معاشي ڀونچال
سر مارئيءَ ۾ ٿر جي معيشت تي شاهه عبدالطيف بلڪل صحيح چيو آھي تھ “آڻيون ۽ چاڙيون ڏٿ ڏھاڙي سومرا”، انھيءَ جو مقصد آھي تھ ٿر جي ماڻھن جو گذر سفر ڏٿ يعني ڪرڙ، ڪنڊين، ٻيرن ۽ کٻڙن مان ملندڙ گلن، ميون ۽ ٻجن تي رھيو آھي. چوپايو مال ۽ باراني پوک تي ٿيندڙ فصل بادلن جا محتاج رھيا آھن. انھن بادلن کي ڪجھه ڏھاڪن کان نظر لڳي وئي آھي ۽ چون ٿا تھ موسمي تبديليءَ جي ڪري بادل پنھنجي وس ۾ ناھن. آکاڙ، سانوڻ ۽ بڊو مينھن جي مند ھئي ۽ انھن مھينن ۾ برسات وسندي ھئي تھ وسڪارو سمجھندا ھئا پر ھاڻي تھ مندون تبديل ٿيون آھن ۽ سمورا نکٽ ناڪاره ٿي ويا آھن. اڳ ۾ رات جو نکٽ ڏسي سڪار يا ڏڪار جو تعين ڪندا ھئا پر ھاڻي ڪا سمجھه ۾ ڳالهھ نٿي اچي.
ٿر ۾ پراڻي معيشت بھ ڪا ساراهه جوڳي نھ ھئي، ڏڪارن جي ڪري اناج جي تنگي ھوندي ھئي ۽ ھر سال لابارو ڪرڻ جي لاءِ پنھنجي چوپائي مال سميت مارو ماڻھو بئراج وارن علائقن جو رخ ڪندا ھئا. لسي ۽ رٻ تي گذر سفر ھوندو ھو ۽ زندگي مشڪل ھوندي ھئي. انھن ڏکن ۽ ڏولائن باوجود ميلا ملاکڙا، رانديون ۽ شادين وغيره ۾ خوشيءَ سان ملھائيندا ھئا ۽ ميٺ محبت سرس ھوندي ھئي. انھيءَ جي ڀيٽ ۾ ھاڻي ٿر ۾ روڊ رستا ۽ موبائيل ٽيڪنالاجي وڌي آھي، اٺن ۽ گهوڙن جي جڳھه موٽر سائيڪل والاري آھي. موسمي لڏپلاڻ ۾ ڪمي آئي آھي ۽ ڪاروبار جا موقعا اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيا آھن.
ٿر جي ماڻھن کي ھنر سکڻ جي ڏات ورثي ۾ ملي آھي، انھيءَ جو سبب اھو صاف سٿرو ماحول آھي، جنھن ۾ ھو پلجن ٿا. ابن ڏاڏن کان ڪاٺ جي ھٿرادو ڪم جا ماھر، کٿا، لويون، نوارون، کيس، کرڙون وغيره ٺاھڻ جا ڪاريگر ۽ ٿر جون عورتون ڀرت ڀرڻ، مٽيءَ جا ٿانون ٺاھڻ، رليون، گج، ٻانڌڻا وغيره ٺاھڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھن. ٿر جي ڪاريگرن کي سکيا ڏيڻ ۽ ھٿ جي ھنر کي هٿي ڏيڻ لاءِ غير سرڪاري ادارن ڪافي حد تائين مدد ڪئي پر اڃا تائين مارڪيٽ جو ڪو پائيدار نظام جوڙي نھ سگھيا آھن.
ڪجھه ڏھاڪا اڳ ۾ ٿر ۾ قالين سازيءَ جو رجحان عروج تي ھو، ھر وڏي ڳوٺ ۾ قالين سازيءَ جا ڪارخانا لڳل ھوندا ھئا. ٿر ۾ ٺھندڙ قالين پرڏيھه موڪليو ويندو ھو ۽ ايراني توڙي افغاني ڪمپنيون مقامي ٺيڪيدارن سان گڏ انھي ڌنڌي ۾ شامل ھونديون ھيون. انھي ڌنڌي ۾ ٻارن کي شامل ڪيو ويو انھيءَ ڪري چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ آواز بلند ٿيا ۽ آھستي آھستي قالين سازيءَ جو ڪم بند ٿي ويو.
گذريل ڪجھه ڏھاڪن کان ٿر جي نوجوانن ڪراچي ۽ حيدرآباد جو رخ ڪيو آھي، گھرن ۽ ھوٽلن تي ڪم ڪرڻ وارا گهڻو ڪري ٿريا نظر ايندا. فيڪٽرين ۽ پيٽرول پمپن وغيره تي ڪم ڪندي پڻ ٿر جو نوجوان ملندو. ميگهواڙ ذات جا نوجوان غربت جي باوجود پنھنجي پڙھائيءَ کي جاري رکندا آھن. حيدرآباد، ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاھور ۾ ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائيءَ سان گڏ پارٽ ٽائيم نوڪري ڳوليندا آھن يا ٻارن کي ٽيوشن پڙھائي پنھنجي خرچ جي پورائي ڪندا آھن. اهي نوجوان پنھجن غريب مائٽن جي پڻ مالي مدد ڪندا آھن. ٿر جي ڪافي غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ نوجوان جرمني، جاپان، ھنگري، چائنا ۽ ٻين ملڪن ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪري پڙھن پيا.
ٿر تقريبن ٻھ ھزار چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ تي پکڙيل آھي ۽ شھر کان ڪافي ڳوٺ پري آھن. مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڇاڇرو سودي سٽ جا مرڪز آھن. اڄ بھ ٿر جي مختلف رستن تي گاڏيون شام جي وقت کاڌي پيتي جي شين ۽ ماڻھن سان سٿجي روانيون ٿينديون آھن. ٿر جي ڇڪڙي جي جڳھه ڊبل ڪيبن گاڏين والاري آھي. گاڏي جي ڇت ۽ پاسن تي لوھي جنگلا لڳايا ويا آھن جنھن تي ماڻھوءَ تي ماڻھو ٽنگيل ھوندو آھي. ھن گاڏيءَ تي 4 کان 5 مسافرن جي جاءِ ٺاھي وئي ھئي پر ٿر ۾ ھن وقت 40 کان 50 ماڻھو پنھنجي سامان سميت سفر ڪن ٿا. اٽي جي ٻوري مھانگائيءَ جي ڪري خريد ڪرڻ مشڪل آھي پر ان کان وڌيڪ مسئلو ڳوٺ تائين پھچائڻ آھي. مھانگائي ٿر جي ماڻھن جو جيئن محال ڪري ڇڏيو آھي انھي ڪري خودڪشين جو لاڙو وڌي ويو آھي. خريد ڪرڻ جي صلاحيت ڏينھون ڏينھن ختم ٿيندي پئي وڃي، انھي ڪري ننڍا ننڍا ڪاروبار پڻ بند ٿيندا پيا وڃن.
ٿر ۾ خوراڪ يعني نيوٽريشن جي ڪمي ڪري ماءُ ۽ ٻار نشاني تي آھن. کير جا خريد ڪندڙ صبح سوير موٽرسائيڪل ڪاھي در تائين پھچن ٿا ۽ کير وٺن ٿا. کير وڪرو ٿيڻ سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي سڌو سنئون اثر پوي ٿو، اھا واحد غذا ھئي جنھن ٿر جي ٻار ۽ ماءُ کي زندهه رکيو ھو پر ھاڻي غريبي اجازت نٿي ڏئي تھ کير کي گهر ۾ ئي رھڻ ڏنو وڃي.
موسمي تبديلين ۽ ميگا پراجيڪٽس جي ڪري ٿر جي وايومنڊل ۾ آندل ھٿرادو تبديلين ھتان جي ماڻھن کي وڌيڪ لاچار ۽ بيوس ڪري ڇڏيو آھي. زمينون وڪامجي ويون، گھر تڙ، تڏا سڀ ڌارين جي حوالي ٿي ويا، ھاڻي ٽوال ڪلھي تي آھي ۽ ٻار ٻچا پوٺي تي آھن، خبر نٿي پوي تھ ڪھڙي گس وڃن.
“ٿر بدلائيندو پاڪستان” جا نعرا خبر ناھي ڪڏھن سچا ثابت ٿيندا، ھن وقت ڪجهه متاثر ڳوٺن جي ماڻھن کي خانگي ڪمپنين جي معرفت ڏھاڙي تي ڀرتي ڪيو پيو وڃي ۽ ڪجهه ماڻھن کي ھيٺئين گريڊ جي نوڪري ۽ مزدوري نصيب ٿي سگهي آھي. باڪمال ۽ باصلاحيت ٿرين کي نااھل ثابت ڪري ٿرڪول جي منصوبن ۾ ٻين صوبن کان ماڻھن کي آڻي ڀرتي ڪيو ويو آھي.
ٿر جي ماڻھن کي ھن معاشي ڀونچال مان ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ڪجهھ تجويزون عرض رکجن ٿيون.
- مٽي، ڪاٺ، چمڙو، رڍ جي ان، اٺ جي ڏاس، ٻڪريءَ جي وارن مان انتھائي خوبصورت شيون ٺاھي سگهجن ٿيون، حڪومت ۽ غيرسرڪاري ادارن توڙي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ھٿ جي ھنر کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اسپيشل پروگرام جوڙڻ گهرجن.
- ٿر جي اڀري زمين تي اڪ جو ٻوٽو تمام گهڻو ٿئي ٿو، اڪ جي ڪاٺي سڪي ٿي تھ ان مان اڪ جو فائيبر ڪڍي سگهجي ٿو، جنھن کي آنڪارو چئبو آھي. آنڪارو انتھائي پائيدار فائيبر آھي جنھن مان کٽون واڻڻ لاءِ واڻ، رسا، کرڙون ۽ ٻيون مختلف شيون ٺاھي سگھجن ٿيون. ھن فائيبر تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آھي.
- ٿر ۾ موجود ٿوھر، اڪ، گگلڻ جي رس مان مختلف قسمن جون دوائون ٺھن ٿيون، انھي کانسواءِ ڪارونجھر ۽ ٿر جي ٻين مختلف ھنڌن تي مختلف قسمن جون جڙي ٻوٽيون ملن ٿيون جنھن مان پڻ دوائون ٺاھي سگھجن ٿيون. انھن ٻوٽين ۽ وڻن مان وڌيڪ فائدو وٺڻ لاءِ تحقيق جي ضرورت آھي.
- ٿر ۾ زراعت جو دارومدار برسات تي آھي، سولر ھينڊ پمپ متعارف ٿيڻ کان پوءِ مٽي وارين ٻنين ۾ جر جي پاڻيءَ تي پوک ٿئي ٿي جنھن سان ڀاڄيون، ڪڻڪ ۽ ٻيو فصل پوکيو وڃي ٿو. آبادگارن جي مدد لاءِ ڪو خاص پروگرام شروع ڪيو وڃي جيئن ٿوري پاڻيءَ تي ٿيندڙ فصل متعارف ڪرائي وڌ کان وڌ آبادي حاصل ڪري سگهجي.
- ٿر ۾ قديم زماني کان ٻاجھر، گوار، تر، مڱ، ڪورڙ، ھنداڻا، گدرا، ميھا، چڀڙ وغيره پوکيا وڃن ٿا. ٿر جي واري ۽ مٽيءَ ۾ مختلف شيون جھڙوڪ کاڄا، پٽاٽا، گجر وغيره پوکي سگهجن ٿا. آبادگارن جي سھوليت لاءِ ھتي زرعي يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي جيئن تحقيق جو ڪم جاري رکندي ٿر جي معيشت کي ھٿي وٺرائي سگهجي.
- ٿر جي زرعي پيداوار ڪيميائي ڀاڻ ۽ اسپري کان پاڪ آھي انھي ڪري حڪومت کي ٿر جي آرگينڪ فوڊ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ خاص انتظام ڪرڻ گھرجن.
- ٿر جي ماڻھن کي پنھنجن گھرن ۾ ننڍيون ننڍيون صنعتون لڳائڻ لاءِ تربيت ۽ مالي مدد فراھم ڪئي وڃي، جيئن ھو گھر ويٺي روزگار حاصل ڪري سگهن.
- ٿر ڪول منصوبن ۾ مقامي ماڻھن کي ڀرتي نھ ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس ورتو وڃي، اڻ ڌري جاچ ڪرائي ڪمپنين کي مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ لاءِ زور ڀريو وڃي.
- بھاولپور پنجاب وانگر ٿر ۾ سولر پارڪ ٺاھيا وڃن ۽ نگراني توڙي مالڪي مقامي ماڻھن کي ڏئي کانئن بجلي خريد ڪئي وڃي، جيئن غريب ماڻھن کي روزگار ملي سگهي ۽ ملڪ جو بجليءَ جو مسئلو پڻ حل ٿي سگهي.
)هلندڙ)