غالب بابت چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي دور کان تمام گهڻو اڳتي هو ۽ سندس شاعري هندستاني ڪلچر ۾ هڪ حيرتناڪ ۽ انوکي لقاءُ جي حيثيت رکي ٿي. غالب ۾ اهو اعليٰ دماغ ڪيئن پيدا ٿيو؟ نيٺ اهي ڪهڙيون شيون هيون جن هن عظيم شاعر کي جنم ڏنو؟ اهي اهڙا سوال آهن جن تي ادب جي ڪيترن ئي عالمن توجهه ڏنو آهي.
هر عظيم شاعر جيان غالب به پنهنجي دور، پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قوم سان اڻٽٽ طور واڳيل هو. سندس شخصيت کي رڳو اردو ۽ فارسي ٻوليءَ تائين محدود نٿو ڪري سگهجي جيڪي سندس اظهار جو وسيلو هيون. سندس شاعري هندستان جي مجموعي ڪلچر جي تاريخ ۾، ننڍي کنڊ جي عوام ۾ فنڪاراڻي شعور جي مجموعي ارتقاءَ جي تاريخ ۾ هڪ نهايت اهم ڪڙي جي حيثيت رکي ٿي ۽ ان ڪري ئي اسان جي خيال ۾ غالب جو هڪ بهتر ادراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ، سندس پيچيدي ۽ متضاد عالمي نقطه نظر جو پورو گيان حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان مجموعي طور هندستاني ادب جي پسمنظر ۾ ۽ ان جي ارتقاءَ جي اهم خاصيتن جي روشنيءَ ۾ سندس شخصيت ۽ سندس فن جو جائزو وٺون.
غالب جنهن دور ۾ زندگي گذاري اهو هندستان جي تاريخ جو ڏاڍو ڏکيو دور هو، تمام گهرن تضادن ۽ واضح ٽڪرائن جو دور هو. اهو اهو دور هو جڏهن هڪ سماج مري رهيو هو ۽ ٻيو جنم وٺي رهيو هو، جڏهن پراڻو ڪلچر ڇڙوڇڙ ٿي رهيو هو ۽ هڪ نئين ڪلچر جا بنياد پئجي رهيا هئا. ۽ تخليق ۽ ڀڃ ڊاهه جي اها ئي انوکائپ هئي جنهن ۾ سندس شاعري پچي راس ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انهن سڀني قدرن جي تباهي ۽ برباديءَ تي جن سان شاعر جو گهرو تعلق هو، ڏکن سورن جو احساس، نئين زندگيءَ لاءِ بلند ٿيندڙ خوشين سان ڀريل گيتن ۽ انسان جي عظمت تي پڪي يقين سان ڀاڪر پائيندي محسوس ٿئي ٿو. غالب ٻن دورن، وچين دور ۽ جديد دور جي ڪناري تي بيٺل هو. هڪ پاسي مرندڙ ڪلچر پوين پساهن ۾ هو ۽ ٻئي پاسي نئين ڪلچر جي آمد لاءِ ماحول گرم هو.
جديد ۽ قديم، مرندڙ ۽ اڀرندڙ عنصرن جو اهوئي پيچيدو ميلاپ 19هين صديءَ جي سموري هندستاني ڪلچر جي ڌار سڃاڻپ آهي. ان لڙ ۾ ڪيترائي گوناگون گيت ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جن ۾ ڪجهه اڻوڻندڙ آهن ۽ ڪجهه ٻين تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر جيڪڏهن ٻڌندڙ باذوق آهي ته کيس اصل حقيقت ڄاڻڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿيندي.
پنهنجي مختلف رجحانن باوجود 19هين صديءَ جو هندستاني ادب ارتقاءَ جو هڪ واضح رستو رکي ٿو جيڪو سڄي ملڪ جي معاشي، سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي عام رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو. هندستان جا اڪثر عالم، جن ۾ اتل چندر گپتا ۽ راما شنڪر جوشي به اچي وڃن ٿا، ان نئين رجحان کي “نشاط ثانيا” سڏين ٿا.
اسان کي “نشاط ثانيا” جي اصطلاح تي بنيادي طور ڪو به اعتراض ڪونهي ڇاڪاڻ ته اهو لفظ به هڪ خاص حد تائين 19هين صديءَ ۾ هندستاني عوام جي ادب جي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو، پر اسان جي خيال ۾ اهو وڌيڪ بهتر ٿيندو ته ان دور کي “روشن خياليءَ” جو دور چيو وڃي. 19هين صديءَ جي هندستاني ادب ۾ اسان کي اهڙيون ڪيتريون ئي خاصيتون نظر اچن ٿيون جيڪي اولهه جي ملڪن ۽ ڪجهه اوڀر جي ملڪن ۾ عوامي روشن خياليءَ تحت پيدا ٿيندڙ ادب ۾ موجود آهن ۽ جن لاءِ اهو لفظ وڏي پئماني تي استعمال ڪيو وڃي ٿو.
اچو ته هاڻي هندستان ۾ روشن خياليءَ تحت پيدا ٿيندڙ ادب جي شروعات ۽ ارتقاءَ جي شروعاتي شرطن جو جائزو وٺون ۽ ان جي خاص تصورن گڏوگڏ ان جي جمالياتي ۽ قومي خاصيتن تي نظر وجهون.
18هين صديءَ جي آخر ۾ هندستان هڪ گهري معاشي، سماجي ۽ سياسي بحران جو شڪار نظر اچي ٿو جيڪو جاگيرداري نظام جي شڪست جي پيداوار هو. اهو نظام پنهنجي مدي خارج سماجي سياسي، مذهبي ۽ فلسفياڻي گڏوگڏ جمالياتي خيالن ۽ تصورن سان گڏ ميسارجي رهيو هو. جاگيرداري نظام جي جھوليءَ ۾ سرمائيداراڻا رشتا جنم وٺي چڪا هئا ۽ تيزيءَ سان واڌويجهه ڪري رهيا هئا. هندستان ۾ نئين سماجي-معاشي نظام جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن اهو ملڪ بيٺڪي غلاميءَ جو قيديءَ بڻجي چڪو هو ۽ هوريان هوريان ان کي برطانيا لاءِ زرعي خام مال جي هڪ گودام ۾ تبديل ڪيو پئي ويو.
برطانوي بيٺڪيت پسندن هٿان هندستان جي غلامي سڄي ملڪ جي معاشي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي زندگيءَ ۾ واضح تبديلين جو سبب بڻي ۽ ان اتان جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ڪئي.
هندستاني سماج جي سڄي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلون آيون، 19هين صديءَ سان گڏ هندستان ۾ هڪ نئين دانشور طبقي جنم ورتو، جنهن نئين يورپي انداز ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ جنهن ملڪ جي سڄي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ ۾، هڪ نئين نظرئي ۽ ڪلچر جي ارتقاءَ ۾ ، هندستاني عوام ۾ قومي سجاڳي جو هڪ احساس پيدا ڪرڻ ۾ هڪ قومي پئماني تي سوال اٿارڻ ۽ جواب ڏيڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. 19هين صديءَ جي ان نئين بورجوا دانشور طبقي جي ميمبرن هندستان کي هڪ مجموعي وحدت جي روپ ۾، هڪ “واحد قوم” جي روپ ۾ ڏسڻ شروع ڪيو ۽ هندستان ۾ بورجوا قومن جي تشڪيل لاءِ نئين عمل جي نتيجي ۾ هڪ ٺوس سياسي ۽ معاشي وحدت کي جنم ڏنو هو. سڄي هندستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي، سياسي ۽ سماجي اڀار ملڪ جي مختلف حصن ۾ تهذيبي احياءَ جا هڪجهڙا رجحان پيدا ڪيا جيڪي قومي سجاڳيءَ جي جذبي تي ٻڌل هئا. هندستان جي مختلف خطن ۾ معاشي، سماجي، سياسي ۽ تهذيبي ترقيءَ جي انهن مختلف مرحلن جي بنياد تي جيڪي برطانوي اثر هيٺ هئا، احياءُ جو اهو عمل سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو نه هو.
نئون دور سڀ کان پهرين ملڪ جي اوڀر واري حصي يعني بنگال ۾ شروع ٿيو. هوريان هوريان ان جا اثر سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ لڳا. بنگال کان پوءِ مدراس ۽ بمبئي جا ضلعا ان سان روشن ٿيا ۽ پوءِ هندستان جا وچان ۽ اتريان خطا.
هندستان ۾ قومپرست نظرئي ۽ روشن خيال ادب جو باني رام موهن راءِ هو. سندس تمام ڪارائتا ۽ زندگيءَ سان ٽمٽار خيال نئين ادب جي ترقيءَ جو بنياد بڻيا ۽ انهن ئي خيالن سندس خاص تصورن ۽ جمالياتي خاصيتن جو تعين ڪيو. وچين دور جي وحشي پڻي ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف گڏوگڏ جاگيرداراڻي ڌرمي ڇسائپ تي عقل ۽ سائنس جي سوڀ ۽ نون سماجي لاڳاپن کي طئي ڪرڻ بابت زبردست جدوجهد لاءِ رام موهن راءِ جيڪو آواز اٿاريو ان جي ڪيترن ئي هندستاني ليکڪن پٺڀرائي ڪئي ۽ کيس اهڙيون لکڻيون لکڻ جو حوصلو مليو جيڪي روشن خياليءَ جي تصورن سان ٽمٽار هيون. بنگال جو پهريون سماجي ناول، جيڪو ناصحاڻو ناول هو، رام موهن راءِ جي هڪ پوئلڳ پري چند مترا 1857 ۾ لکيو، ان ناول جو نالو هو “وڏي گهر جو ٽوٽي پٽ”
1854ع ۾ رام نارائڻ تارڪ تن هڪ ڊرامو لکي بنگالي ادب ۾ هڪ نئين رجحان جو بنياد وڌو. “برهمڻ لاءِ عزت کان وڌيڪ ڪا به شئي ڪانهي” نالي ڊرامو اهڙي اسلوب ۾ لکيو ويو هو جنهن ۾ هندوئن جي مدي خارج ريتن رسمن کي طنز جو نشانو بڻايو ويو هو.
بنگالي گڏوگڏ هندستاني عوام جي ٻين ٻولين جي ادب ۾ روشن خياليءَ جي دور جي شروعاتي مرحلي جي خاصيت اها هئي جو هڪ قومي ٻوليءَ جي تشڪيل جون ڪوششون ڪيون ويون. رام موهن راءِ جائز طور جديد بنگالي ادب جو باني ۽ “بنگالي نثر جو ابو” سڏيو وڃي ٿو.
بنگالي ٻوليءَ جي انهن اديبن جي تخليقن ۾ انسان دوستيءَ جا جذبا نظر اچن ٿا جن روشن خياليءَ جا تصور اختيار ڪيا هئا. تصوف جي نقاب پويان انهن حقيقي ۽ زندگيءَ سان ٽمٽار انسانن جا وسب وڌ کان وڌ چٽا ٿيندا ويا جن کي وچين دور جي جاگيرداري نظام چيڀاٽي ڇڏيو هو. نوان ڪردار سامهون آيا، اهي اهي ڪردار هئا جيڪي پنهنجي ماحول سان واڳيل هئا، پنهنجي قسمت مان غيرمطمئن هئا ۽ ان حيثيت خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا جيڪي مذهب ۽ ريتن رسمن زندگيءَ جي ميدان ۾ انهن لاءِ مقرر ڪيون هيون. اهي اهي سماجي فرد هئا جن کي پنهنجي شهري فرض ۽ سماجي ذميواريءَ جو احساس هو ۽ جن مذهبي تعصبن کان ڇوٽڪارو ماڻي ورتو هو.
ان مذهبي سڌاري جي، جيڪو نئين ادب جي واڌويجهه جي سلسلي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو، خاصيت اها هئي جو ثقافتي ورثي جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هندستاني عوام قومي مفادن جي علمبرداريءَ جي سلسلي ۾ ان کي ڪتب آندو.
19هين صديءَ جي بنگالي اديبن جي هيءَ ڪوشش ته پنهنجين تخليقن ۾ سچائيون پيش ڪيون وڃن ۽ ڳنڀير مسئلن کي اڀاريو وڃي جن سان ان وقت هندستاني آباديءَ جا ترقي پسند حلقا منهن ڏئي رهيا هئا، هڪ نئين طرز جي فنڪاراڻي فڪر جي واڌويجهه جو سبب بڻي.
(هلندڙ)