ڇا حڪومت جو فرض فقط ايترو آهي ته جڏهن مينهن جي موسم اچي، تڏهن ايمرجنسيءَ جو هڪ عدد نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏي ۽ بس!
ها حڪومت جو ڪم ايترو ئي آهي پر شرط اها آهي ته جيڪڏهن اها حڪومت اسان جي ملڪ جي هجي. جڏهن ته هاڻي اسان جي ملڪ ۾ به مختلف درجا پيدا ٿي پيا آهن. جيڪڏهن پنجاب جي صوبائي حڪومت آهي ته ان جو انداز ڪجهه الڳ آهي. جيڪڏهن خيبر پختون خوا جي حڪومت آهي ته ان جو انداز ڪجهه ٻيو هوندو. جڏهن ته اسان پنهنجي پياري سنڌ سرڪار جو حال ته پنهنجين اکين سان ڏسي رهيا آهيون. هونءَ به هٿ ۾ پاتل ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت؟
سنڌ حڪومت جو حال اهڙو ئي آهي، جهڙو برسات کان پوءِ سنڌ جو حال نظر اچي رهيو آهي. اها برسات ته اصل ۾ قدرت جي رحمت آهي پر غلط سرڪاري نظام سبب اها برسات ماڻهن جي لاءِ زحمت جو باعث بڻجي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي ته برسات جي تعريف اسان صرف فيس بڪ تي ڏسي ۽ پڙهي رهيا آهيون. جڏهن ته سوشل ميڊيا ۽ سچائيءَ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. سوشل ميڊيا جيڪو ڪجهه لکي رهي آهي، حقيقت ان جي ابتڙ آهي. سوشل ميڊيا تي ٿر جي حوالي سان لکڻ وارن کي اهو احساس هجڻ گهرجي ته سنڌ سموري ٿر ناهي. سنڌ ۾ اڪثر حصو انهن ننڍڙن شهرن ۽ ڳوٺن تي مشتمل آهي، جتي برسات سبب زندگي مفلوج ٿي وڃي ٿي. جتي پورو نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو. ڪنهن به حڪمران کي به ان ڳالهه جو ڪو احساس ڪونهي ته اسان وٽ چوماسي جا مينهن ڪهڙي عذاب کي آڻين ٿا. ڇو ته اهي حڪمران برسات سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي پنهنجي سياسي فائدي ۾ استعمال ڪندي ڪڏهن ڪڏهن مينهن ۾ چهل قدمي ڪندا نظر ايندا آهن. جڏهن ته برسات جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ڏهن منٽن جي واڪ ڪرڻ ۽ برسات جي موسم سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي ڏينهن رات برداشت ڪرڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته حڪمرانن ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ دوکي جي هڪ وڏي ديوار آهي. اها ديوار هن مهل تائين ڪا به سياسي جدوجهد ٽوڙي نه سگهي آهي. جڏهن ته اصل چئلينج اها ئي آهي ته ڪنهن طرح سان اها ديوار ٽوڙي سگهجي!!
حڪمران عوام سان هڪ نه پر هزارين دوکا ڪن ٿا ۽ اهي دوکا انهن کي ڦٻي به وڃن ٿا. ڇو ته پورو سسٽم سرڪار جي سپورٽ ڪري ٿو. جهڙي طرح حڪمران اسان کي جمهوريت جي نالي ۾ هر ڀيري هڪ وڏي دوکي سان نوازن ٿا ۽ اسان کي ووٽن واري قطار ۾ بيهاري چون ٿا ته اها ئي جمهوريت آهي. جڏهن ته اها جمهوريت جي ابتدا آهي. ووٽ وجهڻ جو مطلب جمهوريت جي شروعات آهي. جڏهن ته حڪمرانن جي لاءِ ووٽ وجهڻ جو مطلب جمهوريت جي تڪميل آهي. ووٽ وڌو. ڪم ڇٽو. هاڻي اوهان کي اهي اميدوار ڪنهن به طرح سان ۽ ڪٿي به نظر نه ايندا، جيڪي ووٽن واري مند ۾ اوهان کي هر گهٽيءَ ۾ گهمندا ٿي نظر آيا. جيڪي چونڪن ۽ چوواٽن تي بيهي تقريرون ڪري رهيا هئا ۽ جيڪي اعلان ڪري رهيا هئا ته جمهوريت جو جهنڊو جهوليندو ۽ عوام کي تاريخ جي عظيم فتح نصيب ٿيندي. انهن کي پڇڻ جي ضرورت آهي ته ان فتح جو ڇا ٿيو؟ اها جدوجهد ڪيڏانهن وئي؟ پر اهي سوال پڇڻ جي نوبت ته ان وقت ايندي، جنهن وقت اسان کي اهي اميدوار هٿ اچن. هتي ته نظام ڪجهه اهڙو آهي، جو ووٽ وٺڻ ۽ ووٽ وٺي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ اميدوار وزير بڻجي پوليس جي پهري ۾ هليا وڃن ٿا ۽ ڪنهن به طور تي عوام کي هٿ نه ٿا اچن. جيڪڏهن اهي عوام کي ملن ته عوام انهن کان پڇاڻو ڪري. اسان جا قلمڪار جيڪو ڪجهه لکن ٿا، اهو ڪجهه پڙهڻ جي لاءِ انهن حڪمرانن وٽ نه وقت آهي ۽ نه انهن کي اهڙا ليک پڙهڻ جي ڪا ضرورت آهي.
اسان جا حڪمران جيڪڏهن عوام جو اهنج معلوم ڪرڻ چاهين ته انهن کي صرف پنهنجن گهرن مان نڪري انهن گهٽين ۾ اچڻو پوندو، جتي عوام جو حال بي حال ٿيندو آهي. هن برسات ۾ سنڌ جهڙي طرح سور پسي رهي آهي، انهن کي گهٽائڻ جي ابتدا ته ان مهل شروع ٿيندي، جڏهن حڪمران ان جو حصو ٿين. جڏهن حڪمران مسئلي جو حصو آهن ۽ نه ته پوءِ هو ان کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوشش ڇو ڪندا؟ اسان کي اهو سمجهي وڃڻ گهرجي، ڇو ته اها حقيقت آهي. اسان کي اهو معلوم ٿي وڃڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ هڪڙو ملڪ حڪمرانن جو آهي ۽ ٻيو ملڪ عوام جو آهي. حڪمرانن جي ملڪ ۾ ڪو به مسئلو ڪونهي. جڏهن ته عوام جو ملڪ مسئلن سان ڀريو پيو آهي. هاڻي اوهان صرف ايترو مثال وٺو ته برسات ساڳي آهي. اها حڪمرانن جي گهرن تي به پوي ٿي ۽ اها غريبن جي پاڙن تي به وسي ٿي پر فرق اهو آهي ته جڏهن اها برسات اميرن ۽ حڪمران طبقن جي گهرن تي پوي ٿي ته انهن جا باغ باغيچا وڌيڪ ڌوپي پون ٿا ۽ انهن ۾ طاقت اچي ٿي. انهن کي ڪمرن مان ٻاهر نڪري ڇٽيءَ هيٺان ڪرسين تي ويهي گرم سموسا ۽ چانهن ڪافي پيئڻ جو موقعو ملي ٿو. هو برسات ڪجي موسم کي اهڙي طرح انجواءِ ڪن ٿا. جڏهن ته غريبن جي گهرن جون ڇتيون ٽمن ٿيون. انهن جون ڀتيون ڀري ڪرن ٿيون. انهن جي گهرن ۾ گٽرن جو مليل پاڻي ڌوڪي پوي ٿو ۽ انهن کي اهڙي حال مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪا به سرڪاري واهر نه ٿي ملي.
حڪمرانن کان جيڪڏهن ان باري ۾ پڇا ڪئي وڃي ٿي ته هو برسات کان اڳ ۾ جاري ڪيل پنهنجو اهو بيان ڏيکارين ٿا، جنهن ۾ انهن پاران ايمرجنسي لاڳو ڪيل آهي. پر سوال اهو آهي ته حڪمرانن پاران ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ به ڇا ٿيندو آهي؟ ڇا ايمرجنسيءَ لاڳو ٿيڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته برسات ۾ عوام کي رليف پهچائڻ وارا ادارا منظر عام تي اچي وڃن ٿا ۽ هو ڏينهن رات عوام جي اهنجن کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻي محنت ڪن ٿا؟ ڇا اهو ڪجهه ائين آهي؟ جيڪڏهن ناهي ۽ ظاهر آهي ته ناهي ته پوءِ حڪمرانن پاران جاري ڪيل ايمرجنسيءَ جي نوٽيفڪيشن جي ڪهڙي اهميت هجي ٿي؟
اسان جنهن معاشري ۾ رهڻ جي اذيت محسوس ڪريون ٿا، اهو معاشرو قدرت طرفان اهڙو ناهي. ان معاشري جو اهڙو برو حال ان ڪري آهي جو ان معاشري کي اهڙا حڪمران مليا آهن، جيڪي ڪنهن به طرح سان عوام کي ڏک پنهنجو ڏک ۽ عوام جي سک کي پنهنجو سک نه ٿا سمجهن. جيڪڏهن هو سمجهندا هجن ته اسان جو اهڙو حال ڇو ٿئي؟ اسان هن مهل جن مسئلن مان گذري رهيا آهيون، اهي مسئلا اسان جي مٿان قدرت طرفان نه نازل ٿيا آهن. ڇو ته اسان ڪنهن طوفان يا ڪنهن زلزلي جي ڪري مسئلن جو شڪار نه آهيون. اسان جيڪڏهن عذاب ۾ آهيون ته ان جو سبب هتان جا مسئلا آهن ۽ اهي مسئلا هن نظام جي پيداوار آهن. ان سلسلي ۾ برسات جي تازي مثال کان وڌيڪ ڀرپور مثال ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ برسات جي موسم ته اسان جي لاءِ فطري طور تي تمام بهترين موسم هجڻ گهرجي. پر جڏهن برسات جي رحمت ۾ به عوام تمام گهڻي تڪليف ۾ اچي وڃي ته اسان ان صورتحال جو ذميوار موسم کي ڪيئن ٿا سمجهي سگهون؟ تاريخي طور تي اها موسم اسان جي لاءِ سرهائيءَ جي موسم هجڻ گهرجي پر هجڻ گهرجي ۽ آهي ۾ تمام وڏو فرق آهي ۽ اسان ان فرق جي حوالي سان تمام گهڻي عذاب ۾ آهيون. اسان کي جيڪڏهن هڪ فرض شناس ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ واري حڪومت ملي وڃي ته اسان جيڪر ڪنهن به مسئلي جو تذڪرو نه ڪريون. ڇو ته ان صورت ۾ مسئلا پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندا. اسان جي معاشري ۾ تمام گهڻي مصيبت مان نڪرڻ لاءِ تمام ٿوري محنت جي ضرورت آهي ۽ محنت جو نمبر به شايد پوءِ اچي ٿو. پهريان ته حڪمران طبقي کي ان ڪم جو پورائو ڪرڻو آهي، جنهن ڪم جي لاءِ ان کي سٺي پگهار ۽ جام سهولتون ملن ٿيون. پر مسئلو اهو آهي ته جڏهن به ڪنهن شخص کي اهو سڀ ڪجهه ملي ٿو وڃي ته پوءِ هو محنت ڪرڻ کي فضول سمجهي ٿو. هو سمجهي ٿو ته هن جي آس پاس ڪو مسئلو ڪونهي ته هو ڇا لاءِ محنت ڪري؟ هو پنهنجي ذات تائين محدود رهي ٿو ۽ هن جي ذات کي هر سک حاصل هجي ٿو ته اهڙي صورت ۾ هو ڪا محنت ۽ مشقت ڇو ڪري؟ محنت ۽ مشقت ڪري هن پنهنجا ۽ پنهنجي خاندان جا مسئلا حل ڪري ورتا ۽ ان کان پوءِ هن کي ڪنهن به شيءَ جي ڪهڙي پرواهه؟
اسان جي حڪمران طبقن کي عوام جو احساس هجي ها ته پري مون سون مينهن سبب جاري ٿيل ايمرجنسيءَ کان پوءِ بريون خبرون نه اچن ها ۽ جيڪڏهن اچن به ها ته انهن جو ايترو گهڻو تعداد ڪنهن به صورت ۾ نه هجي ها. پر اسان جي معاشري ۾ جمهوريت جي حوالي سان حقيقت جو جيڪو تضاد آهي، اهو تضاد اسان جي زندگين کي تلخيءَ جي حوالي ڪري ٿو ۽ ان مان نجات حاصل ڪرڻ اسان جي لاءِ ممڪن نه ٿي هجي. جيڪڏهن اسان کي سسٽم جي منافقيءَ مان نجات ملي وڃي ته اسان کي ٻيو ڇا گهرجي؟ اسان کي صرف ۽ صرف سچائيءَ جي ضرورت آهي ۽ سرڪاري سسٽم مان سچائي نڪري وئي آهي. سرڪاري سسٽم ۽ سچائي هڪ ٻئي جا مخالف لفظ بڻجي ويا آهن. انهن ۾ ڪا به هڪ جهڙائي نه رهي آهي. اسان ان تضاد سبب تمام گهڻي تڪليف ۾ آهيون. جڏهن به اهو تضاد ختم ٿيو، تڏهن هي معاشرو اسان کي اهڙو نظر نه ايندو، جهڙو هن وقت نظر اچي رهيو آهي!!