هندستاني بتن جي روايتي تصورن ۾ هڪ نئين ۽ اهم معنويت پيدا ڪرڻ ان فڪر جي اهم خاصيت هو. حقيقتن کي فنڪاراڻي نموني ڏندڪٿائي رنگ ڏيڻ وارو اهو اسلوب جيڪو هندستان ۾ روشن خياليءَ جي هڪ خاص خاصيت هو، هڪ اهڙي ادب جي ارتقاءَ ۾ فطري وک جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو پنهنجي دور جي حالتن سان گهرائيءَ سان واڳيل هجي.
اولهه سان رابطن بنگال جي ڪيترن ئي دانشورن کي ان لائق بڻايو ته اهي يورپي ڪلچر گڏوگڏ اولهه جي فلسفياڻي ۽ جمالياتي خيالن کان واقف ٿي سگهن ۽ ان واقفيت جي ڪري پنهنجي تاريخ ۽ ثقافتي ورثي جو جديد سائنسي نقطه نظر کان جائزو وٺي سگهن.
هندستان جي سڀني ٻولين جي ان ادب جي ارتقاءَ جي، جيڪو هندستاني قوميت جي جمهوري لاڙن جو آئينو هو، خاص ڍنگ اهو هو ته هندستان جي گذري ويل عظمت جي تصوير نئين سر اڀاري وڃي، شاندار ماضيءَ جي خراب حال سان ڀيٽ ڪئي وڃي ۽ هندستاني بتن جي خزاني مان اهڙا موضوع ۽ تصور پيش ڪيا وڃن جيڪي هندستاني عوام جي عظمت جو احساس ڏياريندا هجن.
هندستان جي ٻين حصن ۾ هڪ نئين ادب جي ارتقاءَ جي شروعات ٺيڪ ان وقت ٿي جڏهن بنگالي ادب روشن خياليءَ جي دور جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو هو ۽ ايئن پنهنجي ثقافتي ترقيءَ جي سلسلي ۾ بنگال هندستان جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ تقريبن اڌ صدي اڳيان هو.
بنگالي ادب جي ارتقاءَ جي واٽ هندستاني عوام جي ٻين ٻولين جي ادب لاءِ هڪ خاص حد تائين هڪ نمونو ۽ جمالياتي پرک بڻجي وئي، ادب جون اهي روايتون بنگالي ادب سان نظرياتي ۽ پيدائشي طور واڳيل هيون. ٻين هندستاني ٻولين جا ڪيترائي اديب بنگال جي وڏن اديبن کان متاثر ٿيا، هنن انهن اديبن کان حقيقت جي فنڪاراڻي تشريح جو طريقو سکيو ۽ انهن ذريعي ئي عالمي ادب کان واقف ٿيا. رام موهن راءِ جو نظريو، جنهن بنگالي ٻوليءَ ۾ روشن خياليءَ جي تصورن جو بنياد وڌو هو، سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو، ۽ ان سان هندستان جي سموري عوام ۾ قومي سجاڳيءَ جو احساس پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. 19هين صديءَ جي مڌو سوڌن دتا ۽ بنڪم چندر چٽوپاڌيائي جهڙن عظيم بنگالي اديبن جي تخليقن جو هندستان جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو. هندستان جي ڪيترن ئي اهڙن اديبن، جن اڳيان هلي پنهنجي لاڳاپيل قومي ادب جي ترقيءَ ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن بنگالي اديبن جي تخليقن جي ترجمي وسيلي يا وري انهن جي نقل ذريعي پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. انهن ۾ اهڙا به آهن جن بنگال جي سير دوران ڪلڪتي جي ادبي زندگيءَ کان فيض حاصل ڪيو.
غالب جي شاعريءَ جو اڀياس ڪندڙ ڪيترن ئي قلمڪارن جو چوڻ آهي ته 19هين صديءَ جي ٽين ڏهاڪي جي اڌ ۽ آخر ۾ ڪلڪتي جي سفر سندس لکڻين تي واضح اثر وڌو. مثال طور پي ايل لکن پال چئي ٿوِ: “ڪلڪتي جي سفر کان پوءِ غالب اردو ۽ فارسيءَ ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ان ۾ تازگي ۽ نواڻ ملي ٿي. زندگيءَ سان ٽمٽار مواد تي گرفت جو دائرو موڪرو ٿي ويو آهي ۽ انسان ۽ فطرت جي اندروني دنيا ۾ اثر جو عمل وڌيڪ گهرائي حاصل ڪري ويو آهي.” گذريل صديءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾ ڪلڪتي جي سفر جديد هندي ادب جي باني ڀارتيندو هرشچندر تي به گهرو اثر وڌو هو.
جنهن وقت هڪ نئين دور جو سج بنگال، مهاراشٽر ۽ بمبئي ۾ اڀري چڪو هو ۽ انهن شهرن ۾ هڪ نئون ڪلچر جنم وٺي چڪو هو جيڪا قومي سجاڳيءَ جي گهرج هئي، ان وقت وچين ۽ اترئين اولهندي هندستان ۾ هلڪو ڪرڻو به مشڪل سان نظر ايندو هو. جاگيرداراڻي مسلم تهذيب جا دهلي، لکنئو ۽ لاهور جهڙا مرڪز جتي اردو ادب جي واڌويجهه ٿي رهي هئي گڏوڏگڏ هندوئن جا پوتر شهر بنارس ۽ اله آباد جيڪي هندي ادب جون جنم ڀوميون آهن، نئين ڪلچر جي مرڪز ڪلڪتي، بمبئي ۽ مدراس کان چڱي وٿيءَ تي هئا. انهن شهرن ۾ معاشي، سماجي، سياسي ۽ تهذيبي زندگيءَ تي اڃا به جمود طاري هو ۽ ڳپل وقت تائين طاري رهيو. درٻارن جي تهذيب ۽ آڳاٽي هندستاني روايتن جون پاڙون اتي گهريون هيون. مذهبي تصور حاوي هئا. بيٺڪي حڪمرانن هندو مسلم نفاق جو جيڪو ٻج هٿرادو نموني ڇٽيو هو ۽ خاص طور ملڪ جي انهن علائقن ۾ هنن چڱي وقت تائين انهن هندستانين جي قومي سجاڳيءَ جي راهه روڪي رکي جن جي ٻولي ٻه ادبي شڪليون اختيار ڪيون جن کي هندي ۽ اردو چيو وڃي ٿو.
پر وچين ۽ اترئين اولهندي هندستان ۾ هندوئن ۽ مسلمانن ۾ تضاد عوامي صفن تائين نه پهچي سگهيا. انهن جا اثر خاص ڪري سماج جي مٿين طبقن تائين محدود رهيا جن مذهبي ۽ فرقيواراڻي نفاق کي پنهنجن ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جواهر لال نهرو چيو آهي ته جيستائين عوام جو سوال آهي ته شايد اتي هندوئن ۽ مسلمانن وچ ۾ ڪو به بنيادي فرق نظر نٿو اچي. رسم ۽ رواج، زندگي گذارڻ جو طور طريقو ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان انهن ۾ ڪو به فرق ڪونهي. غربت ۽ بدحالي سندن گڏيل دولت هئي.
هندستان جي علائقن ۾ صدين تائين هندوئن ۽ مسلمانن جي پاڙيسرين جيان رهڻي ڪرڻي، سندن مقصدن ۽ مفادن جي وحدت ۽ سندن تاريخي مقدرن جي ايڪتا وچين دور ۾ هندو مسلم گڏيل تهذيب کي جنم ڏنو. جديد دور ۾ هڪ واحد قوم جي صورت ۾ سندن اتحاد جي واٽ سڌي ڪئي. ان تهذيبي ميلاپ جو اظهار خاص ڪري هيئن ٿئي ٿو جو وچين دور جي سڄي مدي ۾ هندي ۽ اردو ادب هڪٻئي مان فائدو کڻندا رهيا اردو ادب هندستان جي انهن ئي علائقن ۾ جنم ورتو جيڪي هندي ادب جا علائقا هئا. ٻئي ادب جيڪي هڪ ئي قوم جي ملڪيت آهن هڪجهڙين تاريخي حالتن ۾ وڌيا ويجهيا. تڏهن به جتي هندي ادب وچين دور دوران هندستان جي سموري ڪلاسيڪي ورثي مان فيض حاصل ڪيو اتي 14هين صديءَ کان 19هين صديءَ تائين جو اردو ادب ٻين سرچشمن جو سنگم بڻيل رهيو. اهي هئا فارسي ڪلاسيڪي ادب ۽ هندستان جون ادبي روايتون. وچين دور ۾ هندي ۽ اردو ٻنهي ٻولين جي شاعري ٻن مختلف لاڙن جي پيچيدي عمل ۽ ردعمل جي نمائندگي ڪري ٿي يعني جاگيرداراڻا ۽ جمهوري لاڙا. هندي شاعريءَ ۾ عوام جي ڳنڀير عقليت پسندي ۽ استحصال جو شڪار ٿيندڙ عوام، جيڪو طبقن ۽ ذات پات جي حدن ۾ قيد هو، جو احتجاج برهمڻن جي راهباڻي ڌرمي نظرئي سان ٽڪرائي ٿو ۽ اردو شاعريءَ ۾ ان جو ٽڪر مسلم ملائن جي رجعت پرست فلسفي سان ٿئي ٿو. هندي ۽ اردو ادب ۾ اهي انهن جا جمهوري لاڙا آهن جيڪي گڏيل قدر جي حيثيت رکن ٿا. انهن جمهوري لاڙن جو جنم هڪجهڙين حالتن ۾ ٿيو. هندي ۽ اردو ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندڙ ڪيترن ئي شاعرن حقيقي زندگيءَ مان موضوع کنيا ۽ انهن ترقي پسند آدرشن جو آواز بلند ڪيو جيڪي عوام جي مفادن سان ٺهڪندڙ هئا. انهن ماڻهن هندستاني عوام جي بهترين قومي روايتن کي مالامال ڪيو ۽ انهن کي ترقي ڏني.
وچين دور جي ڪيترن ئي اردو شاعرن جي هتي مسلم اخلاقيات جي انتهاپسنداڻن ۽ ناصحاڻن موضوعن، جنسي مضمونن ۽ روايتي مذهبي مشقن سان گڏ اهڙيون تخليقون به ملن ٿيون جن ۾ خيال جي آزادي، مذهبي درياهه دلي، فطرت پسندي، زندگيءَ جي خوشين جو احساس ۽ انساني عظمت جي واکاڻ جو جذبو جاري آهي. اهي ترقي پسند تصور گولڪنڊا (16هين صديءَ) جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، ان جون جهلڪيون محمد قلي قطب شاهه ۽ صدرالدين محمد فائز (18هين صديءَ جي شروعات) ولي اورنگ آبادي (1667-1741) مير تقي مير (1713-1810) مير درد (1721-1782) نظير اڪبر آبادي (1740-1830) گڏوگڏ ٻين شاعرن ۾ نظر اچن ٿا.
جتي وچين دور جي هندي شاعري تصوف کان متاثر ٿي اتي اردو جي شاعري وڏي حد تائين ڀڳتي تحريڪ جي نظرئي جو اثر قبول ڪيو. عوام جي آسن ۽ خواهشن جي ترجماني ڪندي هندي ۽ اردوءَ جي ترقي پسند شاعرن هندو مسلم فرق جي مذمت ڪئي ۽ هندستان جي سمورن رهواسين وچ ۾ دوستي ۽ هيڪڙائيءَ جو آواز بلند ڪيو.
وچين دور جي هندي ۽ اردو شاعريءَ جي گڏيل نظرياتي ۽ جمالياتي ڪردار جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ٻنهي ٻولين جي شاعرن هڪ ئي سرچشمي کان فيض ورتو، جنهن کي لوڪ گيت چون ٿا. لوڪ گيتن هندي ۽ اردو شاعريءَ کي عوامي ادراڪ ۽ نون تصورن سان مالامال ڪيو. هندي ۽ اردو ٻنهي ٻولين جي شاعريءَ ۾ انهن عوامي گيتن جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، جيڪي ميلن، وهانءُ جي رسمن ۽ مذهبي عبادتن دوران ڳاتا وڃن ٿا. ڪلاسيڪي فارسي شاعريءَ جي شيرين ۽ فرهاد، ليليٰ مجنون گڏوگڏ هندستان جي آڳاٽي رزميه شاعري جا ڪردار رام ۽ سيتا، نل ۽ دمينتي، ارجن ۽ دروپدي، هندي ۽ اردو ٻنهي ٻولين جي شاعريءَ ۾ نظر اچن ٿا. فارسي شاعريءَ جا گل و بلبل ۽ شمع ۽ پروانو جهڙيون علامتون گنگا ۽ هماليا، ڪنول جا گل ۽ هاٿي، گڏوگڏ انهن ٻين تصورن ۽ علامتن سان گڏگڏ ملن ٿا جيڪي هندستان جي ڪلاسيڪي روايتن جو حصو آهن. وچين دور جي هندي شاعري اردو شاعريءَ جي ٻولي ۽ بيان ۽ عروض جي فن جا ڪارائتا اثر قبول ڪيا. وڏي حد تائين اردو شاعريءَ جي انهيءَ اثر جي ڪري جديد هندي شاعريءَ ۾ هڪ اهم تبديلي آئي.
(هلندڙ)