇَٽي ھيٺ گڏ ھوندي به اختلاف ۽ ويڇا ان حد تائين وڌي ويا آهن جو هن ڀيري ٺٽي جي بلدياتي اليڪشن ۾ پي پي بمقابله پي پي ميدان ۾ لٿل آهي. پي پي اندر پيدا ٿيل ڌڙا هڪ طرف پنهنجي ٽڪيٽ يافتا اميدوارن جي مخالفن کي هٿ کڻائڻ جا هٿ ڪنڊا استعمال ڪري رهيا آهن ته ساڳئي وقت جتان ٽيڪٽ نه ملي اتي پنهنجي حمايت يافتا اميدوارن کي بيهاريو ويو آهي يا وري آزاد ڪنھن ريت اميدوارن کي ڳجهي مدد ڏيئي سگهارو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ٽڪيٽ کان محروم ٿيل پيپلزپارٽيِ جا پـراڻا توڙي نوان ڪارڪن پارٽي جي فيصلي سان بغاوت ڪندي آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ پي پي اميدوارن سامهون ميدان ۾ لٿل آهن، اھڙي ريت پي پي جو جھونو اڳواڻ بزرگ سياستدان سابق ايم اين اي بابو غلام حسين ميمڻ ۽ پي پي جو صوبائي واقعات ۽ رڪارڊ سيڪريٽري اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو به ٽڪيٽن جي ورھاست بعد مڪمل خاموشي سان ڪنڊائتا ٿيل آھن جنھن مان کين نظر انداز ڪرڻ سبب ناراضگي جو تاثر ملي ٿو. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب يونين ڪائونسل ڏوماڻي تي پي پي جي ضلعي سينئر نائب صدر ۽ محسن ھائوس جي انچارج عبدالحميد پنھور سان ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي وارڊ 3 تان بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙ، شيرازي گروپ جي اڳواڻ ميونسپل ڪميٽي جي متوقع چيئرمين ادا محمد ميمڻ جي ڀائيٽي راجا سميع ميمڻ ۾ مقابلو ٿي رھيو آھي. جڏھن ته ساڳئي يوسي تي پنھور برادري جي معزز شخصيت عبدالمجيد پنھور جو ڀائيٽو علي حسن پنھور آزاد حيثيت ۾ چيئرمين جي سيٽ تي پ پ پ جي ٽڪيٽ يافتا اميدوار حيدر شورو جي سامھون اليڪشن وڙھي رھيو آھي، علي حسن پنھور سان گڏ وائيس چيئرمين غلام نبي شورو خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ پڻ عمر گھٽ ھئڻ واري اعتراض جي پٽيشن به داخل ڪئي وئي آھي، اميدوارن جي سوشل ميڊيا تي باقائدہ مھم شروع ٿي چڪي آھي. اھڙي ريت يونين ڪائونسل فقير ڳوٺ تي عبدالخالق سومرو جي سامھون ضلعي ڪائونسل جي سيٽ شيرازي ڀائرن جي حمايت يافتا اميدوارن عزيز مگسي ۽ پ پ جي ٽڪيٽ ھولڊر يوسي چيئرمين جي اميدوار محمد بخش بروھي جي سامھون سردار پير بخش بروھي جو پٽ رسول بخش عرف پپو بروھي کي ميدان تي لاٿو ويو آھي. جڏھن ته 8 يونين ڪائونسلن چليا تي پ پ اميدوار وڏيرو رسول بخش جاکرو جي سامھون راڄوڻي اتحاد جي نالي قائم ڪيل پ پ جي ناراض ڌڙي جي احمد جاکرو، سونڊا تي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ اميدوار سليم گندرو جي سامھون حاجي منور ھيلايو جي ڀاءُ يوسف ھيلايو کي جھرڪ تي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ اميدوار غلام نبي ٻٻر جي سامھون نور محمد ٻٻر، ٽنڊو حافظ شاھه تي پ پ جي دين محمد دل جي سامھون اصغر دل، اونگر تي پ پ جي اميدوار معشوق ٻٻر جي سامھون پشمه فيصل ٻٻر، صوف شورو تي پ پ اميدوار حيدر شاهھ جي سامھون ماستر نياز کوسو، ڄنگڙي تي پ پ اميدوار جي سامھون راڄوڻي اتحاد جي بھادر پالاري ۽ جھمپير تي پ پ جي احمد پالاري جي سامھون اڳوڻو وائيس چيئرمين غلام رسول عرف گڊو شورو بيٺل آھي. جڏھن تي يوسي جھمپير تي ڪوھستان راڄوڻي اتحاد جو پئنل به ميدان تي لٿل آھي. ھنن 8 يونين ڪائونسلن تي پ پ جي سامھون پ پ سان لاڳاپيل اميدوار لاٿا ويا آھن جن جي شيرازين بعد ھاڻي ويجھڙائپ محسن ھائوس سان رھي آھي تنھن ڪري عام تاثر اھو آھي ته کين پي ايس 78 جي ھيڊ ڪوارٽر محسن ھائوس جي خاموش حمايت حاصل آھي. اھڙي ريت گھوڙاٻايي تعلقي جي يوسي مھر تي پي پي جي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار مبارڪ رند جي سامھون شيرازين جي ويجھي ساٿي نظير ڪيھر، يوسي جاڙادالي تي پي پي جي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار لقمان جاڙو جي سامھون انور شاھه ڀاڏائي کي بيھاريو ويو آھي. يوسي ٻيٽ ميھار تي پي پي جي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار فتح خان بلوچ جي سامھون آزاد اميدوار محمد حسن عرف ابو شاھه، يوسي ڪيٽي بندر تي پي پي جي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار عبدالعزيز جت جي سامھون زوھيب علي شاھه کي آزاد اميدوار طور ميدان تي آندو ويو. گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر تي پي پي اميدوار جي سامھون بيھاريل آزاد اميدوارن جي وابستگي شيرازين سان ظاھر ڪئي پئي وڃي جيڪي ڪافي اميدوار شيرازي گروپ جي به ويجھو آھن جيڪي ڏٺو پيو وڃي ته اھي اميدوار حڪمت عملي تحت آندا ويا آھن ته جيڪڏهن شيرازين جي ويجھو رھندڙ پ پ پ جي ٽڪيٽ ھولڊرن کي ھٿ کڻايو وڃي ٿو ته شيرازي به پنھنجن ويجھن آزاد اميدوارن کي ھٿ کڻائي ڇڏيندا. جڏھن ته محسن ھائوس ۽ شيرازي ھائوس ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسلز تي بيٺل اميدوارن کي بيھارڻ کان لاتعلقي ظاھر ڪري رھيا آھن پر ظاھري طور اھا ڳالهھ واضح ٿي چڪي آھي ته اميدوارن کي ھائوسز جي پنھنجن پنھنجن آزاد طور اميدوارن کي حمايت حاصل آھي. ميرپور ساڪرو ۾ به پي پي جي سامھون پڻ آزاد اميدوار ميدان تي لٿل آھن جن ۾ مقابلو ٻڌايو پيو وڃي.
جيتوڻيڪ اليڪشن ٿيڻ سان عام ووٽر، رھواسي ۽ شھري سرھائي محسوس ڪري رھيا آھن ڇاڪاڻ ته ھي سڀ حڪمران جماعت جي ھڪ ڇٽي ھيٺ ھئڻ ڪري ڪا سگھاري اپوزيشن ناھي، جنھن سبب عام ووٽر کي ڪير کنگھڻ لاءِ ئي تيار نه ھو. جتي به اپوزيشن ھجي ٿي اتي عام ووٽر ۽ عام شھري جي اھميت ھجي ٿي راڄن ڀاڳن جي ڳالهھ ٻڌي وڃي ٿي. جيڪڏھن ھنن يونين ڪائونسلن تي اليڪشن ٿئي ٿي ته مقابلا دلچسپ ٿيندا جنھن ۾ پ پ پ جي تير جي نشان تي اليڪشن وڙھندڙ پنھنجي ئي پارٽي جي آزاد اميدوارن سان مقابلي بعد ڪجھه سيٽون وڃائي به سگھن ٿا. جڏھن ته ڪجھه سيٽن تي ايس ٽي پي، پورھيت مزاحمت تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ ۽ پي ٽي آءِ ۽ راڄوڻي اتحاد جا به اميدوار ميدان ۾ لٿل آھن جيڪي به ممڪن آھي ڪجھه جڳھين تان نمائندگي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن.