ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

19هين صديءَ جو هندستاني ادب ۽ مرزا غالب-III

Editorial-Article- Yameen Jatoi

اديبن برج ۽ اوڌي ٻولين جي جاءِ تي کڙي ٻوليءَ کي اظهار جي ٻوليءَ طور اختيار ڪيو.
هندي ۽ اردو ادب ۾ عوامي جمهوري لاڙن جي واڌويجهه ۽ انهن جي عمل ۽ ردعمل باوجود جيڪو انهن ٻولين جي ادب ۾ انسان دوست تصورن جي ترقيءَ جو سبب بڻيو 19هين صديءَ جي اڌ تائين انهن ٻولين جي شاعريءَ ۾ اهڙا موضوع ملن ٿا جيڪي حقيقت کان پري هئا، جن ۾ بناوٽ هئي ۽ جيڪي عشق ۾ ٻڏل هئا، گڏوگڏ اهڙا تصور ملن ٿا جيڪي مذهبي ۽ پراسرار هئا. ان جو سبب اها معاشي، سماجي ۽ سياسي صورتحال هئي جيڪا وچين دور جي آخر ۾ وچين هندستان ۾ ظاهر ٿي چڪي هئي.
بيٺڪي غلاميءَ اٽڪل ڏيڍ سئو ورهين تائين ان نئين هندستاني ادب جي واڌويجهه جي رفتار ڍري ڪري ڇڏي جيڪو قومي سجاڳيءَ جي جدوجهد جي تصورن تي ٻڌل هو.
پر نيٺ اهو ڏينهن آيو جڏهن هڪ نئين دور جو سج هندستان جي وچين ۽ اترين اولهندن علائقن تي به اڀريو ۽ ان جي ڪرڻن سان سنڌ گنگا جو ميدان اجرو ٿي پيو. هڪ نئون دور آيو جنهن دهلي، لکنئو ۽ لاهور جي درٻارن کي اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ بنارس ۽ الهه آباد جي سوڙهين گهٽين ۾ ماٺ جو خاتمو آندو. ان ۾ نئين زندگيءَ جا واضح ۽ توانائيءَ سان ڀريل آواز گونجڻ لڳا، حقيقي زندگيءَ سان واڳيل ادب ان دور جي شروعات جو اعلان ڪيو.
هندي ادب ۾ روشن خياليءَ جو دور 19هين صديءَ جي 8ين ڏهاڪي جي شروعات ۾ روشن خيالي ۽ تعليم جي ميدانن ۾ شيو پرشاد (1829-1895) ۽ لڪشمن سنها (1826-1862) ۽ ادب جي ميدان ۾ ڀارتيندو هريشچندر (1850-1885) جي لکڻين سان شروع ٿيو. جيتوڻيڪ هندي ادب ۾ به روشن خياليءَ جي تحريڪ مجموعي طور اهي خاصيتون رکي ٿي جيڪي بنگالي ادب ۾ موجود آهن پر ان سان گڏوگڏ ان جون ڪجهه خاص انوکيون ڳالهيون به آهن. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته نه سوامي ديانند سرسوتي جهڙا مذهبي سماجي سڌاروادي ۽ عورتن ۾ تعليم جي رواج، انهن جي حيثيت ۽ مظلوم انسان هيٺين ذات جي ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار ۾ اضافي جي نيت سان قائم سندس سوسائٽي آريا سماج مذهبي تنگ نظري کان بچي سگهي ۽ نه ئي ڀارتيندر هريشچندر ۽ هن جي پوئلڳن جهڙن اديبن هندي ادب ۾ روشن خياليءَ جي تصورن جو اظهار ڪيو. پنهنجي وطن جي ترقيءَ جو مطالبو ڪندي سندن ذهن ۾ هندستان جو سڀ عوام نه هو بلڪ هندو عوام هو. اهڙي نموني سيد احمد خان، مولانا الطاف حسين حالي ۽ ٻين مسلمان سڌاروادين ۽ روشن خياليءَ جي اڳواڻن گهڻو ڪري مسلمان عوام سان ئي واسطو رکيو. ان جي ڪري هندستاني عوام ادب ۾ جن جي قومي ادبي ٻولي هندي ۽ اردو جي نالي سان ٻه ادبي شڪليون اختيار ڪيون، روشن خياليءَ جا لاڙا اڪثر هڪ اعترافي رنگ اختيار ڪري ٿا وٺن.
هندي ۽ اردو جي ڪيترن ئي شاعرن جي تخليقن تي مذهبي، فرقيواراڻا تصور حاوي آهن. ان غلبي انهن جي دائري کي محدود ڪري ڇڏيو ۽ حقيقي زندگيءَ بابت سندن نقطه نظر کي هڪ پراسرار ڌنڌ ۾ لڪائي ڇڏيو.
برطانوي بيٺڪيت پسندن جي سرگرم حمايت تحت رجعت پرست قوتن هندي ۽ اردو ادب کي هندو مسلمان نفاق جو ٻج ڇٽڻ لاءِ استعمال ڪيو، حالانڪه روشن خياليءَ جي دور جون وڏيون شخصيتون هندي ۽ اردو ادب کي هڪ متحد قوم جي صورت ۾ هندستانين کي گڏڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون.
روشن خيال هندي ادب جي هڪ ٻي خاصيت اها آهي جو ان دور ۾ جيڪو نثري ادب تخليق ٿيو اهو کڙي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو، اها کڙي ٻولي جيڪا 14هين صديءَ کان اردو جي بنياد بڻيل هئي، ان جي ابتڙ شاعريءَ جي ارتقا برج ۾ ٿيندي رهي جيڪا وچين دور ۾ هندي شاعريءَ جي ادبي ٻولي هئي. هوريان هوريان کڙي ٻولي شاعريءَ ۾ به برج جي جاءِ والارڻ لڳي. هندستان جا ڪجهه محقق ان کي اردو جو اثر سڏن ٿا. مثال طور مهتاب علي لکي ٿو ته “اردو شاعريءَ جي اثر هيٺ هندي شاعرن هوريان هوريان برج کان پري ٿيڻ ۽ کڙي ٻولي اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي.”
برطانوي قبضي هندستان کي جيڪو ڪجهه ڏنو هو اولهه جي ڪلچر سان قدر جوڳيون جيڪي شيون هندستان کي ملي ٿي سگهيون ان سان وڌندڙ دلچسپي ۽ تخليقي طور جذب ڪرڻ جو عمل ۽ انهن سمورين شين جي سختيءَ سان ترديد جيڪي هندستانين جي استحصال جو سبب هيون ۽ جن سان انهن جو قومي وقار متاثر ٿيو پئي، روشن خيال ادب جي بنيادي خاصيت مان آهي. اولهه جي شين سان هندستاني دانشورن جي زبردست دلچسپي انهن ۾ مايوسيءَ جي ڪڙاڻ پيدا ڪئي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button