ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بابر غوريءَ کي گورنر ٺاھڻ جا هلندڙ چؤٻول

Editorial- Article- Dastgir Bhatti

خميس تي ڇپيل ڪالم ۾ ذڪر ڪيو ھئم ايم ڪيو ايم جي ڀاڄوڪڙ وزير براءِ پورٽ اينڊ شپنگ بابر غوري جو، جيڪو 2014 ۾ جنرل راحيل شريف طرفان دھشتگردن خلاف آپريشن وارن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ مان لڪندي لڪندي کسڪي آمريڪا پھچي ويو هو. انھيءَ اڳوڻي وزير صاحب ڏھن سالن تائين جنرل مشرف جي راڄ ۾ ۽ ٻيا پنج سال زرداري جي حڪومت ۾ سنڌ جي ٻنھي بندرگاهن تي جنهن دٻدٻي سان بادشاهي ڪئي، اھو دور افغانستان تي آمريڪا ۽ ناٽو وارن سندن اتحادين جي وحشتناڪ قبضي جو دؤر ھو. ناٽو وارن جون توبون، ٽينڪون، ميزائيل، راڪيٽ لانچر ۽ ٻيا موتمار ھٿيار ڪراچيءَ جي سامونڊي بندرگاهن تي بابر غوري جي نگرانيءَ هيٺ لھندا ھئا ۽ پوءِ ٽرالن ۾ چاڙهي ڪوئيٽا ۽ پشاور رستي افغانستان پھچايا ويندا ھئا. آمريڪا ۽ ناٽو ۾ شامل سڀ طاقتون گڏجي طالبان جي پاڙ پٽڻ لاءِ جديد ترين ھٿيارن سان جنگ ۾ جنبيل ھئا. افغانستان جي ڪابل ۽ قنڌار شهرن کان وٺي تورا بورا جي جبلن کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائون. طالبان سان ويھن سالن تائين وڙهندا رهيا. ھوائي حملن ذريعي بم وسائي وسائي شهري آباديءَ کي به نشانو بڻائيندا ھئا جنھن جي خلاف انساني حقن جون تنظيمون خاص طور تي ايمنسٽي انٽرنيشنل وارا سخت احتجاج ڪرڻ لڳا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ سندن مارجي ويل سپاهين جا لاش پڄندا ھئا ته مئلن جون ونيون ۽ مائرون پنهنجي جگر جي ٽڪرن جي جسمن کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ڏسي ڏکوئيندڙ نموني دانھون ۽ رنڀون ڪري ميڊيا آڏو پڪاري، ھن جنگ کان نفرت ظاهر ۽ ان کي بي مقصد جنگ قرار ڏينديون ھيون. ڪجھه سالن کان پوءِ ناٽو جا يورپي اتحادي ته ٿڪجي پيا ڇاڪاڻ ته انھن ئي ڏينھن ۾ اقوام متحده جي جاچ مان عراق جي ايٽمي ھٿيارن جو ڪوڙ ظاهر ٿي پيو ھو. آمريڪي صدر جارج بش ۽ برطانيا جي وزيراعظم ٽوني بليئر کي سندن مخالف ڌر جي اڳواڻن سخت ننديو ۽ کين جنگي مجرم ٺھرائي، عالمي عدالت ۾ مٿن ڪيس ھلائڻ جو مطالبو زور وٺي ويو. عوامي دٻاءُ ۽ حقارت جو نشانو بڻجي ناٽو وارن پنھنجي فوج کي ھوائي جھازن ۾ چاڙھي وطن واپس روانو ڪيو جڏهن ته سندن ھٿيار پنوھار، ٽينڪون، توبون، ميزائيل ۽ راڪيٽ لانچر ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري بيٺل سندن شاھي ٻيڙن ۾ چاڙهي موڪليا ويا. اھي ھٿيار آمريڪي سي آئي اي جي ايجنٽن بابر غوري ۽ پورٽ قاسم ۾ ڀرتي ڪيل سندن تربيت يافتا دھشتگردن جي ذريعي نائين زيرو ۽ ٻين خفيه ھنڌن تي لڪائي ڇڏيا. ڪراچيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دھشتگردي تي پريشان ٿي جڏهن جنرل راحيل شريف آپريشن شروع ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي ھيڊ ڪوارٽر نائين زيرو ۽ ٻين خفيه ھنڌن تان ھٿ آيل ھي موتمار هٿيار اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز جي نمائندن کي ڏيکاريائون. انھن ڇاپن کان بچڻ لاءِ بابر غوري پنھنجن پرڏيهي سھولتڪارن وٽ لڪي ويو جن کيس پاڪستان کان ٻاهر آمريڪا ۾ پناھه ڏياري ڇڏي. ڪراچيءَ جي بندرگاهن تي انھيءَ پنڌرهن سالا بادشاهي ۾ ئي ھن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ قاسم پورٽ ۾ جيڪي دھشتگرد اھم عھدن تي ڀرتي ڪيا انھن بابت تفصيل اڳتي هلي لکندس. ويچار ڪرڻ جھڙي سچائي آهي ته جيڪو شخص متحده قومي موومينٽ جي باني الطاف حسين جي اکين جو ٺار آهي اھو لڪي لڪي ڀڳو ڇو ته مٿس بيگناهھ ماڻھو قتل ڪرڻ ۽ دھشتگردي جا مقدما داخل ٿيل ھئا پر ھاڻي انھن سنگين الزامن ھوندي به ھو پنج ڏينهن اڳ جڏهن ڪراچيءَ جي ھوائي اڏي تي پھتو ته ھاڻي بجاءِ لڪڻ جي کلندي ڪڏندي، رضامنديءَ سان گرفتاري ڏيئي ڇڏيائين! ٻئي ڏينهن تي کيس عدالت ۾ صبح ساڻ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويو. ڏسجؤ ته جلد ئي کيس ٻين گھڻن ئي قاتلن جيان ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيندا.
گذريل اربع ڏينھن جي ھڪ اردو اخبار آئون ڪراچيءَ مان ان ڪري کڻي آيو آهيان جو ان جي ھڪ خبر ۾ بابر غوري جي پاڪستان اچڻ بابت اھڙيون خبرون ڇپيل آهن جيڪي موجودہ سياسي صورتحال سان ٺھڪندڙ لڳن ٿيون. انھن خبرن کي پڙهي انت ڪڍيو اٿم ته اسٽيبلشمينٽ جي واڳ ڌڻين عمران خان ھٿان دوکو کائڻ کانپوءِ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڇڙوڇڙ ٿيل اڳواڻن ۽ ٽنھي ڌڙن کي ٻيهر ڳنڍي، ھڪ ڪري مائينس الطاف حسين ڪنھن اھڙي ليڊر کي ھن پارٽيءَ جي ڪمانڊ ڏجي جنهن تي سڀ راضي ھجن. ڳجهن ادارن وسيلي کوجنا ڪرڻ تي کين ڄاڻ ملي ته بابر غوري تي وڌ کان وڌ مھاجر راضي ٿي سگهن ٿا. اھو ئي ڪارڻ آهي ته پنج ڏينهن اڳ ڪراچي ايئرپورٽ تي کيس گرفتار ڪرڻ کان پوءِ نه ھٿڪڙي لڳايائون ۽ نه ئي عدالت ۾ ٻئي ڏينهن بابر غوري خلاف جيڪا ايف آئي آر داخل ڪرائي ويئي تنھن ۾ مٿس چڙ ڏياريندڙ تقرير جو صفا ھلڪڙو الزام ھنيو ويو آهي. ان ڪري ئي ضمانت تي آزاد ٿيڻ جا امڪان چٽا آهن. ھي تڪڙ شايد 19 جولائي تي ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ڪري به ڪئي ٿي وڃي ته جيئن عمران خان کي ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ والار ڪرڻ کان روڪي سگهجي.
جيئن اسٽيبلشمينٽ ھر ڀيري چاھيندي آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جا 2018 وانگر نتيجا سندن مرضيءَ مطابق ئي نڪرن، جنهن لاءِ اھي ايم ڪيو ايم کي سدائين استعمال ڪن ٿا. پر مٿن ڪجهھ شرط لاڳو ڪري کين وفاقي حڪومت ۾ وزارتون به ڏياري ڇڏيندا آهن. تيئن ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ به پنهنجا شرط مڃائيندا آهن يا مڃائڻ لاءِ ڪوشش ضرور ڪندا آهن. تازو ھنن شهباز شريف ذريعي واڳ ڌڻين کي نياپو به موڪليو ته عمران خان جي خلاف ووٽ وٺڻ لاءِ زرداري صاحب اسان سان جيڪي واعدا ڪيا هئا تن تي عمل ڪرايو.
سندن مطالبن يعني آصف زرداري ۽ بلاول سان ٿيل ٺاھه موجب جنرل راحيل شريف جي دور ۾ نائين زيرو تي فوجي آپريشن کانپوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ متحده قومي موومينٽ جون بند ڪيل سموريون آفيسون کوليون وڃن. ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻن ھرھڪ بابر غوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، ڪنور نويد جميل، وسيم اختر، واسع جليل، فيصل سبزواري ۽ ٻين خلاف داخل ڪيل دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن. پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ڀرتي ڪيل 887 آفيسرن ۽ ملازمن کي گذريل اٺن سالن کان بند ڪيل پگھارون ڏنيون وڃن. پڙھندڙن جي دلچسپيءَ واسطي اھو ٻڌائي ڇڏيان ته ھنن ملازمن جي ڀرتيءَ کي نيب جي ھڪ ڪيس ۾ 2017 ڌاري اھو فيصلو لکي رد ڪيو ويو ھو ته ھي ڀرتيون لڪ چوري ۾ غير قانوني طريقي سان ڪيون ويون آهن تنھن ڪري نه رڳو ھنن 887 ملازمن کي گذريل ڪئين سالن ۾ ڏنل 600 ڪروڙ پگھارون کانئن واپس وٺڻ گهرجن. مھينو ڏيڍ اڳ جڏهن شهباز شريف وزيراعظم ٿيو ته ھڪ دفعو وري به پورٽ اينڊ شپنگ جي وزارت ايم ڪيو ايم وارن پنھنجي ساٿي فيصل سبزواري کي ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. وزير ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ھي شخص ھنن ملازمن کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ پڪو ڪرائڻ ۽ 500 ڪروڙن جون رھتون ڏيارڻ خاطر مختلف ماتحت آفيسرن ۽ ڪي پي ٽي جي فنانس ڊپارٽمينٽ تي دٻاءُ وجهي پيو ته ڪيس تيار ڪيو ته جيئن وزيراعظم کان منظوري وٺي ايم ڪيو ايم جي ملازمن کي پڪو ڪرائي 550 ڪروڙ روپيا به ڏياري ڇڏين.
آئون ذاتي طرح ڄاڻندو آھيان ته آصف زرداري ڪڏهن به سرڪاري خزاني تي پوندڙ ناجائز بار جي مخالفت نه ڪندو آھي. ھو سنڌ تي پنهنجي ھڪ ھٽي کي وڌيڪ سگھارو ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ توڙي ايم ڪيو ايم جا سڀ مطالبا مڃي سگهي ٿو. تنهن ڪري دھشتگردي جي ڪيسن بابت پيپلز پارٽيءَ جو ڪوبه اڳواڻ ذڪر ئي نه ڪندو. سندس فرزند بلاول جو اھو بيان رڪارڊ تي آهي ته اسان ايم ڪيو ايم سان جيڪي به واعدا ڪيا آهن سي پورا ڪنداسين. ظاهر آهي ته جيڪڏهن الطاف حسين کين خفيه نموني اھو نياپو ڏنو آهي ته بابر غوري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪريو ته ظاهر آهي سڀ ڪجھه طئي ڪرڻ کانپوءِ ئي بابر غوري کي ايئرپورٽ کان عدالت تائين وي آئي پي پروٽوڪول سنڌ پوليس کان ڏياريو ويو آهي. پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ناجائز نموني غير قانوني طرح 887 ڀرتيون ڪرڻ واري شخص جنهن تي دھشتگردي جا مقدما به ڪيترن سالن کان ھلن پيا، جيڪو سدائين عدالت جي حڪمن کي لتاڙي، شنوائي کان غير حاضر رهيو، ان کي ڪھڙي قانون تحت سنڌ جو سڀ کان اعليٰ عھدو سوکڙيءَ طور ڏيڻ لا پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون سياسي پارٽيون ڇو ۽ ڪيئن راضي ٿيون آهن، ان ڳالهھ تي آئون ھرگز حيران ڪونه آهيان ڇاڪاڻ ته وزير اعظم شھباز شريف کان وٺي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وقتي گورنر آغا سراج درانيءَ تي به ڪرپشن جي سنگين الزامن وارا ڪيس ھلن پيا، ھو اڃا تائين بي گناهھ به ثابت نه ٿيا آهن، پر حڪمراني ڪن پيا ڪروڙين بکين، ڏکين ۽ بيروزگار ماڻهن تي رڳو سگھاري ڌر جي مھربانيءَ سان!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button