ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برساتن ۾ بندن جي حالت

Editorial

هن سال برسات جي اڳڪٿيءَ کان پوءِ جيڪا تياري حڪومتي سطح تي ڪرڻ گهرجي ها، سا اڃا تائين نظر نه اچي رهي آهي. برساتن جي مند ۾ گهڻو ڪري آبپاشي کاتي کي الرٽ رهڻ گهرجي. پر برساتون پوڻ کان پوءِ واهن توڙي ڪئنالن جي ڪپرن تي وڏو زور پوندو رهندو آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو ڪپر ٽٽندا آهن پر اهو پاڻي آبادين ۽ فصلن ۾ ڪاهي پوندو آهي. اهڙي ريت برسات دوران نقصان جو انديشو وڌي ويندو آهي. پر برسات بابت ڪيترائي الرٽ جاري ڪيا ويندا آهن، ان باوجود به جيڪڏهن آبپاشي کاتو تياري نه ڪري ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو پنهنجي ذميواري صحيح نموني ڪونه پيو نڀائي ۽ نه ئي ان کي ان ڳالهه جي پرواهه آهي ته اهو ماڻهن کي برسات جي آفتن کان بچائي سگهي. سنڌ ۾ جيڪي به ڪئنال آهن، انهن جي حالت گهڻي ڀاڱي خراب هوندي آهي. ان ڪري پاڻي جي وهڪري سبب بند ٽٽن جو خطرو وڌ ويندو آهي.
خبر موجب ڪرمپور ويجهو ڳوٺ مشتاق احمد بجاراڻي وٽ بيگاري ڪئنال جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن، برسات ۽ پاڻيءَ جي وهڪري سبب بند ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو. بند ٽٽڻ جي صورت ۾ 50 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته بيگاري ڪئنال جو بند ٽٽڻ جي صورت ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل لڙھي ويندو. علائقي واسين ممتاز علي چولياڻي، الهه بخش ملڪ، غلام مصطفيٰ جعفري، قربان بجاراڻي ۽ ٻين چيو ته بيگاري ڪئنال جو بند انتهائي ڪمزور ٿي چڪو آهي، هڪ سئو فوٽ وارو بند باقي 6 فوٽ بچيو آهي. برسات هلي پئي بند ٽٽڻ جي صورت ۾ ديھه ڪرمپور، ديھه گڙو ۽ ديھه بختيارپور جا 50 ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويندا. هنن وڏي وزير، آبپاشيءَ جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بند جي مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن علائقي واسي نقصان کان بچي سگهن. سنڌ ۾ رڳو بيگاري ڪئنال جو بند ناهي جنهن جي حالت خراب ٻڌائي پئي وڃي پر ٻيا به ڪيترائي بند هوندا، جن جي حالت ڪا ايتري بهتر ڪانهي، پر هيستائين انهن بندن بابت ڪو اپ ڊيٽ نه ورتو ويو آهي. آبپاشي کاتي کي برسات جو الرٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ ان معاملي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هوندي، ڇاڪاڻ ته اهڙي تياريءَ سان ڪنهن به امڪاني نقصان کان بچي سگهجي ٿو پر اسان وٽ ته برسات هجي برسات نه هجي، تڏهن به انتظام پورا نه ڪيا ويندا آهن، جنهن ڪري عوام کي پريشاني ڏسڻي پوندي آهي.
هن صورتحال ۾ جڏهن برسات اڃا ڪجهه ڏينهن وسندي رهندي ۽ پاڻيءَ جي وهڪرن لاٿ بدران واڌ ايندي رهندي ته آبپاشي کاتي ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هيستائين ڪا تياري ڪري ورتي آهي؟ سنڌ ۾ جتي جتي به برسات گهڻي وسي پئي يا وسڻ جا امڪان آهن، اتان جي واهن ۽ ڪئنالن بابت عوام کي آگاهي ڏيڻ گهرجي. سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو وڏي وقت کان پوءِ شروع ٿيو آهي، جيڪڏهن اهو پاڻي به ڪئنالن جي ڪپرن کي گهارا پوڻ سبب ضايع ٿي ويو ته ان سان سنڌ کي ئي نقصان ٿيندو. تنهنڪري برسات جي پاڻيءَ کي بهتر استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ آبپاشي کاتي کي گهرجي ته وقت سر بندن جي مضبوطيءَ لاءِ ڪم کي جاري رکڻ گهرجي. جڏهن برساتن جو سلسلو بند ٿي ويندو آهي ته بندن جي سار ئي نه لڌي ويندي آهي ۽ ڪپرن ۾ روڻيون پونديون ته اوچتي وڏي وهڪري سبب گهڻو نقصان ٿي ويندو آهي. گذريل ڀيري آيل ٻوڏ ۾ جيڪا تباهي ٿي هئي، اها ان ڪري ئي ٿي هئي جو بندن جي حالت بهتر نه هئي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪين برساتن ۾ آبادين ۽ فصلن کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته بندن کي مضبوط ڪيو وڃي، جتي به ڪم جي ضرورت آهي، اتي بنا دير جي ڪم شروع ڪيو وڃي ته جيئن وڏي توڙي ننڍي نقصان کان بچي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button