آئون گھڻي عرصي کان فقيرمحمد لاشاري سان پنهنجي ذاتي تعلق متعلق تفصيل سان لکڻ چاهيان پيو پر الائي ڇو لکي نه سگھيس. سندس وفات کان فوري پو سندس ويجھي دوست، جنهن سان منهنجو به سندس حوالي سان تعلق هو، عبدالرحيم سمون، جيڪو ان وقت ڪي اي ايس سي ۽ هاڻي ڪي اليڪٽرڪ ۾ انجنيئر هو، مون کي ڏهه هزار روپيا ڏنا ته ان مان لاشاري تي ڪو سٺي نموني پروگرام ڪرايو. اهي پئسا مون ان وقت سنگت ڪراچي جي سيڪريٽري رزاق سهتو جي حوالي ڪيا. انهن پئسن مان انهن ڪراچي جي ڪنهن هوٽل ۾ اهو پروگرام ڪرايو جنهن ۾ انهن مون کي به مضمون پڙهڻ لا چيو هو. اهو مضمون خبر ناهي ته ڪٿي هليو ويو. ان کانپو تفصيل سان ڪا شي لکي نه سگھيو آهيان.
فقير سان منهنجو تعلق ان ريت قائم ٿيو. ان وقت اسان ڪجهھ دوست سنڌي عوامي تحريڪ کان ڌار ٿي ڊاڪٽر ارباب جي وطن دوست ۾ شامل ٿيا هئاسين. فقير ان وقت ڊاڪٽر ارباب جو ويجھو دوست ۽ وطن دوست جي اهم ڪارڪنن ۾ شامل هو. هو پارٽي جو نظرئي دان سمجھيو ويندو هو. اهڙي ريت منهنجو ساڻس تعلق جڙيو. اسان ۾ هڪ ڳالهه اها گڏيل هئي ته اسان ان سياسي جماعت ۽ ان جي اڳواڻن مان مطمئن نه هئاسين ۽ وقت سان گڏوگڏ ان کان لاتعلق ٿي ويا هئاسين.
فقير شروع ۾ ڪراچي آيو ته اسڪول ۾ استاد هو ۽ پو اها نوڪري ڇڏي صحافت ۾ آيو ۽ هلال پاڪستان جوائن ڪيائين. اسان جي تعلق جو هڪ حوالو اهو به هو. ڇاڪاڻ ته لکڻ وغيره جي حوالي سان منهنجو به هلال سان واسطو هو ۽ اتي اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو. هڪ ٻيو حوالو سنڌي ادبي سنگت هو. اهڙي ريت اسان جي دوستي ٿي جيڪا سندس گذاري وڃڻ تائين قائم رهي.
فقير پنهنجي خاندان ۽ گھر وارن سان لاڳاپيل ماڻهو هو. هو جيتوڻيڪ ڪراچي اڪيلو آيو هو پر سندس واسطو پنهنجن ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن سان لاڳيتو هوندو هو. مون کي ياد آهي ته جڏهين سندس وڏو پٽ بيمار هو ته ان وقت سندس گھر وارا ڳوٺ ئي رهندا هئا پر هو ان کي ڪراچي وٺي آيو هو ته جيئن ان جو مناسب علاج ٿي سگھي. سندس اهو پٽ بيماري وگھي گذاري ويو ۽ هو گھڻي عرصي تائين ان جو ڏک کڻي هلندو رهيو. ساڳي ريت جڏهين هو پنهنجن ٻارن کي ڪراچي وٺي آيو ته سندس پنهنجي ٻئي پٽ سارنگ ۽ ڌيئرن نصرت ۽ تخليق وغيره سان گھڻو لڳا هوندو هو. هو انهن سان هڪ پي کان وڌيڪ دوست وارو ورتا ڪندو هو. انهن سان ويهي ڪچهري ڪندو هو، سافٽ بال سان ڪرڪيٽ کيڏندو هو. ساڳي ريت سندس پنهنجي زال سان عزت ۽ پيار وارو رويو هوندو هو. ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ پنهنجي زال کي مار ڪڍڻ مردانگي ۽ ان کان وڌيڪ زال سان مڙس جو پيار ڪري سمجھيو ويندو آهي. هو ٻڌائيندو هو ته يار ڳوٺ وارا چوندا آهن ته هن کي ته پنهنجي زال سان پيار ئي ناهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهين مٿس هٿ ناهي کنيو. هو پنهنجن روين ۽ ورتا ۾ هڪ متوازن ۽ مهذب ماڻهو هو.
اها سندس شخصيت جي ڇڪ هئي ته سندس گھڻا خاص طور ذاتي دوست اهو چاهيندا هئا ته هو رڳو سندن لا مخصوص هجي ۽ سندن هوندي ٻئي ڪنهن کي وقت نه ڏئي. منهنجو جيئن ته ساڻس گھڻو وقت گذرندو هو ان ڪري مون پاڻ ان ڳالهه کي محسوس ڪيو. هو چوندو هو ته يار اهي ماڻهو دوست ۽ زال ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿا ڪن ۽ سندن اها خواهش آئون پوري نه ٿو ڪري سگھان.
فقير جو سنڌي ادبي سنگت سان هڪ ڊگھو تعلق رهيو. منهنجي خيال ۾ ڪراچي اچڻ کانپو جلد ئي هو سنگت سان لاڳاپجي ويو هو. هو گھڻو عرصو ڪاروباري ڪاميٽي جو رڪن ۽ اٽڪل ست سال ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري رهيو. آخري وقت ۾ هو گھڻو سرگرم نه رهيو هو. ان سلسلي ۾ اسان جي اها گڏيل ڪوشش هوندي هئي ته سنگت جي معاملن کي افهام و تفهيم سان هلائجي. ان ئي حوالي سان غلام حسين رنگريز جي سنگت جي سيڪريٽري جنرل هئڻ واري دور ۾ اسان ٻيئي گڏجي رنگريز سان ملڻ لا ميرپور بٺوري ويا هئاسين ۽ وٽس رات رهيا هئاسين. اهڙي ريت هڪ ڀيري سنگت جي هڪ سالياني ڪانفرنس ۾ گڏجي حيدرآباد وڃڻ ٿيو هو. ڪانفرنس کانپو رات ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جي گھر رهيا هئاسين.
اسان جو اهو تعلق ادبي نوعيت جو به هو ۽ ذاتي نوعيت جو به. اسان ٻنهي جو هڪٻئي جي گھرن ۾ اچڻ وڃڻ هوندو هو ۽ اسان جي گھر وارن کي ان جي چڱي ريت خبر هوندي هئي.
ائين ٿيندو هو ته ڪٿي اسان مان ڪنهن هڪ کي به وڃڻو هوندو هو ته ڪوشش اها هوندي هئي ته ٻيئي گڏجي وڃون. اهڙو هڪ پروگرام سنگت گھوٽڪي پاران فقير سان رٿيو ويو هو. اهي سڀ اسان ٻنهي جا گڏيل دوست هئا ۽ انهن جو اهو اصرار به هو ته اسان ٻيئي اچون. اتي اسان ٻيئي گڏجي وياسين. پروگرام سان گڏ دوستن شهر جي آسپاس مومل جي ماڙي ۽ ٻيون جيڪي ڏسڻ ۽ گھمڻ جهڙيون جايون هيون اهي به ڏيکاريون. هڪ ڀيري اداره امن و انصاف پاران ملتان ۾ هڪ ورڪشاپ رکيو ويو هو جنهن ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي حوالي سان منهنجو مضمون به شامل هو. اداري وارن کي مون خاص طور چئي فقير جو نالو ان ۾ شامل ڪرايو. ان پروگرام ۾ اردو جا مختلف اديب ۽ شاعر شامل هئا جڏهين ته اسلم اظهر لاهور مان آيل هو. ان وقت شاليمار ايڪسپريس ملتان تي اسٽاپ ڪندي هئي. اداري وارن پارلر ۾ سڀني جي بڪنگ ڪرائي هئي. ان سفر ۾ خاص طور اردو شاعر قمر هاشمي جي مزاحيه شاعري ۽ ٽوٽڪن مان سڀيئي سڄو رستو مزو وٺندا رهياسين. ملتان ۾ اسان کي اداري جي هاسٽل ۾ رهايو ويو جتي کاڌي پيتي وغيره جا وقت مقرر هئا ۽ سڀني کي ان شيڊول مطابق هلڻو پوندو هو. هتي رحيم بخش آزاد، جيڪو اداري جو ملازم ۽ ان جي رسالي جفاڪش جو ايڊيٽر هو اسان سان گڏ هو. آزاد جا ملتان جي سرائيڪي اديبن وغيره سان واسطا هئا. فارغ وقت ۾ اسان ٽيئي ڄڻا مختلف ماڻهن سان ملڻ لا نڪري ويندا هئاسين. اهي ٻه ٽي ڏينهن اسان جي لا يادگار هئا ۽ سٺيون ۽ خوشگوار يادون کڻي ريل ذريعي ئي ڪچهري ڪندا واپس موٽياسين.
ان دوران دادو ۾ عبدالله مگسي جي ڪتاب تي پروگرام هو جنهن ۾ مون کي ۽ فقير کي دعوت ڏني ويئي هئي. پروگرام ان ريت ٺهيو ته اسان ٻيئي يوسف شاهين جي گھر پهتاسين جتان سندس گاڏي ۾ معمار ڪامپليڪس ۾ تاجل بيوس جي گھر آياسين. اتان اسان دادو پهتاسين. پروگرام کانپو رات دادو ۾ رهياسين. تاجل اتان شايد خيرپور هليو ويو. اسان ٽيئي ڄڻا واپس آياسين. رستي ۾ نوري آباد وٽ يوسف شاهين جي ڪارخاني تي بيٺاسين جتي هن اتي ڪم ڪار جو جائزو ورتو ۽ اهڙي ريت اسان واپس ڪراچي آياسين.
ڪجهھ وقت کانپو فقير ڪنهن ڪانفرنس ۾ انگلينڊ ويو. اتان موٽڻ کان پو مون کي فون ڪيائين ته يار بدين هلڻو آهي. ٽنڊو باگو جي سنگت ليڪچر جو پروگرام رکيو آهي. اسان ٻيئي ليمارڪيٽ تان بس ۾ بدين لا روانا ٿياسين. بس جو ٿڪائيندڙ سفر هو. بس جيئن ئي بدين شهر ۾ داخل ٿي ته اتي بس مان لهي پياسين. اسان کي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گھر وڃڻو هو. پڇا ڪندا اتي پهتاسين. اسان جي رهائش اتي هئي. رات جو آڪاش سان گڏجي ٽنڊو باگو ۾ سنگت جي پروگرام ۾ وياسين جتي ٻين دوستن سان گڏ شمشيرالحيدري به موجود هو. رات جو دير سانِ موٽي بدين ڊاڪٽر آڪاش جي گھر آياسين. ٻئي ڏينهن ڪراچي واپسي جو پروگرام هو پر آڪاش جي اصرار تي هڪ ڏينهن اتي وڌيڪ رهي پياسين. ان رات آڪاش اسان کي تلهار کان شادي لارج وٺي هليو جتي هن اسان کي هڪ فنڪار سان ملايو جنهن کي شايد صدارتي ايوارڊ مليو هو. سندس نالو مون کي وسري ويو آهي. جھنگ ۾ آسمان هيٺان ويهي ڪچهري ڪئيسين. واپسي ۾ تلهار ۾ آڪاش جي هڪ ڊاڪٽر دوست سان ڪچهري ڪري بدين آياسين جتان ٻئي ڏينهن حيدرآباد رستي، جتي ابراهيم جوئي سان ڪچهري ڪئيسين ۽ موٽي ڪراچي آياسين.
1989 ۾ لاهور ۾ جمهوريت پسند مصنفين جي ڪانفرنس ۾ سنڌي اديبن جو جيڪو وفد ويو هو ان ۾ به اسان ٻيئي شامل هئاسين. ان ڪانفرنس ۾ مون جمهوريت ۽ ثقافت جي عنوان سان مضمون پڙهيو هو.
سندس جاڳو ۾ وڃڻ کانپو اسان جو ملڻ گھٽجي ويو هو. بهرحال پو به هڪ تعلق هو ۽ ملاقات ٿيندي رهندي هئي. هڪ ڀيري بدر ابڙي فون ڪيو ته فقير جي طبيعت ٺيڪ ناهي. ان وقت فقير معمار ڪامپليڪس جي ويجھو رهندو هو. اسان ٻيئي گڏجي اتي وياسين. طبيعت ٺيڪ نه هئڻ جي ڪري هو گھر ۾ ئي هو. بهرحال اسان اتي ساڻس ڊگھي ڪچهري ڪئي ۽ ماني به کاڌيسين. اهو شايد 18 مئي 1993 جو ڏينهن هو. ٻن مهينن کانپو 18 جولائي 1993 تي جيئن آئون آفيس وڃڻ لا گھران نڪتس پئي ته بابا، جنهن جي هٿ ۾ هلال پاڪستان هئي، مون کي ٻڌايو ته توهان جو دوست ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو آهي.