ڪجهه ڏينهن پهريان فيس بڪ تي هڪڙي پياري دوست، جيڪو سندس چواڻي پاڻ به ڪيترا ئي ڀيرا اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر توڙي پرزائيڊنگ آفيسر جي حيثيت ۾ اليڪشن ڊيوٽي سرانجام ڏئي چڪو آهي، سوال اٿاريو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪيئن ٿيندي آهي؟ ممڪن آهي کيس اها خبر هجي، ٻين جي سامهون آڻڻ لاءِ اهو سوال اٿاريو هجئين. بهرحال، اليڪشن ۾ ڌانڌليءَ جا ٽي مختلف دور ٿيندا آهن. پهريون اليڪشن کان اڳ، ٻيو هلندي اليڪشن ۾ ۽ ٽيون اليڪشن کان پوءِ واري دور ۾ ٿيندڙ ڌانڌلي.
اليڪشن کان اڳ واري دور ۾ ڌانڌليءَ جو مطلب آهي. هر هڪ اميدوار يا اليڪشن ۾ بيهڻ جو شوقين ان ۾ آزاد هئڻ گهرجي ته پنهنجي مرضيءَ سان اليڪشن وڙهي. هر هڪ اميدوار پنهنجي ڪارڪردگي يا مستقبل لاءِ موجود رٿابنديءَ جي آڌار تي ووٽ وٺي ڪامياب ٿئي. پر اسان وٽ اليڪشن کان اڳ طاقتور اميدوار ڪوشش ڪندا آهن ته سندن مقابلي ۾ ڪو ئي اميدوار نامزدگي فارم ئي نه ڀري يا وري جيڪڏهن فارم ڀريو اٿائين ته هٿ کڻي وڃي. ڇاڪاڻ ته بنا مقابلي چونڊجي اچڻ جو رڳو هڪڙو اهو فائدو نه هوندو آهي ته اوهان جي لئي ٿي ويندي ته توهان ايترا ڀلا اميدوار آهيو جو توهان جي سامهون ڪنهن اليڪشن وڙهڻ جي جرئت يا حجت هلڻ مناسب نه سمجهي. پر ان کان علاوه به فائدا آهن جهڙوڪ: اوهان جي اليڪشن مهم جو گھڻو تڻو خرچ بچي پوندو آهي. ووٽ گهرڻ لاءِ در در تي وڃي ٻانهون نه ٻڌڻيون پونديون آهن. اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو اميدوار انا جي گهوڙي تي چڙهيل آهي (اڪثر اهڙا ئي هوندا آهن) ته ان جي انا کي ٺيس به نه پهچندي آهي وغيره. هاڻي اهڙي صورتحال جوڙڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو ويندو آهي ته جيئن بنا مقابلي چونڊجي اچون. مخالف اميدوارن تي پوليس ڪيس ڪرايا ويندا آهن. کين مختلف طريقن سان دڙڪا داٻا ڏئي ڊيڄاريو ويندو آهي. مثال طور هڪڙي اميدوار کي پوليس جي ذريعي ڌمڪايو ويو ته 1985 ۾ تو جيڪو روڊ ايڪسيڊينٽ ڪيو هئو ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪڙو ماڻهو مارجي ويو هئو، ان ڪيس کي اتفاقي حادثي بدران قتل ڪيس ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. جنهن صورت همراهه سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو ته ڪائونسلريءَ جي اميدواري ڪا اهڙي خوبصورت شئي آهي ڇا جنهن جي ايڏي وڏي قيمت ادا ڪجي؟ اڃان رڳو اميدوار ئي ته آهيان. کٽڻ هارائڻ جو فيصلو ته بعد ۾ ٿيندو. پر جيڪڏهن کٽي به وڃان ته هڪ ڪائونسلر جي هٿ ۾ هوندو ڇا آهي؟ مونکي ڇا حاصل ٿيندو؟ آخري تجزئي ۾ ماڻهو اهو ئي سوچيندو ته خواه مخواهه جو ضد ڇڏي ڏيڻ ئي بهتر فيصلو هوندو. هڪڙي ٻئي اميدوار کي تعليم کاتي جي آفيسرن ذريعي دڙڪو ڏنو ويو ته سندس ماستر ڌيءَ يا پٽ جي بدلي ڪنهن ڏورانهين علائقي ۾ ڪئي پئي وڃي يا وري هُو سڌري وڃي ۽ شرافت سان اليڪشن لاءِ پنهنجي اميدواريءَ تان هٿ کڻي وڃي ته جيئن اليڪشن اهي وڃي وڙهن جيڪي اهو ڌنڌو ڪري ڄاڻن. اهڙو اميدوار به سوچيندو آهي ته اليڪشن وڙهڻ سندس جهڙي ڪنهن شريف ماڻهوءَ جو ڪم ڪونهي. ان کان علاوه مخالف اميدوارن جي خلاف منفي پروپيگنڊا ڪرڻ يا سندن ڪردار ڪشي ڪري ووٽرن کي سندن خلاف بيهارڻ جون ڪوششون به اليڪشن کان اڳ واري ڌانڌليءَ ۾ شمار ٿينديون آهن. مخالف اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪرائڻ لاءِ مختلف حربا هلائڻ به ڌانڌلي جي زمري ۾ اچي ٿو. اهل ۽ لائق اميدوار سمجهندو آهي ته مقابلي جو اصل ميدان پولنگ وارو ڏينهن آهي. مختلف ٺڙڪ ٺڳيون ڪري مخالفن کي اليڪشن عمل کان ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ ڪاميابي ڪانهي. جيڪڏهن ڪنهن اميدوار جو نامزدگي فارم قانون قاعدي مطابق رد ٿيڻو آهي ته اها اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل رٽرننگ آفيسر جي ذميواري آهي ته فارمن جي ڇنڊڇاڻ دوران اهو ڪي فارم رد ۽ ڪي بحال ڪري ڇڏي. مخالف اميدوار جو فارم رد ڪرائڻ لاءِ حيلا هلائڻ توڙي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري من پسند اليڪشن عملو مقرر ڪرائڻ به اليڪشن کان اڳ واري ڌانڌليءَ ۾ شمار ٿيندو آهي.
اليڪشن عمل دوران جيڪي ڌانڌليون ٿينديون آهن انهن ۾ سڀ کان اهم اليڪشن عملي کي خدمت چاڪريءَ ذريعي پنهنجو احسان مند بڻائي ان کان ناجائز سهڪار وٺڻ آهي. ڪجهه ماڻهو وري ان جي ابتڙ دڙڪو دهمان يا بليڪ ميلنگ جو حربو استعمال ڪري اليڪشن عملي کي ڊيڄاريندا ۽ پوءِ پنهنجي مرضي هلائيندا آهن. پرزائيڊنگ آفيسر کي خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن پولنگ جو عمل رُڪجي ويو ته بالا آفيسر اهو نه ڏسندا ته ان ۾ قصور ڪنهن جو هئو. اهي زميني حقيقتن کي حساب ۾ آڻيندا ئي نه آهن. اهي بس اهو ڏسندا آهن ته پرزائيڊنگ آفيسر جي نااهلي آهي جو اهو پولنگ عمل کي جاري نه رکي سگهيو. اميدوار جڏهن ڏسندو آهي ته سندس مخالف اميدوار جا ووٽ پيا هلن ته ڪو نه ڪو بهانو ڪري جهيڙو ڪرائي وجهندو آهي ته جيئن پولنگ جو عمل رڪجي وڃي.
پرزائيڊنگ آفيسر جيڪڏهن چاهي ته ڪنهن کي به کٽرائي يا هارائي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته پولنگ واري ڏينهن اهو بي تاج بادشاهه هوندو آهي. بيلٽ پيپر ان جي قبضي ۾ هوندا آهن. جيڪڏهن اهو چاهي ته پنهنجي آفيس ۾ يا جتي به کيس هيڪلائي ملي، انهن تي ٺپا هڻي وجهه وٺي بيلٽ باڪس ۾ وجهي سگهي ٿو يا پنهنجي پسند جي اميدوار جي ڪنهن ماڻهوءَ حوالي ڪري سگهي ٿو جيڪي ٿورا ٿورا ڪري بيلٽ باڪس ۾ وجهرائي سگهن ٿا. اهو سڀ ڪجهه ووٽن جي ڳڻپ وقت به ڪري سگهبو آهي. بس، ان ۾ رڳو اهو خيال رکبو آهي ته پيل ووٽن جو تعداد رجسٽرڊ ووٽن کان ئي نه وڌي وڃي. اليڪشن عملو ۽ خاص ڪري پرزائيڊنگ آفيسر ڌر بڻجي هڪڙي ڌر جي مشڪوڪ ووٽرن کي به ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿو ۽ ٻِي ڌر جي ووٽرن کي رنڊائي سگهي ٿو. ان معاملي ۾ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ سندس پسنديده اميدوار جي ايجنٽ جو ڳٺ جوڙ هوندو آهي. جتي پنهنجي پسنديده اميدوار جي حمايتين کي ناجائز طريقي سان ووٽ ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ جهڙوڪ: سڃاڻپ ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي يا رسيد جي بنياد تي به ووٽ جي اجازت ڏيڻ ۽ ناپسنديده اميدوار جي ووٽرن کي ساڳي نموني ووٽ ڪرڻ کان روڪڻ وغيره کان علاوه ناپسنديده اميدوار جي ووٽن کي خارج قرار ڏيڻ لاءِ مختلف اٽڪلون استعمال ڪرڻ به اليڪشن دوران ڌانڌليءَ ۾ شمار ٿين ٿيون. اهو عمل خاص ڪري ووٽن جي ڳڻپ وقت ٿيندو آهي. اليڪشن عملي جو ڪو فرد جيڪو ڳڻپ ڪري رهيو آهي سو آڱوٺي يا آڱر کي مس هڻي ويهندو يا ماڳهين اسٽيمپ پيڊ ويجهو ڪري ويهندو آهي. ان وقت روشنيءَ جو انتظام نه جي برابر ۽ ڳڻپ ۾ ايترو توجهه هوندو آهي جو مشڪل سان ڪنهن جو ان پاسي ڌيان ويندو ته اهو همراه ووٽ ڳڻڻ جي بهاني ووٽ خراب ڪري رهيو آهي. ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ نتيجو ٺاهڻ جو مرحلو هوندو آهي. جنهن ۾ به ڌانڌلي ٿيندي آهي. پرزائيڊنگ آفيسر جيڪي ابتدائي نتيجا ٺاهيندو آهي اهي عبوري، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سمجهيا ويندا آهن. ان ڪري جيڪڏهن اهو چاهي ته پولنگ اسٽيشن تي هڪڙو ۽ رٽرننگ آفيسر وٽ پهچي ٻيو نتيجو ٺاهي جمع ڪرائي سگهي ٿو. ان پنڌ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر جو مددگار عملو ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو آهي. سمورو حساس ۽ غير حساس سامان پرزائيڊنگ آفيسر وٽ هوندو آهي. لڳ ڀڳ سمورا پرزائيڊنگ آفيسر جيڪو نتيجو جمع ڪرائيندا آهن ان کي غلط قرار ڏنو ويندو آهي. ان ڪري سڀ پرزائيڊنگ آفيسر سامان کولي ويهي ٻيهر نتيجا ٺاهيندا آهن. ان دوران پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا ٺاهي سگهي ٿو. بس ان کي مخالف اميدوار جا درست ووٽ خارج قرار ڏيڻ لاءِ هٿ جي صفائي ڏيکارڻي پوندي. پرزائيڊنگ آفيسر جڏهن نتيجا جمع ڪرائي آجو ٿيندو آهي تڏهن رٽرننگ آفيسر جو اختيار شروع ٿيندو آهي. جيئن ته اسان وٽ اليڪشن ڪميشن وٽ پرزائيڊنگ آفيسر ته ٺهيو، رٽرننگ آفيسر جي سطح جا آفيسر به اليڪشن ڪميشن جا مستقل ملازم نه هوندا آهن ان ڪري اليڪشن وڙهندڙ اميدوارن منجهان ڪنهن نه ڪنهن جو انهن تائين اثر رسوخ ۽ پهچ ممڪن هوندي آهي. ساڳي ڌانڌلي جيڪا پرزائيڊنگ آفيسر ڪري سگهيو پئي سا هاڻي رٽرننگ آفيسر جي اختيار ۾ اچي ويندي آهي. رٽرننگ آفيسر ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ملڻ کان اڳ ئي اهڙي ڪاروائي ڪري سگهي ٿو يعني جنهن اميدوار کي سهڪار ڏيڻو آهي ان جي مخالف اميدوار جا درست ووٽ خارج قرار ڏئي پسند جي اميدوار کي ڪاميابيءَ جي ويجهو ڪري سگهي ٿو. جنهن کان پوءِ ساڳي مشق ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ ورجائجي سگهي ٿي. اهڙو معاملو ئي اليڪشن ٽربيونل ۽ اپيليٽ ڪورٽن ۾ به ممڪن هوندو آهي. سمورو دارومدار ان تي هوندو آهي ته اوهان جي نصيب ۾ جيڪو آفيسر يا جج صاحب آيو آهي ان جي ڪا قيمت آهي يا نه؟ اوهان اها قيمت ادا ڪري سگهو ٿا يا نه؟
سنڌ اندر مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. پڙهندڙن کي ان سلسلي ۾ ڪجهه تجربا ٿيا هوندا. ايندڙ وقت ۾ ڌانڌليءَ جا اڃان وڌيڪ تجربا ٿيندا.