ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چاليه پلس

اردو جي ھڪ چوڻي آھي ته “ٻڏندي کي تنڪي جو سھارو‍” ٻاھتر سالن کان سنڌ جي عوام، ڪرپشن کان پاڪ، ميرٽ، شفافيت جھڙا لفظ صرف ڪچھرين ۾ ٻڌا آھن يا اسيمبلين ۾ ويٺل “عوام جي بي لوث خدمت ڪندڙ” سياستدانن کان. مون پنھنجي سموري ڄمار ۾ ڪڏھن به استادن جي ڀرتين جا اشتھار نه ڏٺا آھن.
سنڌ حڪومت آگسٽ 2021 ۾ آئي بي اَي ذريعي تعليم کاتي ۾ ستٽيهھ ھزار استادن جي خالي پيل جاين کي ٽيسٽ وسيلي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاھه، جيڪو پاڻ علم ادب جو چاھه رکندڙ انسان آھي، جڏھن سنڌ جي نوجوانن اُن جي واتان اِھي لفظ ٻڌا ته ڄڻ گُگهھ اونداھه ۾ ڪنھن ڏيئو ٻاري ڇڏيو ھجي. ٽيسٽ جي چالان جي تاريخ اچي وئي ۽ سنڌ جي لکين نوجوانن چالان ڀري لائبريرين جا منھن ڪيا. بي ايڊ کان وٺي بي اي تائين قائد اعظم ورسٽي اسلام آباد کان شاھه لطيف خيرپور ورسٽي تائين، فيڊرل پبلڪ ۽ سنڌ پبلڪ وارن به وھندڙ گنگا مان ھٿ ڌوتا. آگسٽ 2021 کان اڄ جي تاريخ تائين وکِ وکِ تي ڪو نه ڪو مسئلو ٿيندو رھيو ۽ ٿئي پيو. نوجوان ڪڏھن نٽھڻ اُس ۾ احتجاج ۾ آھن ته ڪڏھن تعلقا ايجوڪيشن آفيسر جي سامھون سائين سائين ڪن ٿا ته ڪڏھن ڊي اِي اٌو ته ڪڏھن ڊائريڪٽر ته ڪڏھن سڌو سيڪريٽري ڏانھن. ھر ڪرسيءِ وارو پنھنجا انگ اکر ٿو ڏيکاري، ڪو دلجاءِ ٿو ڏئي ته ڪو ڌڙڪا. سيڪريٽري صاحب توھان خود چئو ٿا ته منھنجي بار بار چوڻ باوجود ڪافي ڊي اِي اٌوز خالي جايون ظاھر نٿا ڪن. ھاڻي سوچو جيڪي توھان جي حڪم تي ڪن نٿا ڌرن سي اسان سان ڪھڙو ورتا ڪندا ھوندا؟ توھان جو ھجڻ ته اطمنان بخش آھي، پر جڏھن توھان پاڻ سياسي مداخلت تي مايوسي ۽ بيچارگي جو اظھار ڪيو ٿا ته عام نوجوان سان ڪھڙي حالت ھوندي؟ سال گذرڻ تي آھي 55 پلس وارن سان ڇا وھيو واپريو اِھو به ھڪ ڊگھو داستان آھي پر ھاڻي مون سوڌو چاليهھ پلس وارا نون مونجھارن جو شڪار آھيون. توھان اِي ڊي اوز کي شفاف فائنل لسٽ موڪلڻ ۽ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اھي ڪيتريون شفاف نڪتيون اُھا به سموري سنڌ ڏٺي. ڪافي جڳھن تي نوجوانن پاڻ ڪوشش ڪندي اسڪولن جو معائنو ڪيو ۽ خالي جاين جي جاچ ڪئي، پر جڏھن ٽي اِي او سان معلوم ڪجي ٿو ته ھو ڳالهھ ئي ٽين ٿو ڪري، پر جڏھن نوجوان اُھي انگ اکر زيرن زبرن سوڌو پيش ڪن ٿا ته ھمراھه ماٺ ٿيو وڃن. ڪنھن به اداري جو رسالو يا ويب سائٽ ڄاڻ جو مستند ذريعو ھوندو آھي.
ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري ۾ توھان جي ويب سائيٽ مطابق 2021_2022 ۾ منظور ٿيل پرائمري استادن جو تعداد 689 آھي، پر موجودہ “شفاف” لسٽ تحت تعلقي ڏوڪري ۾ ڪُل سيٽن جو تعداد 351 آھي جنھن منجھان 270 کي آفر آرڊر ملي چڪا آھن ۽ باقي 81 بچن ٿيون. جنھن ۾ ميل سيٽن جو تعداد گھٽ آھي. پر لاڙڪاڻي جي تعليم کاتي جي ڪجھه عملدارن جو چوڻ آھي ته ويب سائٽ غلط آھي. وري اعلان صادر ٿيو ته اسان بند کولڻ وڃيون پيا. ھاڻي جيڪڏهن اھو فيصلو تعليم جي بھتري جي لاءِ آهي ته اسان کي ٻڌائيندا ته بند اسڪول مان ڇا مراد آھي؟ ڇا اِھي اسڪول ماضي ۾ ھلندڙ ھيا پوءِ استادن جي نه ھجڻ يا ٻين ڪارڻن جي ڪري بند ڪيا ويا؟ يا وري ڪي ٻيا فني يا سياسي پاسا آھن؟ ڇو ته جيڪي بند اسڪولن جي فھرست جنھن ۾ تعلقي ڏوڪري جا به ڏھه اسڪول شامل آھن، آن لائن چيڪر تي ته اھي اسڪول فنڪشنل آھن؟ ايستائين جو استادن سوڌو نائب قاصد به اپائنٽ ٿيل آھن ته پوءِ اھو اعلان سنڌ جي تعليم کي ڪلھو ڏيڻ جي ڪوشش آهي يا ويٽنگ ۾ ويٺل نوجوانن جي ھيانءُ تي ڇنڊو ھڻڻ؟ چاليهھ پلس وارا نوجوان جڏھن پڇن ٿا ته اسان کي اپڊيٽ سينارٽي لسٽ ڏيکاريو، تازو پروموٽڊ پي ايس ٽي مان جَي اِي ايس ٽي لسٽ ڏيکاريو، ڪيترن جوائننگ ڪري ڇڏي ڪيترا رھن ٿا، اھي لسٽون ڏيکاريو ته عملدار اسان ڏانهن ايئن نھارين ٿا جھڙو اسان ٻي ملڪ جا شھري ھجون. ھي ڪھڙو رومن امپائر ۾ ٿا رھون جو اسان کي اھو ڄاڻن جو به حق ڪونھي. جيڪڏهن ھر ڪو پنھنجي ڳالهھ ڪري ٿو ته پوءِ نوجوانن کي به پنھنجي ڳالهھ ڪرڻ ڏيو. منھنجي لاڳاپيل اختيارين کي ادنيٰ گذارش آھي ته پي ايس ٽي چاليھه پلس تعلقي ڏوڪري سميت سموري سنڌ جي نوجوانن کي آفر آرڊر ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button