ٻه ڏيهاڙا اول ڪجھه دوستن سان آشرم ۾ ٿيل رهاڻ جو بنيادي نقطو اهو هو ته سنڌ اڄ جنهن موڙ تي بيٺل آهي، تنهن ۾ سنڌ جا فني پاسا ڪنهن ڪارج جا جيڪڏھن رهيا آهن ته انهن پاسن جي هاڻ پيرائتي نشاندهي ٿيڻ گهرجي. دراصل ان رهاڻ ۾ اهڙي ڳالھه ڇِڙڻ جو سبب اهو هو جو ڪجھه دوست ان راءِ جا هئا ته جيڪڏھن ڪو فرد سڌو سنئون ڪنهن سياسي عمل ۾ ڀائيوار ناهي ته سماج ۾ اهڙو فرد آخر ڪهڙي ڪم جو!؟ ان ڳالھه جي جواب ۾ وري هڪڙي سنگت ان راءِ جي هئي ته رڳو ايئن به ناهي. ڇو ته ڪنهن به نئين سماج جي اُڻت دوران انقلابي سياسي سفر ۾ فن جي ڪردار کي ڪيئن ٿو نظر انداز ڪري سگهجي. ڇو ته طاقتور طبقن خلاف مزاحمت جون تاريخ ۾ جيڪي به راهون ۽ مورچا رهيا آهن تن ۾ فن جي به هڪ بنيادي اهميت رهي آهي. واضح رهي ته پنهنجي مضمون جو اڄوڪو ڳر به انهي تناظر ۾ آهي. تنهن ڪري اچو ته اول سنڌ جي فني جهان ۾ فن جي ٻن انتهائي بنيادي شعبن رقص ۽ موسيقي جي تاريخ جو جائزو وٺون ۽ ڏسون ته ان ڏِس ۾ اسان جو ماضي ڪيئن رهيو آهي.
دراصل رقص ۽ موسيقيءَ جي سفر بابت موهن جي دڙي مان نڪتل ناچڻي ۽ بانسري ان ڳالھه جي وڏي ۾ وڏي ثابتي آهي ته هزارين ورهيه اڳ به ساز ۽ رقص جو سنڌ ۾ وجود هو. اڄ جو موهن جو دڙو جيڪو پنج هزار سال اڳ جي سڌريل انساني معاشري جو ڏس ڏئي ٿو، تنهن بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته موهن جي دڙي واري موسيقي به اوتري ئي سڌريل ۽ ترقيءَ تي پهتل هوندي. ڇو ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جيتري آڳاٽي آهي، اسان جي موسيقي به اوتري ئي آڳاٽي آهي.
ان تناظر ۾ جيڪو تحقيقي مواد ملي ٿو تنهن موجب عالمي ماهرن سنڌي موسيقيءَ کي دنيا جي قديم ترين موسيقيءَ وارن چئن طبقن ۾ رکيو آهي، جن مان پهريون طبقو چين ۽ جپان جو آهي، جنهن کي آڳاٽي تاريخ ۾ ڳڻيو ويو آهي. ٻيو طبقو برما، ڀارت، سنڌ، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا تي ٻڌل آهي، جنهن جي سُرن ۽ سازن ۾ ڪافي ويجھڙائپ آهي. ٽيون طبقو ايران، ترڪي، وچ ايشيا ۽ عرب ملڪن وارو چيو وڃي ٿو جيڪي پنهنجي الڳ مزاج وارا آهن.
چوٿون طبقو ڀونچ سمنڊ ۽ آفريقي ملڪن وارو آهي.
بھرحال تاريخي لحاظ کان ننڍي کنڊ ۾ قديم هندي موسيقيءَ کان اڳ جيڪي به راڳ جا سلسلا رائج هئا، تن ۾ سنڌي موسيقيءَ کي اوليت حاصل رهي آهي. موهن جا آثار ثابت ڪن ٿا ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ به سنڌ ۾ راڳ ۽ رقص جو فن اوج تي هو. ان وقت جي باشندن کي موسيقيءَ جي فن جو ايترو ته ذوق هو، جو راڳ ۽ ناچ ڪندڙن جا مجسما ٿي ٺاهيائون. ٻيو ته سنڌو تهذيب واري دور ۾ موسيقي ۽ ناچ مذهبي رسمن جو حصو به ته رهيا آهن. سو موهن جي دڙي مان ناچڻيءَ جي مورتي به اهو ٻُڌائي ٿي ته هتان جا ماڻهو ناچ کي ڪيترو نه پسند ڪندا هئا.
ان کان سواءِ ڪن مُهرن تي سازن جون تصويرون پڻ اڪريل مليون آهن جن ۾ بوڙينڊو، بانسري، دهل ۽ چنگ خاص طور سان سڃاتا ويا آهن.
اصل ۾ قديم دور کان وٺي سنڌو تهذيب جيڪا پنهنجي شاهھ درياهھ جي ڪري سدائين سُکي سَتابي رهي آهي، تنهن ۾ هتي جي رهواسين جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جو دائرو به عالمگير رهيو آهي ۽ هنن هر قسم جي هُنر ۽ فن ۾ ترقي ڪئي، جنهن ۾ راڳ ۽ رقص جون محفلون به سندن زندگيءَ جون حصو رهيون.
ويجهي ماضيءَ ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان ٺڪر جي ٿانون جا جيڪي ٽڪرا مليا آهن، تن تي مختلف قسمن جي چٽساليءَ سان گڏ رقص ڪندڙ جوڙن جون شبيهون پڻ چٽيل آهن. ائين سنڌ جي ڪاريگر ڪنڀارن ان دور جي عام ذوق ۽ دلچسپيءَ کي نظر ۾ رکندي ٿانون تي اهي شبيهون چٽيون، جنهن مان شاهدي ملي ٿي ته ان وقت سنڌ ۾ راڳ ۽ رقص جو فن ڪيڏو نه اوج تي هو.
سو ائين قديم تاريخي دور کان وٺي سنڌ کي پنهنجي مقامي موسيقي هئي، جيڪا عوامي موسيقي هئي. ان حوالي سان خاص طور تي سنڌ جي سمن راڳ ۽ راڳيندڙن جي ته تمام وڏي قدرداني ڪئي ۽ خود سما قبيلي مان وڄتيا ۽ راڳيندڙ پڻ پيدا ٿيا. اهڙيءَ ريت سنڌ پنهنجي عوامي سنگيت جي روايت کي قائم رکيو.
تنهن ڪري ان سموري اتهاس جي آئيني ۾ جيڪڏهن پاڻ ڏسون ته اڄ هن ملڪ ۾ مظلوم ۽ محڪوم طبقن جي حقن لاءِ جيڪا به جدوجهد هلي رهي آهي، تنهن ۾ سنڌ پنهنجي فني سگھه سان مهنداري ڪري سگهي ٿي. پر سوال اهو آهي ته سنڌ جون سياسي ڌريون پنهنجي پنهنجي فني شعبن ۾ ڪيتريون اڳڀريون آهن؟ ان سوال جي ورندي اها آهي ته اسان جي سياسي ڌرين کي پنهنجي فن جي شعبي مان جيڪا مزاحمتي سگھه حاصل ڪرڻ گهرجي، تنهن تي ايترو ڌيان ڪونه پيو ڏنو وڃي بلڪ گهڻن وٽ ته فن ايجنڊا تي ئي ناهي.
هڪ دور ۾ پليجي صاحب سياست ۾ فن جي اهميت کي ضرور اڳتي آندو پر اها روايت به آهستي آهستي وقت جي ويسر جو شڪار ٿيڻ لڳي آهي، جنهن کي بچائڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.
نئين سماج جي اُڻت ۾ فن جي ڪردار بابت سنڌ کي نئين سِر ڌيان ڏيڻ جي گهرج آهي.
سنڌ هن وقت جنهن گهڻ پاسائين استحصال مان گذري رهي آهي، تنهن ۾ پرامن سياسي جدوجهد ۽ مزاحمت کي جيترو فن سگهارو ڪري سگهي ٿو، تنهن جو اندازو جيڪڏهن سنڌ جون سياسي ڌريون لڳائي وٺن ۽ فن کي پنهنجي پنهنجي سياسي عمل سان جوڙيوال ڪن ته ڇا ڇا نٿو ٿي سگهي!؟
سنڌ هونئن به پنهنجي اتهاس ۾ اهنسا جي امين سرزمين رهي آهي ۽ اهنسا جي راھه تي هلي، هڪ متوازن ۽ سڀني لاءِ هڪجهڙي انصاف واري معاشري جي اڏاوت ۾ فن تمام گهڻي هٿ همراهي ڪرائي سگهي ٿو ۽ فن کان اها همراهي وٺڻ گهرجي.
سنڌ جي رهبر لطيف ته ٻيڄل ۽ فن جي قدردان راجا راءِ ڏياچ واري قصي ۾ هڪ چارڻ جي جيڪا سگهھ سمجهائي آهي، ڇا تنهن مان اڄ اسين اتساهھ نٿا وٺي سگهون؟ ضرور وٺڻ گهرجي. هڪ چارڻ، جيڪو پنهنجي تند سان محلاتن کي لوڏي ٿو وجهو. جيئن مرشد لطيف ڏياچ جي زباني سمجهائي ٿو ته:
سَئو سِرَن پائي، جي تند برابر توريان
اُٽَلَ اوڏاهين ٿِئي، جيڏانهن ٻِيجلُ ٻُرائي
سَکڻو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناهِ ڪِي.
مطلب هڪ راجا پنهنجي سِرَ کان سُرندي کي ايترو اُتم ٿو ٻڌائي ته هي جيڪو آئون ڀيٽا طور ڪنڌ ڏيئي رهيو آهيان، ساز تنهن کان اُٽل ٿو لهي.
سو اچو ته پنهنجي جدوجهد جي راھه ۾ ساز کڻون، رقص ڪريون ۽ پنهنجي فن جي ورثي کي نئين سر ڳولي لهون. ان سان سموري ملڪ توڙي خطي ۾ فن جي دنيا مان اتحادي ڳولي، کين سُرت جي سفر جو ساٿي بڻائي اڳتي وڌون اوستائين جيستائين ڦورو ۽ جابر قوتن/طبقن جا ڀاري بُرج ڊهي پٽ نٿا پون.