قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ جي حوالي سان ٽن مهينن کانپوءِ ملڪ جي اعليٰ عدالت، سپريم ڪورٽ پاڪستان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ ڊپٽي اسپيڪر پاران مخالف ڌر جي اسيمبلي ميمبرن کي غدار قرار ڏيڻ واري رولنگ کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت مطابق سوري کي ان رولنگ جي حوالي سان آئيني تحفظ حاصل نه هو، ٻين لفظن ۾ هن جي رولنگ غير آئيني هئي! عدالت جي فيصلي کانپوءِ فواد چوڌري،جيڪو ان وقت قانون جو وزير هو، ان ئي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر تي الزام مڙهيو هو ته اها پرڏيهي سازش جو حصو آهي ۽ انڪري اها محب وطن به نه رهي آهي، ڊپٽي اسپيڪر ان وقت جي وزير جي پوائنٽ آف آرڊر کي ٻڌندي ئي عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ لاءِ سڏايل اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، هاڻ فواد چوڌري کي ملڪي عدليا جي تاريخي ڪردار ۽ جنرلن جي سياست ۾ ملوث هجڻ واري ڳالهه ياد آئي آهي، انڪري چئي ٿو ته “هن ملڪ ۾ جنرلز ۽ ججز جو ڪردار مثالي نه رهيو آهي”. رڳو ايترو ئي نه پر هن ايترو چوندي هٻڪ محسوس نه ڪئي ته “ملڪ جو عوام انقلاب لاءِ تيار آهي، رڳو ان تي سوچڻو آهي ته اهو انقلاب سريلنڪا جهڙو هوندو يا ڪو ٻيو”!؟
سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان فواد چوڌري ڪيترائي ڪيڙا ڪڍيا آهن، اتفاق سان هو سپريم ڪورٽ جو وڪيل به آهي، پر اهڙو وڪيل نه رهيو آهي، جنهن جو ڪو بهتر مثال ڏئي سگهجي. ان سان گڏ هن جو سياسي ڪردار به مثالي نه رهيو آهي، پر سياسي پارٽين جون ٽوپيون پائي، هن ڪيترن گهاٽن جو پاڻي پيتو، هي به اوپن سيڪريٽ آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ملڪ اندر جيتريون به سياسي، آئيني ۽ انتظامي خرابيون ۽ بحران آهن، يا رهيا آهن،انهن ۾ نه ئي جنرلز، نڪي وري ججز جو ڪو مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ملڪ جي تاريخ اصل ۾ تڪرارن جي تاريخ آهي، جنهن ۾، جيڪڏهن هر ادارو يا انهن جا عهديدار، پنهنجي پيشي کان هٽي ڪري سياسي معاملن ۾ ٽنگ نه اڙائين ها ته نه صرف ادارا مضبوط ٿين ها، پر اهي پنهنجو پنهنجو ڪردار به ادا ڪن ها. هي به حقيقت آهي ته سياسي پارٽين، خاص ڪري اهي جيڪي عوام جي ووٽ بدران جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر چار مان آيا، انهن جو ڪردار به مثالي نه رهيو آهي، انهن آئين ۽ ملڪ جي قانون سان جيڪو کلواڙ ڪيو آهي، انهن ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ڪلاسڪ مثال آهي. هي ڳالهه رڳو پي ٽي آءِ يا عمران خان تي تنقيد ڪندڙ نٿا چون پر سڀ ڪجهه وڃائي، عمران خان پاڻ به چئي ٿو! اهڙي صورتحال ۾ اهڙا سياستدان جيڪي پاڻ ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪيندا رهيا، ان تي گهٽ ۾ گهٽ ملڪ ۽ عوام کان معافي ته گهرن. هنن جي انهيءَ ڪردار جي نتيجي ۾ چيو وڃي ٿو ته سياستدان گهيتلا آهن، جيڪي سڀني جي جوتي جي سائيز ۾ اچي وڃن ٿا، يا انهن کي گهيتلي جيان استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي.
ملڪ جي اعليٰ عدالت جي فيصلي اچڻ واري ڏينهن اتفاق سان عالمي مالياتي فنڊ اعلان ڪيو ته اهو حڪومت کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرن جي قسط ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان سان گڏ حڪومت پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ملڪ شديد معاشي بحران کي منهن ڏيڻ کانپوءِ استحڪام طرف قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن ته فواد چوڌري چئي ٿو ته هو سوچين پيا ته سريلنڪا جهڙي انقلاب جو سڏ ورنائجي! سريلنڪا ۾ آيل تباهي، جو سوچي به نٿو سگهجي. سريلنڪا، جيڪو پرڏيهي قرض جي ادائگي ۾ناڪام ويو ۽ ان سان گڏ عالمي مارڪيٽ مان خريداري جي سگهه وڃائڻ کانپوءِ تباهي جي ور چڙهيو. سريلنڪا جي انقلاب کي ڪو ڊيڄاريندڙ خواب ئي سمجهي سگهجي ٿو. ان حوالي سان سريلنڪا کي ڪنهن وڏي تباهي سان ئي ڀيٽي سگهجي ٿو، هي ڪنهن به نوعيت جو انقلاب ناهي، جنهن جي آجيان ڪري سگهجي ٿي. ان حوالي سان ڪجهه حقيقتن تي نظر ڊوڙائڻي پوندي. سريلنڪا ۾ آيل تباهي جا بنياد موجود آهن، پاڪستان ان کان ڪوهين ڏور ضرور آهي، پر زلزلي جيان لوڏا ضرور محسوس ڪري ٿو.
سريلنڪا ڪنهن تباهي کان گهٽ ناهي، ملڪ سياسي ۽ معاشي انتهائي خطرناڪ صورتحال جي ور چڙهي چڪو آهي. ملڪ جو صدر، جنهن جو خاندان ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين حڪمراني ڪري رهيو آهي، اهو مالديپ فرار ٿي ويو. هاڻ استعيفا جو به اعلان ڪري ڇڏيو اٿائين، وزير اعظم رانيل وڪرما سنگهي، وقتي صدر جا اختيار سنڀالي ورتا آهن، جنهن ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان جي باوجود عوام جي ڪاوڙ ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه اچي رهي آهي. ملڪ جي اولهندي صوبي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو. پر سوال هي ناهي ته ملڪ جا حڪمران آخرڪار ڀڄڻ تي مجبور ڇو ٿيا؟ پر تباهي جو سامان مڪمل طور تي موجود آهي ۽ عوام جي ڪاوڙ به برحق آهي. سڀني ڏٺو ته گذريل مهيني ملڪ ۾ مهانگائي جي رفتار 54.6 سيڪڙي تائين پهچي وئي، مرڪزي بينڪ خبردار ڪيو ته اها ايندڙ مهينن ۾ 70 سيڪڙي تائين پهچي ويندي. ان جي ابتڙ اسان وٽ مهانگائي جي رفتار 21 کان 22 سيڪڙي تائين، جيڪو پڻ ريڪارڊ آهي.
معاشي ۽ سياسي سوچ ٻوجهه رکندڙن جو خيال آهي ته سريلنڪا کي هلندڙ سال جي آخرڪار تائين 6 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي، هي بحران ئي انڪري آهي ته ملڪ انتهائي قرضي آهي، ائين جيئن پاڪستان آهي، پر پاڪستان جي مقابلي ۾ سريلنڪا پرڏيهي ادائيگين جي قابل نه رهيو. سريلنڪا جيڪو 51 ارب ڊالرن جو قرضي آهي ۽ ان جي آدمشماري ڪراچي کان به گهٽ آهي، يعني 2 ڪروڙ 20 لک انسان وسن ٿا. سريلنڪا جي بحران جو سبب ڪجهه غير پيداواري انفرااسٽراڪچر پروجيڪٽس هئا، جيڪي شروع ڪيا ويا، اسان جي اهڙن غير پيداواري پروجيڪٽس ۾ اسٽيبلشمنٽ جا خرچ آهن، جيڪي ظاهري طور تي 15 سو ارب رپيا ۽ مجموعي طور تي اڍائي هزار رپين کان وڌيڪ آهن.سريلنڪا جو سڪو 80 سيڪڙو زوال جو شڪار ٿيو، جنهن سان ملڪ ڏانهن ايندڙ امپورٽ مهانگي ٿي وئي، عام واهپي جون شيون 57 سيڪڙو مهانگيون ٿي ويون. هينئر ملڪ جون نظرون عالمي مالياتي فنڊ ۾ آهن، ته اهو ريسڪيو ڪري. آءِ ايم ايف ئي پاڪستان جيان سريلنڪا جو آخري سهارو آهي. ملڪ کي 2022 ۽ 2023 دوران قرض جي ادائيگين جي مد ۾ 23 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. فواد چوڌري جنهن انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو، ڇا پاڪستان ان لاءِ تيار آهي؟
فواد چوڌري يا پي ٽي آءِ جي قيادت کي جيڪو هن موقعي تي سياسي ڌچڪو لڳو آهي، ان جي نتيجي ۾ انقلاب جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هينئر پنجاب ۾ 20 صوبائي اسيمبلي جي سيٽس تي چونڊون بس سر تي آهن، جنهن تي هي عدالت جو فيصلو، گهڻو اثرانداز ٿي سگهي ٿو. عمران خان جنهن بيانئي جي بنياد تي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جلسا ڪري رهيو آهي، ان جي ڦوڪڻي مان سپريم ڪورٽ هوا ڪڍي ڇڏي آهي. باقي هي ڳالهه سڀني کي سمجهه ۾ اچي ٿي ته سريلنڪا ۽ پاڪستان جي معاشي توڙي سياسي صورتحال ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هنن کي ملڪ جي ڊيفالٽ ٿيڻ واري خبر معمولي لڳي ٿي، پر ان سان ڪيترين ئي عالمي قوتن جا مفاد به سلهاڙيل آهن. پي ٽي آءِ جنهن انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿي، ان جو شايد ريڊ توڙي گرين بوڪس ۾ ڪٿي به ذڪر ناهي. هي ڳالهه ته معمولي ڪلاس جو ٻار سمجهي ٿو ته ڪنهن به تبديلي جا محرڪ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ اسان سڀ اٺين جماعت ۾ پڙهندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ انقلاب جون ڳالهيون پڙهڻ شروع ڪيون. سماجي تبديلي جي استادن سيکاريو ته ڪنهن به تبديلي لاءِ ان جي ايڪٽرز جو هجڻ لازمي آهي. ٻين لفظن ۾ جن طبقن جي لاءِ انقلاب آندو ويندو، انهن جو وجود هجڻ ضروري آهي، پر اسان وٽ عمران خان کي خبر ناهي ته لينن، مارڪس، مائو جي ريڊ بوڪس ۽ ڪرنل قذافي جي گرين بوڪس ۾ ڪهڙو فرق آهي. هي صاحب جيڪو دعوائون ڪري ٿو ته جيترو هو دنيا جي تاريخ کان واقف آهي، اوترو شايد ڪو ملڪ جو سياستدان ڄاڻندو هوندو. چوڻ ۾ ڪوبه حرج ناهي، پر حقيقتون ان جي ابتڙ آهن؟ هي سمجهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه اچڻ گهرجي ته عمران خان جي سوچ ڪنهن به انقلاب جي عڪاسي نٿي ڪري سگهي. هي انقلاب خوابن ۽ سپنن تائين محدود ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن پڇجي ته عمران خان جي انقلاب جو ڪهڙو رنگ هوندو؟ ته جواب ملندو ته رنگ سان انقلاب جو ڪوبه واسطو نه هوندو، پر ان انقلاب جو هر اول دستو، اسٽيبلشمينٽ هوندي ۽ اهو انقلاب گيٽ نمبر چار ذريعي ئي ايندو. جنهن انقلاب جي پٺيان عوام نه هجي ۽ صرف سوشل ميڊيا جا مجاهد هجن، جيڪي خيالي ڳالهين ۾ يقين رکندا هجن ته اهڙي انقلاب مان ڪهڙو فائدو ٿي سگهي ٿو. هن ملڪ تي جن قوتن جي حڪمراني آهي، سڀ کان پهريان ته انهن کان ڇوٽڪاري جي ضرورت آهي، انهن کي عمران خان هٿ ٻڌي ڪري وري وري گذارش ڪري ٿو ته مهرباني ڪري حڪمراني جي ديوي ان جي حوالي ڪئي وڃي. هن کي پنهنجي سگهه جي خبر هوندي، انڪري پي ٽي آءِ جي قيادت کي وڏا ٽپا ڏيڻ بدران پنهنجن صفن ۾ ڏسڻ گهرجي ته هو نمائندا ڪنهن جا آهن؟