ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

طاقتور شخص کان شڪايتون به، وري ڳالهيون به!

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

ملڪ جو پوليٽيڪل آرڊر، ٻه واٽي تي آهي، ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ساٿ ڪنهن جو ڏيڻو آهي ۽ مخالفت ڪنهن جي ڪرڻي آهي! اهي قوتون يا هڪ شخص جنهن کي طاقت جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو، ان ئي ساڳي شخص سان ڳالهين جا در بند ڪيا وڃن ٿا، سيل فون جا نمبرز به بلاڪ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي، ان ساڳي شخص جي باري ۾ پڇا ڪرڻ تي چيو ٿو وڃي ته اهو هڪڙو آهي، جيڪو Bone of contention آهي. هاڻ ان شخص سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان کي ئي چيو پيو وڃي ته هو ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائي، جنهن بعد ملڪ جون واڳون ان جي حوالي ڪيون وڃن، اهو شخص وري رٽائرڊ فوجي عملدارن ۽ اهلڪارن سان ملاقات دوران چئي چڪو آهي ته هِن شخص جي زيرو ڪارڪردگي هئي، اسان ڏاڍيون ڪوششون ڪيون، پر ناڪام ٿياسين، انڪري اهي، جن کي “چور، ڌاڙيل ۽ ڦورو” سڏيو ويو، اقتدار جون واڳون به انهن جي ئي حوالي ڪيون ويون. هي شخص جيڪو پاڻ کي اسٽيبلشمنٽ جي واحد چوائس قرار ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته ان جو ڪوبه متبادل ناهي، هاڻ هو اقتدار جي ايوانن کان ٻاهر آهي. هن جي موجوده سياسي سسٽم ۾ ڪابه گنجائش ناهي ۽ هي تاثر به ڏنو پيو وڃي ته آئينده به ڪا گنجائش نه هوندي. پر اهي جيڪي پاڪستان جي سياست ۽ خاص ادارن جي سياست کان واقف آهن، انهن کي خبر آهي ته جن کي ڏهن ڏهن سالن لاءِ ڏيهه نيڪالي ڏني وئي، جن کي اقتدار کان هميشه کان الڳ ڪيو ويو، اهي ساڳيا، وري وري اقتدار ۾ آيا. ان مان هڪڙو ئي نتيجو نڪري ٿو ته سياستدانن جا گهٽ ته بند ڪري نٿا سگهجن، پر اهي جيڪي اسپيڊ بريڪر هوندا آهن، اهي رستي تان هٽي ويندا آهن. هي ڳالهه انهن سياستدانن لاءِ جن جون پاڙون عام ماڻهوءَ جي دل ۽ دماغ ۾ آهن، پر اهي جيڪي پاڻ هائبرڊ نظام جي پيداوار آهن، جيڪي زمين تي پير کوڙڻ بدران خيالي دنيا جا خالق آهن، انهن لاءِ ساڳي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي يا نه؟ ان لاءِ ڏسڻو پوندو ته ڪير عوام منجهان آهي ۽ ڪير ڪاسميٽڪ انداز ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
اهي سياسي کيڏاري جيڪي هڪ ئي وقت بليڪ ميلنگ جي سياستدان ڪن ٿا، هو دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي جيڪي ادارن کي مجبور ڪن ٿا ته انهن کي قبول ڪيو وڃي، هاڻ انهن جو ٻٽو ورتاءَ واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي. اهي جيڪي چون ٿا ته اهي عوام جي صفن مان آيا آهن، ممڪن آهي ته ائين هجي، پر ان جي باوجود اهي ادارا جيڪي چونڊون ڪرائي سگهن ٿا، اهي سياسي قوتون جن سان ان معاملي تي ڳالهائڻ بدران، انهن ڌرين سان ڳالهايو وڃي، يا انهن کي منٿ ميڙ ڪئي پئي وڃي، جن تي وري وري زور ڀريو وڃي ٿو ته اهي سياسي معاملن ۾ ٽنگ نه اڙائين. هي انهن کي مجبور ڪن ٿا ته اهي “نيوٽرل” نه رهن، ڇاڪاڻ ته بقول انهن جي نيوٽرل ته جانور ٿيندا آهن!
هينئر جلد چونڊون ڪرائڻ لاءِ جوڙ توڙ ٿي رهي آهي. پر اهي طاقتور ڌريون، جيڪي سياسي قوتن کي جلد چونڊن ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪري سگهن ٿيون، اهي ظاهري طور ان موڊ ۾ نظر نٿا اچن. هنن کي هڪ ٻيو هائبرڊ نظام جوڙڻو ناهي. هو سمجهن ٿا ته هينئر جنهن قسم جي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ صورتحال آهي، ان ۾ ٽنگ اڙائڻ جو مقصد موجوده سموري نظام کي پٽڙي تان لاهڻ برابر ٿيندو. انهن جو تجربو ناڪام ٿيو، هو سياستدانن بدران کلاڙين کي وٺي آيا، پر نتيجو جيڪو نڪتو، ان سان ملڪ اڳتي وڃڻ بدران پوئتي ويو. هو پاڻ به مڃين ٿا ته شروعاتي ٻه سال ته انهن کي ڪجهه به نظر نه آيو، پوءِ باقي ڏيڍ سال، انهن Pick ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن کي چيو ويو ته مهرباني هاڻ گهر وڃون، ٻي صورت ۾ ملڪ جو هلڻ ممڪن نه هوندو. بقول موجوده حڪمرانن جي ته عمران خان معاشي توڙي سياسي ميدان ۾ بارودي سرنگهون وڇائي ويو. انڪري هو ٻه ٽنگا ڦاسي پيا آهن. هي ڳالهه به لاڳاتار ڪئي پئي وڃي ته جيڪو مهانگائي جو طوفان آيل آهي، جنهن ۾ ساهه کڻڻ کانسواءِ هر ميٽيرل شيءِ تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. هنن گيس ،بجلي، کاڌي جي تيل، اٽي ڀاڄين سميت ڪابه اهڙي شيءِ نه ڇڏي آهي، جنهن تي ٽيڪس لاڳو نه ٿيو هجي. ان جي باوجود حڪمران به چون ٿا ته هنن ته غريبن بدران اميرن تي ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن. هنن پهريون ڀيرو ائين ڪيو آهي! هنن کان ڪو پڇي ته ڇا اٽو رڳو امير کائيندا آهن، کاڌي جو تيل به غريب استعمال نه ڪندا آهن؟هو ڀاڄيون ته پاڻي ۾ پچائيندا آهن. غريبن کي نه بجلي گهرجي، نڪي گيس، بس هو رات جو کليل آسمان هيٺ گذاريندا آهن ۽ ڏينهن جو گرمي جي تپش برداشت ڪندا آهن! آخرڪار بقول حڪمرانن جي هي سڀ شيون اميرن جي استعمال جون آهن، غريبن کي مٽي کائي زندهه رهڻ گهرجي!
موجوده حڪمرانن، عمران خان جي حڪومت جي بيگيج کي عام ماڻهو تي مڙهي ڇڏيو آهي، يا هو پاڻ به اهو ئي چاهين ٿا. هو حڪمراني ڪهڙي نوعيت جي ڪن ٿا؟ هو عمران خان جي حڪومت کان الڳ ڪهڙي طريقي سان عوام جي ابتي کل لاهي رهيا آهن! هي سڀ ڪجهه ٻڌائڻو پوندو. هاڻ ته مفتاح اسماعيل ٽي وي تي اچي ٿو ته ماڻهو اسڪرين آف ڪري ڇڏين ٿا. هنن کي ڊپ آهي ته ڪٿي هو اهڙو اعلان نه ڪري وجهي، جو انهن جي ڪمزور دل ٽٽي پئي يا وري بلڊ پريشر هاءِ ٿي وڃي. انڪري هو اهڙي ڪابه خراب خبر ٻڌڻ جي موڊ ۾ ناهن. هن ڀيري ته هڪ طرف ناڻي جو اڳوڻو وفاقي وزير شوڪت ترين چئي رهيو هو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي، پر مفتاح اسماعيل چئي ٿو ته انهن ملڪ کي ڏيوالي نڪرڻ کان بچائي ورتو آهي! هن سٺي خبر به پهريون ڀيرو ٻڌائي، چيائين ته تيل جي قيمت جيڪا عالمي مارڪيٽ ۾ 130 ڊالر في بيرل هئي، هاڻ ان ۾ 30 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت به گهٽجي وئي آهي، وڏي ڳالهه ته کاڌي جو تيل، جيڪو مقامي مارڪيٽ ۾ 600 رپيا ڪلوگرام ٿي ويو هو، ان ۾ 150 کان 250 رپين تائين گهٽتائي جو امڪان آهي! مفتاح اسماعيل هي سڀ ڪجهه چئي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ وري گيس جي قيمت ۾ 400 سيڪڙو تائين واڌ جو فيصلو ڪيو! ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڪنهن ۾ به گهٽتائي ناهي، جهڙا اڳوڻا حڪمران هئا، اهڙا ئي موجوده به آهن.
هاڻ سوال آهي ته سموريون سياسي پارٽيون ظاهري طور تي چاهين ٿيون ته حڪومتي ڪاروهنوار ۾ اسٽيبلشمنٽ جي مداخلت نه هجي. بقول انهن جي ته جيستائين طاقتور ڌريون ٽنگ اڙائينديون رهنديون، جمهوري يا سويلين نظام نه صرف مضبوط نه ٿيندو، پر ميچوئر به نه ٿيندو. هي حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن نظام کي پيرن تي بيهارڻو آهي ته ان کي ڪرڻ ۽ اٿڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو ته جيئن اهو عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري سگهي. ان سان گڏ اهو به طئي ڪرڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ معاشي بحران آهي ته پوءِ ڪهڙي اداري کي ڪيتري بجيٽ ڏيڻي آهي؟ دولت جي ورڇ ڪهڙي ريت ڪرڻي آهي، اهو اختيار به عوامي حڪومت کي هجڻ گهرجي. پر سوال هي به آهي ته ڇا سواءِ اسٽيبلشمنٽ جي ڪو ٻيو اهڙو ادارو ڇڏيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي ليکي فيصلا ڪري سگهي؟ جواب نهڪار ۾ آهي. سيکڙاٽ سياستدانن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي، انهن جي ڪمزورين واڳ ڌڻين کي مداخلت جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا آهن. پر اڄ يا سڀاڻي، بقول بنگلاديش جي وزير اعظم جي ته فورسز کي بيرڪن ۽ مولوين کي مسجد تائين محدود ڪرڻو پوندو. اهي سياسي اڳواڻ، جيڪي اقتدار جي بک سبب مختلف ادارن کي پڪاريندا آهن، انهن کي عوام کي عاق ڪرڻو پوندو. ان سان گڏ ادارن کي به پاڻ کي سياسي معاملن کان پرڀرو ڪرڻو پوندو. ڪنهن به رياست ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جا حق ۽ واسطا آهن، انهن جي حقن کي آئين جي حدن ۾ تحفظ به مليل آهي، پر ادارن جي هڪٻئي مٿان چڙهائي کي روڪڻو پوندو. ان لاءِ پهريان ئي آئيني بندوبست ٿيل آهي، اهي سياستدان جيڪي ادارن کي مداخلت جي دعوت ڏين ٿا، انهن لاءِ به قانون موجود آهي، اهي جيڪي اقتدار تي قبضو ڪن ٿا، انهن جو به آئيني بندوبست ٿيل آهي. ان جو مقصد هي ٿيو ته سموريون ڌريون آئين جي مٿڀرائپ کي قبول ڪن ته معاملا درست ٿي سگهن ٿا. اهي ادارا، جن جا سربراهه جسٽس جاويد اقبال جهڙا هوندا ته پوءِ انهن جا جيڪي اڇا ڪارا ظاهر ٿي رهيا آهن، انهن کي ڏسي ڪري ڪنڌ شرم کان جهڪڻو ته پوندو. ان معاملي ۾ به سوچڻو پوندو ته آخرڪار ان شخص، جنهن جو ڪردار داغدار آهي، ان ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو سمورين اهم ڪميشنز جو ان کي سربراهه بڻايو وڃي ٿو. اهي ادارا جيڪي اهڙن ماڻهن کي وٺي اچن ٿا ۽ اهي جيڪي اهڙن ماڻهن جي سر تي تاج رکن ٿا، انهن کي به سوچڻو پوندو. هن ملڪ جي نظام کي هلائڻ لاءِ سمورن ادارن ۽ سياسي پارٽين کي ميثاق ڪرڻو پوندو ته جيئن گڏيل ڏاهپ جي بنياد تي ملڪ کي هلائي سگهجي. ٻي صورت ۾ سريلنڪا جهڙا واقعا معمول بڻجي ويندا ۽ ان جي قيمت به ڪمزور طبقن کي ادا ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button