سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي تھ اٺ تڏھن پئي رڙيا جڏھن ٻورا پئي سبيا، انھيءَ چوڻي جي مصداق حيدرآباد ۾ ٿيل افسوس ناڪ واقعي جون ڪڙيون بھ انھي سستي، نااھلي يا حڪمران طبقي پاران ڌرتي ڌڻين سان ويساهه گھاتي سان ملن ٿيون. ڌاري آبادڪاري گذريل 76 سالن کان وٺي جيڪي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي اصلوڪن ڌڻين سان ڪلور ڪندي پئي آئي آھي. ان جو پاليسي ساز ادارن يا حڪمران جماعتن وٽن نھ تھ ڪو جواب آھي نھ پاليسي آھي، نڪي انھن کي ان ڳالھه جي ضرورت بھ رھي آھي. ڪڏھن تھ ھن ملڪ جي جوڙيندڙ اڪاين سان ڪا انصاف، اصول، پاليسي يا حق حڪمراني بابت ڪجھه سوچين يا ڪرين. ان جو نتيجو ئي آھي جو ڌرتي ڌڻي ڪڏھن ارشاد رانجھاڻي جو خون ڪلھي تي کڻي پيا دفنائين تھ ڪڏھن نويد ۽ بلال ڪاڪا کي پيا دفنائين. ان جو تدارڪ ڇا آھي ۽ ڇا ٿيڻ گھرجي بعد جي ڳالھه آھي. پھرين ڏسو تھ ڳالھه انھيءَ نھج يا نقطي تائين پھتي ڪيئن؟
سڀ کان پھرين تھ ھن ملڪ جي پناھگير پاليسيءَ جي حوالي سان ڏسجي تھ پاڪستان جنيوا ڪنوينشن جي ريفيوجي پاليسيءَ جو سگنيٽري آھي ئي ڪونھ. خاص ڪري افغان پناھگيرن جي حوالي سان تھ پاڪستان تي ڪابھ پابندي نھ آھي جو ھو افغاني پناھگيرن کي پنھنجي ملڪ ۾ پناهه ڏئي. ان سگنيٽري ھجڻ يا نھ ھجڻ جا پنھنجا فائدا آھن، جھڙوڪ جيڪڏھن پناھگيرن واري جنيوا ڪنوينشن جو جيڪڏھن ڪو ملڪ صحيح ڪندڙ نھ آھي تھ ان تي ڪو بھ زور يا ڪا زبردستي نھ آھي جو ھڪ ڪنھن بھ ملڪ جي پناھگيرن کي پناهه ڏئي پاڻ لاءِ مصيبتون پيدا ڪري. ان باوجود بھ پاڪستان افغانين لاءِ دل کولي گھر ۾ جايون ڏنيون اھو انتھائي غير ضروري ۽ غير اخلاقي آھي. جيڪڏھن پاڪستان انھن افغانين کي فقط مسلمان ھجڻ ناتي پناهه ٿو ڏئي تھ پوءِ ان لاءِ اندروني طور واضح پاليسيون ٺاھي ھا ۽ ھر صوبي کان پناھگيرن جي رھائش، گنجائش ۽ واپسيءَ جي پاليسي تحت واضح پاليسيون ٺھرائي ھا، ٻي صورت ۾ پرائي فلم پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھڻ جي برابر ھئي جيڪا فلم ڳچي ۾ پئجي وئي آھي. پر جيڪڏھن پناھگيرن کي پناهه ڏيڻ جو پاڪستان کي ايترو اونو ھو تھ پھرين جنيوا ڪنوينشن تي صحيح ڪري ھا ان سان ڪيترائي فائدا ٿين ھا. ھڪ تھ انھن پناھگيرن کي پناهه ڏيڻ جي صورت ۾ گڏيل قومون پاڪستان کي امداد ڏئي ھا ۽ ٻيو عالمي قانون تحت افغاني پناھگيرن کي پناهه ڏيڻ کانپوءِ واپسي يعني Repatriation ۾ جوڳي مدد ڪري ھا ۽ وٽس انگ اکر بھ ھجن ھا.
اھي انگ اکر يا حقيقتون ڏسڻ لاءِ European Asylum Support Office پاران Pakistan Situation of Afghan refugees جيڪو 2020ع ۾ ڇپيو آھي، اھو پڙھڻ گھرجي جنھن ۾ ڇرڪائيندڙ حقيقتون آھن. انھن حقيقتن ۾ ھڪڙي حقيقت ھي بھ آھي تھ PoR Card جيڪو پروف آف رجسٽريشن ڪارڊ نالي سان ھڪڙو ڊاڪومينٽ آھي جيڪو پاڪستان پاران افغان حڪومت سان 2003ع ۾ ھڪڙي ٺاهه تحت جاري ڪيو ويو ھو جنھن مطابق پاڪستان افغانستان ۾ حالتون بھتر ٿيڻ جي صورت ۾ افغاني پناھگيرن کي افغانستان واپسي ۾ مدد ڪندي. پر وقت جي ستم ظريفيءَ جو اھو سلسلو 2006ع کان پوءِ بند آھي ۽ 2020ع جي انگ اکرن مطابق ھاڻي اھو ڏکيو آھي جو اندازو ڪجي تھ ڪيترا افغاني پاڪستان ۾ آھن ۽ ڪيترا واپس ويا آھن. يورپي اداري جي رپورٽ موجب انھن غير رجسٽرڊ افغانين جو سڀ کان وڏو انگ سنڌ ۾ موجود آھي، باقي ٻين صوبن ۾ رجسٽرڊ افغاني رھن ٿا. نھ فقط اھي پر يورپي اداري جي رپورٽ موجب جيڪي افغاني واپس ويا انھن کان انٽرويو ورتا ويا ۽ جتي اھي پاڪستان ۾ رھيا ھئا، اتان جي مقامي ماڻھن کان انٽرويو ورتا ويا انھن جو رايو ھو تھ اھي افغاني گھڻي ڀاڱي دھشتگرديءَ جي واقعن ۾ ملوث آھن، اھا ڳالهھ سنڌ جي صوبائي وزير اسماعيل راھو بھ عمران حڪومت دوران ڪئي ھئي ۽ اسيمبليءَ ۾ چيو ھئائين تھ سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو نھ آھي، ان ڪري پي ٽي آءِ حڪومت افغان پناھگيرن کي واپس موڪلڻ جو بندوبست ڪري. جيڪڏھن پ پ پ حڪومت وفاق کان مطالبو ڪري ٿي تھ اھا اسيمبلي سنڌ صوبي کي ان کان آجو ڇو نٿي ڪري؟ انھن افغانين کي ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ جي سھولتڪاري ڇو ٿي ڪري؟
اھا رپورٽ ٻڌائي ٿي تھ ڊسمبر 2014 پشاور واقعي ۾ بھ افغان پناھگير ملوث ھئا. رپورٽ موجب According to Omar Waraich, campaign director of Amnesty International (AI) for South Asia, the Government of Pakistan ‘…initiated a crackdown that subjected these refugees to harassment and surveillance. They were punished for the actions of the armed group responsible, which had links to Afghanistan, and demonized variously as “criminals”, “terrorists”, and “anti-Pakistani”
نھ فقط اھو پر جيڪي ڏوهه انھن ڪيا جيڪي رجسٽر ئي نھ ٿيا يا جيڪي مقامي ڏوھاري ماڻھن کي ملوث ڪري ھٿيار پنھوار ڏنا ويا، اھي ڳڻپ کان مٿي آھن. ھي اھي رپورٽون آھن جن جو ڪرائيم رڪارڊ موجود ھو. تنھن ھوندي بھ پاڪستان جي مجموعي طور جڏھن تھ سنڌ جي خاص طرح واضح ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪا پاليسي نھ آھي. وري بھ رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻين صوبن ۾ افغان پناھگيرن جو رڪارڊ موجود آھي. سڀ کان وڌيڪ رجسٽرڊ افغاني ڪي پي ڪي ۾ 58 سيڪڙو آھي، جڏھن تھ سنڌ ۾ انھن جو ڪو رڪارڊ ڪونھي. ان حوالي سان رپورٽ جي صفحي نمبر 36 تي ڄاڻايل آھي تھ The Express Tribune stated in February 2020 that there is no data available in the province of Sindh about persons of Afghan origin, including registered, unregistered and those classified as illegal migrants. P 36
مٿين انگن اکرن ۽ رپورٽ جي تفصيل کي ڏسي محسوس ٿئي ٿو تھ مٿئين سرڪار بھ ڪنھن نھ ڪنھن ريت ھن ملڪ کي ڪا سزا پئي ڏئي ڇو تھ جيڪي افغاني اچي رھيا ھئا، انھن جي اچڻ لاءِ تھ آسانيون ٺاھيون ويون پر رپورٽ موجب انھن جي واپسي 2002ع ۾ 16 لک ھئي ۽ 2020ع ۾ رڳو ڪجھه سئو افغاني واپس ويا. جڏھن تھ افغانستان مان اچڻ جو انگ وڌي رھيو آھي. ٻي وڏي ڳالھه تھ افغاني ٻين صوبن جي فقط شھرن ۾ نھ پر ٻھراڙين ۾ رکيا ويا پر سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ افغاني 100 جو 100 سيڪڙو شھري آبادي ۾ گھر ڪري ويھي رھيا. هلو اسلام آباد جي تھ ڪا ٻھراڙي آھي ئي ڪانھ، اتي تھ شھري علائقن ۾ بھ ھوندا پر سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ڪيمپون قائم ڪري انھن افغانين کي ڇو نھ رکيو ويو جو اھي افغاني مقامي ڌرتي ڌڻين کان وڌيڪ اھم ملڪيتن تي قبضا ڪري ويھي رھيا يا انھن کي سھولتڪاري ذريعي اھي ملڪيتون خريد ڪري ڏنيون ويون؟
پنھنجي وڍي جو نھ ويڄ نھ طبيب واري ڪار، ھاڻي تھ مورڳو انهن جو اسان جي ڳچيءَ ۾ ھٿ آھي جنھن لاءِ يورپي ادارن کي تھ ڳڻتي آھي پر ڌرتي ڌڻي حڪمران جيڪي اسيمبلين ۾ ويٺا آھن، انھن جي ڪن تي جونءِ بھ نٿي سري. سوشل ميڊيا تي بلال ڪاڪا جي شھادت کان پوءِ ڌُم لڳي پئي آھي تھ پٺاڻن جي ھوٽل تي چانھه نھ پيئو، انھن کان سودو نھ وٺو وغيره. جن دھشتگردن سان ايٽمي طاقت رکندڙ رياست نٿي پڄي سگھي انھن سان چانھه جي بائيڪاٽ ڪري ڪيتري ٻاراڻي پيا ڪريون اسين؟ سڀ کان پھرين تھ اسان کي پاليسي سازيءَ تي سوچڻ گھرجي جھڙوڪ گلگلت بلتستان اھو قراداد پاس ڪري سگھي ٿو تھ ھتي گلگلتي ۽ بلتي کانسواءِ ڪوبھ ملڪيت نٿو وٺي سگھي، جڏھن عرب ۽ ايران اھڙي پاليسي ٺاھي سگھن ٿا تھ ڪو بھ غير عرب يا غير ايراني اتي پراپرٽي نٿو خريد ڪري سگھي تھ اسان جي ھزار سالن جي ڌرتي ايئن ننڌڻڪي ڇو پئي وڪجي؟ پاڪستان ۾ سنڌ ھڪ سماجي، سياسي ۽ معاشي معاھدي تحت گڏ ٿي ھئي، ان جو اھو مطلب ناھي تھ ھاڻي ڪنھن بھ پاليسي ۾ سنڌ کي آزاد نھ ڇڏجي؟ پر انھيءَ سموري عمل ۾ وري شروعات بھ تھ سنڌ اسيمبليءَ کان ڪرڻ گھرجي. پ پ پ مان ٻي تھ ڪنھن بھ چڱائيءَ جي اميد نٿي ڪري سگھجي پر پ پ پ ۾ موجود سنڌ دوست محب وطن ميمبرن کان اھو مطالبو ضرور ڪرڻ گھرجي تھ ھاڻ سنڌ جي ڊيموگرافي بنھه بگڙي وئي آھي. ھاڻي آخري پساھن ۾ بھ سنڌ ڌرتيءَ جي آزاد پاليسي سازي يا ڌرتي بچائڻ واري پاليسي تي عمل نھ ڪيو تھ توھان بھ ھنن بي يار و مددگار عوام جيان سموري زندگي لعنتون ملامتون پيا سھندا. اچو تھ بلال ڪاڪا جي شھادت تي ڏک جا ٻھ ڳوڙھا وھايون ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ جي بچائڻ لاءِ مٿئين سطح تي ڪم ڪريون. باقي فيس بوڪ تي ويھي افغانين جي بائيڪاٽ مان ڪڏھن ڪجھه ڪونھ ورندو ڇو تھ فيس بوڪ تي اوھان باشعور ماڻھن مان 5 سيڪڙو ماڻھو مشڪل سان سمجھدار ھوندا. جڏھن تھ افغانين جي ھوٽلن تي ويٺل نھ توھان جا اسٽيٽس ٿو پڙھي نھ انھن جي اھا سوچ بھ آھي.