
جيئن ملهن کي لطيف جي ميلي ۾ ملهه ماري ملاکڙو ڀڃڻ جو شوق هوندو آهي، ائين وري فنڪارن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ حاصل ڪرڻ وارو شوق رهيو آهي. فنڪارن وٽ لطيف ايوارڊ جي وڏي حيثيت رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو فنڪار صدارتي ايوارڊ کان به وڏي حيثيت لطيف ايوارڊ کي ڏيندا آهن. عبدالله جي ميمڻ جي ڪمشنر هئڻ واري ايامڪاري ۾ استاد محمد جمن جو نالو ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيل هو، پر عبدالله جي ميمڻ استاد محمد جمن سان ذاتي عداوتون رکندڙ هو. ان سبب اهو ايوارڊ استاد محمد يوسف کي ڏنو ويو. استاد محمد جمن کي ان تي وڏو رنج پهتو. جنهن تي وڏي عرصي تائين ميڊيا ۾ گوڙ هلندو رهيو. اجايو استاد محمد يوسف کي متنازعه بنايو ويو. تڏهن کان وٺي لطيف ايوارڊ سياسي ايوارڊ بنجي ويو. هونءَ به ربينا قريشيءَ کي عوامي سطح تي بلبل مهراڻ ۽ سنڌ جي ڪوئل جو لقب ڏنو ويو. پر هن کي لطيف ايوارڊ نه مليو. جنهن جو ذڪر هن پنهنجي حلقي ۾ سدائين ڪيو. هُن سنڌي، اُڙدو، پنجابي، سرائڪي، بنگالي، بلوچي ۽ پشتو زبانُن ۾ به ڳايو آهي. سرائڪي ٻولي هڪ ئي وقت سڄي ملڪ ۾ سمجهي ويندڙ ٻولي واري حيثيت رکندڙ آهي. اهوئي سبب هو ته روبينا قريشي سرائڪي ۾ ڳائڻ ڪري سڄي ملڪ جي پاپولر ڳائڻي واري حيثيت رکندڙ هئي. هن کي خواجه غلام فريد ايوارڊ به مليو هو.
باغ علي رونجهي جي عشق جو دلچسپ قصو: شوبز جي دنيا ۾ في ميل آرٽسٽن جي مداحن ۽ عاشقن جا ڪئين قصا موجود آهن. جن ۾ هڪ قصو روبينا قريشي جي هڪ مداح جو قصو به ريڊيو حيدرآباد پراڻا ماڻهو ٻڌائين ٿا.
نڙائي فقير ذوالفقار لنڊ پنهنجي گهر ۾ پيل باغ علي رونجهي جي سرندي ۽ ان جي عشق جي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي هئي. هن ٻڌايو ته باغ علي رونجهو روبينا قريشي جو وڏو فين هوندو هو. هو درويش قسم جو انسان هو. انهيءَ زماني جا ريڊيو تي ڪم ڪندڙ پراڻا ماڻهو اها ڳالهه وڏي دلچسپي سان ٻڌائيندي ڪون ٿڪبا آهن. هي انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن ريڊيو حيدرآباد تي روبينه قريشي جي ڳايل ڪلامن جي ڌم متل هوندي هئي. باغ علي رونجهو روبينه قريشي جي عشق ۾ گم ٿي ريڊيو تي ايندو رهندو هو ۽ هر ماڻهو کان روبينا قريشيجو پڇندو رهندو هو. هڪ دفعي هو روبينا قريشي جو پڇڻ آيو، ته ريڊيو جي ڪنهن پروڊيوسر کيس مذاق ڪندي چيو ته روبينا قريشي چيو آهي، ته مون سان گڏ سرندو وڄائي ته پوءِ ساڻس شادي ڪنديس. ان ڪري پهرين تون سرندو وڄائڻ سک، پوءِ اچجانءِ ته روبينا قريشي تو سان شادي ڪندي. اهو ڏينهن اهو پنڌ، هو سرندو سکڻ لاءِ ڪيترن ئي سرندائين کي منٿون ڪندو رهيو. چيائين ها، سرندو سکي پوءِ ايندس. ذوالفقار نڙائي ٻڌايو ته اتفاق سان هڪڙي ڏينهن منهنجو بابا مير محمد لنڊ ريڊيو تي پروگرام جي رڪارڊنگ لاءِ آيل هو، ڪنهن باغ علي کي ڪنهن چيو ته هي توکي سرندو سيڪاري سگهي ٿو، ان وٽ وڃي سک. پوءِ هو يڪو اچي اسان جي ڳوٺ بابا مير محمد لنڊ وٽ سرندو سکڻ لاءِ ڪيٽي ۾ ويٺو. سرندي جي ڪاٺ لاءِ هو ننگرپارڪر مان ڪرڙ جو ڪاٺ وڍائي کڻي آيو. بابا هن کي سرندو ٺاهي ڏنو. هو پيو ان تي رون رون ڪندو هو. هو پاڻ سان هر وقت ريڊيو گڏ رکندو هو، جنهن تي رڳو روبينا قريشي جا ڪلام ٻڌندو هو. ريڊيو تي روبينا قريشي جو ڪلام آيو ته هو خوشي مان ٻهه ٻهه ٿي ويندو هو. ان لمحي هو سڀني ويٺلن تي حڪم صادر ڪندو هو، ته روبينا جو ڪلام ٻڌو. هڪ دفعي ڇا ٿيو، جو ريڊيو تي روبينا قريشي جو ڪلام وڄي رهيو هو. باغ علي خوشيءَ ۾ باغ باغ پئي ٿيو. هن ويٺلن مان هر هڪ کي مخاطب ٿي چيو اچو اچو روبينا جو ڪلام ٻڌو. ان وقت فلم “تنهنجون ڳالهيون سڄڻ” ۾ بلاول بيلجم جي موسيقي تي مخدوم امين فهيم جي ٻولن وارو روبينا جو ڳايل ڪلام “او تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، پئي ڳائيندس، انهيءَ رمز سان روح ريجهائيندس” وڄي رهيو هو. ايڏي درديلي ڪلام تي باغ علي روئي رهيو هو. ان لمحي منهنجو چاچو قادر بخش لنڊ جيڪو پڻ ريڊيو تي بابا سان نڙ تي گڏ دنبورو وڄائيندو هو، اهو اچي گذريو، باغ علي سڏڪا ڀريندي چيس روبينا کي ته ٻڌ؟ چاچو به الائجي ڪهڙن خيالن ۾ پئي آيو، تنهن ڪاوڙ ۾ چيس، تنهنجو اچي دماغ خراب ٿيو آهي، آئون تنهنجي انهيءَ روبينا کي سڃاڻان ٿو. هوءَ ٿي توسان شادي ڪري. اچي چريو ٿيو آهين. چاچي قادر بخش جي انهيءَ ڳالهه جو باغ علي تي ايڏو ته دلي اثر ٿيو، جو هو انهيءَ وقت بيمار ٿي پيو. وري جو ريڊيو جي ڪنهن پروگرام ۾، اهو به ٻڌائين، ته روبينا شادي ڪري لاهور هلي ويئي آهي. ان کان پو، باغ علي تي انهن ڳالهين ايڏو ته اثر ڇڏيو، جو هو چپ چاپ سان بنان ڪنهن کان موڪلائڻ جي سرندو بابا وٽ ڇڏي هليو ويو. ان کان پو وري اسان مان کيس ڪنهن به باغ علي کي ڪونه ڏٺو. باغ علي جي اهڙي صدمي واري ڳالهه جو اسان جي ڳوٺ ۾ سڀني کي ڏاڍو افسوس ٿيو. سڀئي اچي چاچي قادر بخش تي ڪاوڙيا، ته هن درويش کي تو ائين ڇو چيو. ذوالفقار لنڊ اها ڳالهه ٻڌائيندي وڌيڪ چيو، ته چاچي قادر بخش کي به ان درويش جي اهڙي ڪا پٽ لڳي، جو ان کان پوءِ هو به وڏي تڪليف ۾ اچي ويو.
گڏ ڪيل معلومات موجب: ناليواري فنڪاره روبينا قُريشيءَ جو اصل نالو عائشه شيخ هو. سندس جنم 19 آڪٽوبر 1940ع تي، الاهي بخش شيخ جي گهر حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپاري هو.
پاڻ ابتدائي تعليم، گورنمينٽ پرائمري اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، جتي “دادي ليلان” اُستاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي. جنهن سندس تربيت ڪئي. ان دوران هوءَ حمد، نعت ۽ دُعا پڙهڻ کانسواءِ اسڪول ۾ قومي نغما به ترنم ۾ چوندي هُئي ۽ اسٽيج جي ڊرامن ۾ به حصو وٺندي هُئي. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين.
1955ع ڌاري ناليواري براڊڪاسٽر ايم. بي (محمد بخش) انصاريءَ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي متعارف ڪرايو. جتي هُن پهريان ڪورس ۾ قومي نغما، شاديءَ جا ڳيچ، ۽ لوڪ گيت وغيره ڳايا. ان سان گڏ هن سنڌي ۽ اُڙدو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ڪمپيئرنگ ڪيائين، گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ ڳايائين، سندس ريڊيو تي پهريون ڪلام “پيري پوندي سانِ، چوندي سانِ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾” هو.
ان کان سواءِ پاڻ تمام گھڻا گيت ۽ شاھه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، تنوير عباسي ۽ شيخ اياز جا گيت ڳائي وڏي شهرت ماڻي. ڪجھه مشهور ڪلام.
پرچن شال پنھوار
عمر آئون ويندڙو پڇان
ماروئڙن ڏي ويندي عمر
دلڙي ايڏا درد نه ڌار
ساٿي نه آهي ڪيئن مسڪرايان
اکيون آرزو اکيون التجائون
ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا
ڏاچي واليا موڙ مهار وي،
روبينه قريشي 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مُسلم هسٽريءَ ۾ ايم. اي ڪئي، 1967ع ڌاري گورنمينٽ حمايت اسلام اسڪول ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي نوڪري به ڪئي.
روبينا جي شادي نامياري فلم اسٽار مصطفيٰ قريشيءَ سان 1970 ۾ ٿي، ڪجھه عرصو حيدرآباد ۾ رهڻ بعد ھُوءَ لاهور هلي وئي. لاهور ۾ رهڻ دوران پاڻ اُستاد ڇوٽي غلام عليءَ کان راڳ جي وڌيڪ تربيت به وٺڻ لڳي، ٽيليويزن تي کيس نامور براڊ ڪاسٽر مرحوم عبدالڪريم بلوچ مُتعارف ڪرايو. هُن سنڌي فلمن سسئي پُنهون، ۽ گھونگھٽ لاھه ڪُنوار جا گانا به ڳايا. کيس “مهراڻ جي بلبل” ۽ “سنڌ جي ڪوئل” جا لقب مليا. کيس فن جي خدمتن جي مڃتا ۾ کيس 1996ع ۾ قلندر لال شهباز ايوارڊ، خواجه غلام فريد ايوارڊ ۽ تمغہءِ امتياز سان نوازيو ويو.
پر افسوس ان ڳالھه جو آهي ته روبينه قريشي شاھه عبداللطيف ڀٽائي کي پنھنجي منفرد انداز ۾ ڳايو پر ان کي شاھه لطيف ايوارڊ نه ڏنو ويو ۽ نه ئي ان کي سچل سرمست ايوارڊ نه ڏنو ويو
هن ڊگهي علالت بعد 13 جولائي 2022ع تي وفات ڪئي.