ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي ڪير ڏيندو!!

Editorial-Article- Rashid Leghari

حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ ميدان سجائڻ لا اليڪشن ڪميشن طرفان اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ کانپو اميدوارن سوڀ ماڻڻ لا ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي. حيدرآباد ريجن جي 9 ضلعن ۾ ٽائون، ميونسپل ڪميٽيز ۽ ضلعي ڪائونسل، يونين ڪائونسل تي دلچسپ مقابلا ٿيڻ طرف وڃي رهيا آهن. اليڪشن جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ دلچسپ مقابلو ٿيڻ وارو آهي. حيدرآباد ۾ وڏين سياسي پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي ش ڀ، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي سميت ٻين پارٽين چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوارن جا نالا ۽ اميدوان جو تعداد سامهون آندو آهي. ان ڏس ۾ اميدوارن پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ ورڪ ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد ۾ اليڪشن دوران بدنظمي ۽ جهيڙي جو امڪان به ظاهر ڪيو پيو وڃي. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ جي مقرري تي اليڪشن ڪميشن طرفان اعتراض پڻ اٿاريا ويا آهن، جنهن اعتراض کي آ جي سنڌ رد ڪندي امجد شيخ کي ئي ايس ايس پي مقرر ڪيو آهي. حيدرآباد ۾ اليڪشن واري ڏينهن امن امان کي بحال رکڻ لا پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لا چئلينج بڻيل رهندو.
حيدرآباد ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنر علي عبدالله جان بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي لا حيدرآباد جي 9 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي 160 يونين ڪميٽيز تي بيٺل چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلرن جي لسٽ پڌري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ 18 يونين ڪميٽين مان بنامقابلي چونڊيل اميدوارن جي لسٽ پڻ جاري ڪئي وئي آهي. 160 يونين ڪميٽيز تي سخت مقابلو پاڪستان پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آ جو سامهون آيو آهي. ساڳئي وقت تحريڪ لبيڪ، جي يو آ، ن ليگ، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، ايس يو پي، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو، عوامي ورڪرز پارٽي ۽ آزاد اميدوارن جا نالا پڻ گردش ڪري رهيا آهن. سروي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي 160 يونين ڪميٽين تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين، بيهارڻ جي دعوا ڪئي آهي. پي ٽي آ جا 100 کان وڌيڪ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سامهون آيا آهن. ايم ڪيو ايم جا 160 يونين ڪميٽيز تي 88 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بيٺل آهن. تحريڪ لبيڪ جا 47 اميدوار، پي ايس پي جا 48، جماعت اسلامي جا 31 اميدوار، پ پ شهيد ڀٽو جا 6 اميدوار ميدان تي لٿل آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلز پارٽي 16 ڪميٽيز تي بنا مقابلي چيئرمين چونڊ جي دعوا ڪئي آهي. قومي عوامي تحريڪ جو اميدوار حسين آباد ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪميٽي 125 جي وارڊ 4 جو ڪائونسلر پڻ بنامقابلي ڪامياب ٿيو آهي. اهڙي ريت حيدرآباد جي 160 يونين ڪميٽيز ۾ 8 سئو 20 پولنگ اسٽيشن ۽ 25 سئو 30 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويندا. جنهن ۾ مردن جا 1317 ۽ عورتن جا 12 سئو 13 بوٿ قائم ڪيا ويندا. حيدرآباد ضلعي ۾ 21 لک 99 هزار جي آبادي مان 11 لک 94 هزار ماڻهو ووٽ داخل ڪري سگهندا. جنهن ۾ 6 لک 28 هزار ووٽ اڻ رجسٽرڊ داخل آهن. 25 لک 25 هزار 7 سئو 91 عورتن جا ووٽ آهن. مردن جا ووٽ 6 لک 28 هزار 480 آهي. حيدرآباد ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ پوليس اڃا سيڪيورٽي پلان جاري نه ڪيو آهي. ضلعي اليڪشن ڪميشن موجب اليڪشن لا 10 هزار عملو مقرر ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن، اليڪشن ڪميشن جي ذميوارن ۽ ايس ايس پي حيدرآباد سان گڏجاڻي ڪئي. ڪمشنر آفيسرن کي اهو به چيو آهي ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ضرورت اهڙي طريقي سان پوري ڪئي وڃي، جنهن سان عوام کي تڪليف نه پهچي. اسان ڏٺو آهي ته اليڪشن جي ڊيوٽي لا عملي کي کڻڻ لا مسافر گاڏين جي وٺ پڪڙ شروع ڪئي ويندي آهي. گاڏين جي پڪڙ وقت پوليس ۽ انتظاميه کي ٽرانسپورٽر پئسن جي به آڇ پيا ڪندا آهن، جنهن ۾ وڏا ٽرانسپوٽر اليڪشن جي ڊيوٽي لا پنهنجون مسافر گاڏيون ڏيڻ کان آجا ٿي ويندا آهن. جنهن ۾ انفرادي مسافر گاڏي رکندڙ ڊرائيور ۽ ننڍا ٽرانسپورٽر ڦاسي پوندا آهن. سندس گاڏي اليڪشن ڊيوٽي ۾ لڳائي ويندي آهي. جنهن لا ٽرانسپورٽرن کي تيل جو معاوضو به ڏنو ويندو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت مهانگي ڊيزل ۽ پيٽرول جي وقت ۾ اليڪشن ٿي رهيا آهن. ان لا پوليس ۽ ٽرانسپورٽر جي وچ ۾ سرد جنگ ۾ ڏسڻ وٽان هوندي، ساڳئي وقت اليڪشن ڪميشن پاران مهيا ٿيل پولنگ اسٽيشنن جي فهرست موجب پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري اتي پاڻي، بجلي ۽ ٻين سهولتن جي موجودگي جو جائزو پڻ ورتو ويندو. ڪمشنر ۽ ٻي انتظاميه چيو آهي ته چونڊن جي سلسلي ۾ عملي کي ترتيب ڏيڻ، پولنگ اسٽيشنن تي موجود سهولتن، سيڪيورٽي، يونين ڪائونسلن جي انگ اکر سميت عملي جي سکيا، چونڊ مواد ترسيل ۽ ٻين معاملن تي مشتمل پلان شيئر ڪيو وڃي ته جيئن پرامن طريقي سان صاف ۽ شفاف مڪاني چونڊن کي يقيني بڻائي سگهجي. ڊي آر اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري حساس پولنگ اسٽيشنن جي پڻ نشاندهي ڪري رپورٽ ڏني وڃي. ان معاملي سان گڏ اليڪشن برساتن جي موسم به ٿي رهي آهي. تازين برساتن کي نظر ۾ رکندي پولنگ اسٽيشنن تي برساتن کان بچاءَ جا انتظام پڻ ڪيا ويندا. جيڪڏهن ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي برساتي پاڻي گڏ ٿي ويو ته چونڊ جي مرحلي ۾ رخنو پئجي سگهي ٿو. حيدرآباد ضلعي جي عملدارن حيسڪو عملدارن کي چيو آهي ته اليڪشن جي ڏينهن لوڊشيڊنگ جو شيڊول اليڪشن ڪميشن ۽ سڀني ڊي سيز حوالي ڪيو وڃي. پولنگ جي ڏينهن پولنگ اسٽيشنن کي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو ويندو. حيدرآباد ۾ ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاهه پڻ چيو آهي ته حيدرآباد سميت ريجن ۾ پولنگ ڏهاڙي پوليس نفري سميت رينجرز کي پڻ مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته پاڪ فوج جي خدمت حاصل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، ان کي به اسٽينڊ بائي رکيو ويندو. هن ٻڌايو ته پوليس نفري جي مقرري، پيٽرولنگ ۽ رينجرز جي مقرري جي حوالي سان حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ايس ايس پيز کي سيڪيورٽي پلان جوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته اليڪشن جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي پلان سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان شيئر ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ڏٺو وڃي ته حيدرآباد ۾ حساس پولنگ وڌيڪ سامهون اينديون، جتي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ گهرجن. مختلف سياسي پارٽيون پڻ سيڪيورٽي جون گهرجائو هونديون آهن. حيدرآباد ۾ اليڪشن کان اڳ به مختلف علائقن ۾ جهيڙا ٿي چڪا آهن. هٿيارن جو به استعمال ڪيو ويو آهي. حيدرآباد جي قاسم آباد ۽ جي او آر ڪالوني ۾ آزاد اميدوار کي هٿ کڻائڻ لا جهيڙو ٿي چڪو آهي. جنهن ۾ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. جيڪي پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکن ٿا، هنن جي ٺاهه لا به پ پ ڪوشش ورتي پئي. ساڳئي وقت حيدرآباد جي نيرون ڪوٽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي يو سي 17 تي بيٺل تحريڪ لبيڪ جي اميدوارن چيو آهي ته اهي سندن تڪ تي اليڪشن ورڪ ۾ مصروف هئا ته سندن مٿان قاتلاڻو حملو ڪري چاڪو جا وار ڪري زخمي ڪيو ويو. جنهن ۾ 3 ڪارڪن زخمي ٿيا آهن. اهڙن جهيڙن جي صورتحال کي به نظر ۾ رکڻ پوليس ۽ انتظاميه لا ضروري آهي. اهڙي ريت مڪاني چونڊن ۾ عوام جي دلچسپي به وڌي رهي آهي، ماڻهو پنهنجي پنهنجي اميدوارن کي کٽائڻ لا بازيون پيا رکندا. شهرن ۽ ٻهراڙي ۾ دلچسپ مقابلا امن جي ماحول ۾ ٿي وڃن ته اهو ئي بهتر عمل ٿيندو. جيڪو مڪاني ادارن لا به سٺو ثابت ٿيڻو آهي. ٻي صورت ۾ انتشار ۽ فاشزم فائدي بدران نقصان ئي ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button