افسانوي ادب جي دنيا به ڪيڏي نه ڪمال جي دنيا آهي جنهن مختلف وقتن ۾ مختلف عالمن جا الڳ الڳ رايا رهيا آهن. ان هوندي به ڪير اهو نٿو چئي سگهي ته افسانوي دنيا جي ڪا هڪ وصف يا سمجهاڻي درست آهي، باقي ٻيون سڀ سمجهاڻيون غلط آهن. ان جو هڪ ڪمال اهو به آهي ته ان جو ڪو هڪ مخصوص موضوع نه آهي، پر ان جي ابتڙ دنيا جي هر موضوع تي افسانوي ادب لکيو ويو آهي ۽ اڄ سڌو به لکجي رهيو آهي.
افسانوي ادب جي ڪيترين ئي صنفن مان هڪ اهم صنف سائنسي افسانو آهي ۽ سائنسي افساني مان ئي هاڻوڪين ٻين ڪيترين صنفن جهڙوڪر اسپڪيوليٽو فڪشن، فينٽسي وغيره جنم ورتو آهي پر انهن ۾ ڪجهه جز مختلف به آهن.
مريم ويبسٽر ڊڪشنري موجب:
Fiction dealing principally with the impact of actual or imagined science on society or individuals or having a scientific factor as an essential orienting component.
سائنسي افساني جا ڪجهه مک جز هيٺ ڏجن ٿا:
1- سائنسي افساني جي سيٽنگ گهڻي ڀاڱي مستقبل ۾ رکيل هوندي آهي.
2- گهڻو ڪري ان قسم جي ڪهاڻين ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل موضوع بحث هيٺ ايندا آهن.
3- انهن ڪهاڻين ڪڏهن ڪڏهن حقيقي سائنسي اصولن جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري اهڙن اصولن جو ذڪر به اچي ويندو آهي، جيڪي ان وقت تائين سائنسي حقيقتن کان مٿانهان لڳندا آهن.
4- ان ۾ ڪردار ڪنهن نئين لقا کي منهن ڏيندا آهن، جيڪو هلندڙ وقت يا ماضي کان بلڪل جدا هوندو آهي.
5- انهن ۾ انساني پاسي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ۽ اها ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته مخلتف سائنسي کوجن ۽ ٽيڪنالاجي مان ماڻهن تي ڪهڙو اثر پوندو، ماحول ۽ سماج تي ڪهڙو اثر پوندو.
هي جز نارٿ اورينج ڪائونٽي ڪميونيٽي ڪاليج جي ويب سائٽ تي ڄاڻايل آهن.
ٽيڊ چينگ ((Ted Chiang
ٽيڊ چينگ جو جنم 1967ع ۾ نيو يارڪ ۾ ٿيو، هن جا ما پيءُ چين مان ڪميونسٽ انقلاب دوران لڏپلاڻ ڪري آمريڪا ۾ رهيا. هن برائون يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر سائنس جي ڊگري ورتي. هن 1986ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ هن جي ڪهاڻي “ٽاور آف بيبلان” کي سال 1990ع ۾ Nebula Award مليو، جڏهن ته سال 1992ع ۾ هن کي Best New Writer جو ايوارڊ مليو. هن جا هن وقت تائين چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: ٽاور آف بيبلان (1990)، اسٽوري آف يور لائيف (1998)، اسٽوريز آف يور لائيف (2002) ۽ دي مارچنٽ اينڊ دي الڪيمسٽس گيٽ (2007). آمريڪي نقادن موجب ٽيڊ جي ڪهاڻين ۾ چڪمڪ جهڙي اهڙي سگهه آهي جيڪا پڙهندڙ کي ڇڪي رکي ٿي.
هن جي ڪتاب “stories of your life and others” کي ڪيترائي ايوراڊ ملي چڪا آھن جڏهن ته هن جو هيءَ ڪتاب 21 هين صدي جي اهم افسانوي ڪتابن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. اهو ڪتاب ته پنهنجي جا تي پر ٽيڊ چينگ جو هيءَ سائنسي افسانو The merchant and the alchemist’s gate پنهنجي اسلوب، انداز ۽ ڪردارن جي حوالي سان صفا نرالو آھي. هي افسانو لڳ ڀڳ 70 صفحن جو آھي. ان ۾ بغداد جي خليفي جي آڏو هڪ همراهه کي آندو وڃي ٿو جيڪو ڪرفيو ۾ ٻاهر گهمي رهيو هو، اهو پنهنجو نالو فواد ابن عباس ٻڌائي ٿو پر ان جي سڃاڻپ نٿي ٿي سگهي. هو خليفي کي پنهنجو داستان ٻڌائڻ لڳي ٿو. ان قصي دوران هو ٽي ٻيا قصا به ٻڌائي ٿو. Tale of fortunate rope maker. The tale of weaver who stole from himself ۽The tale of the wife and her lover.
اهي ٽئي قصا هن بشارت نالي بغداد جي هڪ ڪيميادان کان ٻڌا جيڪو ان کان اڳ مصر ۾ رهندو هو. هن هڪ اهڙي ميشن ايجاد ڪئي جنهن جي مدد سان ويهه سال مستقبل ۾ وڃي ٿي سگهجيو ۽ ڪيئن انهن ٽنهي قصن ۾ ڪردارن وقت ۾ سفر ڪري پنهنجو مستقبل ڄاڻي ورتو. سائنس فڪشن ۾ شايد وڌ کان وڌ ٽائيم ٽريول تي ئي لکيو ويو آھي. پر هن افساني جي خوبي اها آھي ته هن کي هزار داستان واري انداز ۾ بيان ڪيو ويو آھي. هن ڪهاڻي جي ٻي خاص ڳالهه اها آھي ته مک ڪردار ٻين ڪردارن جيان مستقبل ڏسڻ بدران ماضي ۾ وڃي پنهنجي زال کي بچائڻ چاهي ٿو پر بچائي نٿو سگهي.
هي افسانو ائين ته ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي پر مختلف قصن ۾ راوي مٽجندو رهي ٿو. جڏهن هن افساني جو مک ڪردار مصر پهچي ٿو ۽ زال کي بچائڻ لا ويهه سال پٺيان جو سفر ڪري ٿو ته ان دوران کيس بشارت جي قصن وارا ڪردار به ملن ٿا.
اهڙي ريت هن جو هڪ ٻيو مختصر افسانو What’s Expected of Us هي ڇهن صفحن جو مختصر افسانو آهي، جنهن جو مک موضوع انسان جي آزادي ۽ فيصلي ڪرڻ جي آزادي آهن. ان ۾ predictor نالي هڪ مشين جو ذڪر ڪيل آهي، جنهن ۾ لڳل بٽڻ رڳو تڏهن ئي ڪم ڪري ٿو، جڏهن ان مشين مان سگنل اچي، ان سگنل بنا ڪيترو به بٽڻ دٻائجي پر اهو ڪم نه ڪندو ۽ ان مشين کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان هڪ ته ماڻهو ان جو عادي ٿي وڃي ٿو ۽ پو هوريان هوريان ٻين ماڻهن کان ڪٽجي وڃي ٿو. جڏهن ته اڳتي هلي ماڻهو کي akineticmutism نالي بيماري ٿي وڃي ٿي جيڪا ڪوما سان ملندڙ جلندڙ بيماري آهي. هي افسانو به ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ مک ڪردار ماڻهن کي ان مشين جي استعمال نه ڪرڻ جي تنبهه ڪري ٿو ۽ اهو به ٻڌائي ٿو ته جيئن ته هن وٽ فيصلي ڪرڻ جي آزادي نه هئي. ان ڪري هو ان ۾ ڦاسي پيو، پر ٻيا پنهنجي ان آزادي جو استعمال ڪري ان کي پري رهن.
مان سمجهان ٿو ته ٽيڊ چينگ جا هيءَ افسانا دنيا کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جا نوان رخ ڏين ٿا ۽ سنڌي پڙھندڙن کي هن قسم جا افسانا ضرور پڙھڻ گهرجن. اڄوڪي ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به جيڪڏهن ڪو افسانوي ادب پڙھندڙ ٻي دنيا ۾ لکيل ادب تائين رسائي نه هجڻ جو بهانو ٿو ڪري ته پڪ هن کي پڙھڻ سان ڪابه دلچسپي ڪانھي.