سنڌ ۾ جڏهن به برساتون وسنديون آهن ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو مسئلو سامهون ايندو آهي ۽ ان معاملي تي به سياست شروع ٿي ويندي آهي. سياسي پارٽين جون هڪٻئي تي الزام بازيون شروع ٿي وينديون آهن، پر انهن الزام بازين سان برسات جو پاڻي نيڪال نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ شهري انتظاميه کي چوڪس رهڻو پوندو آهي ۽ ان کان سواءِ شهرن جي اڏاوتي ڍانچي کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي پر اسان وٽ نه ته شهرن جي حالت بهتر ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي انتظاميه برسات جي پاڻيءَ کي نيڪال ڪرڻ لاءِ حرڪت ۾ ايندي آهي. هن مهيني کان برساتن جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي، اهو ايترو جلدي بند نه ٿيندو بلڪه اڃا به ڪجهه ڏينهن جاري رهندو. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير به پنهنجا چپ چوريا آهن ۽ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي حوالي سان ڪي ڳالهيون پڻ ڪيون آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي نيڪالي واري نظام کي درست ڪري رهيا آهيون، نالن تي سرڪاري عمارتون سالن کان اڏيل آهن، نالن تي حددخلين کي هٽائڻو پوندو، ڀلي اهي سرڪاري عمارتون ڇو نه هجن، پوري ڪوشش ڪنداسين ته جلد کان جلد پاڻي نيڪال ٿئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رين ايمرجنسي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته اوڀر ڊسٽرڪٽ جي صورتحال سڀ کان وڌيڪ خراب آهي، وزيراعظم به فون ڪري سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. سيد مراد علي شاهه چوماسي برساتن دوران مختلف واقعن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي پونئيرن لاءِ امداد جو اعلان به ڪيو. ٻئي پاسي سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ برسات جي معاملي کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا ڪراچيءَ ۾ ڀرپور ڪم ڪيو، پڪ سان چوان ٿو ته برسات جي ٻئي ڏينهن شهر ۾ پاڻي نيڪال ٿي ويو هو. موسمي تبديلي سبب گهڻيون برساتون پيون، گهٽ وقت ۾ گهڻي برسات پوڻ سبب نظام متاثر ٿيو، عيد ڏهاڙن ۾ برسات پوڻ سبب گهڻي پريشاني ٿي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو تھ پي ٽي آءِ جي 14 ايم اين ايز ٽي وي تي اچي ڪوڙ ڳالهايو، توشا خانه جي چور کي ڪراچيءَ جي ڳڻتي ورائي وئي، توشا خانه مان چوري هو ڪري، الزام اسان تي هڻي ٿو. مراد علي شاهه چيو تھ ڪي فور عمران خان پاڻ بند ڪرايو، منٽس موجود آهن، اليڪشن ويجهو آهي، ان ڪري تنقيد ڪئي پئي وڃي، ٽي وي پروگرام ۾ غلط بياني ڪئي وئي. ھن چيو تھ چيو ويو ته 48 ڪلاڪن کان پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، ميڊيا به پراڻي دور جون برساتي وڊيو ڪلپس ڏيکاريون، 10 جولاءِ تي ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به روڊ تي پاڻي نه هو. واويلا ڪئي وئي ته ڪراچي شهر ٻڏي ويو، ڪراچيءَ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري ڇڏيو، فقط اولڊ سٽي ايريا ۾ پاڻي بيٺل آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن تي قبضا ڪري اڏاوتون ڪيون ويون آهن، جنهن جي ڪري جڏهن به برساتون وسن ٿيون ته اهو پاڻي نيڪال ٿيڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. اهڙي ريت اهو پاڻي شهر ۾ ڪاهي پوندو آهي ڇاڪاڻ ته ان کي ڪو گس نٿو ملي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته نالن جي حددخلين کي هٽائڻو پوندو، گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ ۾ حددخلين خلاف آپريشن هلي رهيو آهي، ڇا هن وقت تائين اهي حددخليون ختم نه ٿي سگهيون آهن ۽ جيڪڏهن واقعي به قدرتي نيڪال تي اڏاوتون آهن ته انهن کي ڊاهڻ کان ڪير روڪي رهيو آهي، اهو سچ عوام کي ٻڌايو وڃي. عوام کي آگاهه ڪيو وڃي ته اهي ڪهڙا بااثر آهن، جيڪي ڪراچيءَ ۾ موجود قدرتي نيڪال وارن وهڪرن تي قبضا ڪريو ويٺا آهن ۽ انهن کي حڪومت به ختم نٿي ڪرائي سگهي. جيستائين قدرتي وهڪرا بحال نه ٿيندا تيستائين برسات جو پاڻي ڪڏهن به ڪراچيءَ مان نڪري نه سگهندو ۽ شهر ٻڏو پيو هوندو. ائين ناهي ته برسات جي پاڻيءَ ۾ سڄو شهر ٿو ٻڏي فقط ڪجهه علائقا هوندا آهن پر اردو ميڊيا ان کي وڌائي چڙهائي پيش ڪندي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته برسات جي پاڻيءَ جي معاملي تي سياست ڪرڻ بدران عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ کان برساتن جون نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن جاري رهندو، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته برسات جي پاڻيءَ کي شهر ۾ گڏ ٿيڻ نه ڏجي ۽ ان جي نيڪال جو اڳواٽ بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي پريشاني نه ٿئي.