
پوليس جو ڪردار بهتر بڻائڻ جو خواب هاڻي مڪمل طور تي مايوس آهي. هڪ وقت اهڙو به هو جو ڪڏهن نه ڪڏهن ۽ ڪٿي نه ڪٿي پوليس سڌارن جو سوال ڪر کڻندو هو. ڪڏهن ڪوئي لکندو هو ته پوليس ۾ جيڪڏهن هي سڌارا آندا وڃن يا پوليس ۾ جيڪڏهن هو سڌارا آندا وڃن ته معاشري تي ان جا مثبت اثر به پوندا. پر هاڻي ان قسم جي ڪا صلاح ته ڇا پوليس جي مٿان ڪا تنقيد به نه ٿي ٿئي. ان جو مطلب اهو آهي ته پوليس جي سلسلي ۾ معاشرو مڪمل طور تي مايوس ٿي چڪو آهي. ان مايوسيءَ ۾ سنڌ اندر وڏو ڪردار زرداري ٽائپ طرز حڪمرانيءَ جو آهي. ڇو ته منڍ کان وٺي معاشري جي ماهرن جي اها راءِ رهندي آئي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اها ڪوشش ڪئي وڃي ته پوليس کي غير سياسي بڻايو وڃي ته جيئن پوليس پنهنجن قائدن ۽ قانونن سان ڪم ڪري. پر پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت ڪوشش ڪئي آهي ته پوليس کي مڪمل طور تي پنهنجي ماتحت رکيو وڃي. جڏهن به پوليس جو آزاد وجود ختم ڪيو ويندو، تڏهن پوليس جو ڪردار معاشري جي تحفظ لاءِ بي معنيٰ بڻجي ويندو. اهو ئي سبب آهي ته اسان وٽ هن مهل جيڪي به اشوز پيدا ٿي رهيا آهن، انهن جي جڙ پوليس جي نااهليءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.
غيرسياسي پوليس پوري معاشري جي محافظ هوندي آهي، جڏهن ته جانبدار ۽ سياسي قوتن جي اشاري تي هلندڙ باندي ۽ بيوس پوليس ڪڏهن به معاشري جي اجتماعي مفاد جي لاءِ ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهي. جيڪڏهن معاشري کي ڏوهن کان پاڪ ڪرڻو آهي ته سڀ کان اڳ ۾ قانون ۽ انصاف جي ادارن کي بهتر بڻائڻو پوندو. ڇو ته قانون ۽ انصاف کي معاشري جا بنياد آهن. ڪوئي به معاشرو تيستائين معاشرو ٿي نه ٿو سگهي، جيستائين ان ۾ قانون ۽ انصاف جو موثر ڪردار نه هوندو. قانون غلط ٿي سگهي ٿو ۽ انصاف جا معيار به هيٺ مٿي هجي سگهن ٿا. پر پوءِ به پوليس جو ڪردار تمام اهم آهي ۽ جيڪڏهن ڪو معاشرو پوليس ۽ عدليا جي خودمختيار ۽ آزاد ادارن کان محروم آهي ته ان جهڙو بي معنيٰ معاشرو ٻيو ڪو به ٿي نه ٿو سگهي.
معاشري جو تقاضائون الڳ هونديون آهن. معاشرو مخصوص ادارن سبب جنم وٺندو آهي. اهي ادارا معاشري جي وجود جا اهم ترين حصا هوندا آهن. جيڪڏهن اوهان هڪ جسم کي عضون کان محروم ڪري ڇڏيو ته ڇا هو زندگي گذارڻ جي سلسلي ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهندو؟ ظاهر آهي ته اهو مڪمل طور تي زندگيءَ جو لطف ماڻي نه سگهندو. ساڳي طرح سان اسان جي سسٽم ۾ پوليس کي پنهنجي غلاميءَ ۾ رکي اهو ڪجهه ڪيو ويندو آهي، جنهن سان معاشرو پنهنجي اهم ترين حصي کان محروم ٿي ويندو آهي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڏوهه ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ماڻهن جي مفاد سبب پورو معاشرو تحفظ جي حق کان محروم ٿي وڃي. اسان وٽ اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي. اهو ڪجهه اڳ به ٿيندو هو ۽ هاڻي ان غلط ڪم ۾ تمام گهڻي شدت پيدا ٿي چڪي آهي. اسان جو گڏيل فرض آهي ته اسان ان غلطيءَ کي ٺيڪ ڪريون. ڇو ته معاشري ۾ هڪ فرد جو ڪردار به هجڻ گهرجي. جنهن معاشري ۾ فرد جو ڪردار متحرڪ نه هوندو، اهو معاشرو به مرڻينگ هوندو ۽ اهو معاشرو پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهندو. جيڪڏهن سياسي پارٽيون پنهنجو ڪردار بهتر بڻائي نه ٿيون سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ فرد ئي اهو ڪجهه ڪن جنهن سان معاشري جي کوکلي ۽ بي معنيٰ لفظ کي ڪا نه ڪا معنيٰ ملي سگهي ۽ اسان اهو ڪجهه حاصل ڪريون جيڪو ڪجهه حاصل ڪرڻ سان اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي فائدو پوندو. اهو تمام گهڻو اهم سوال آهي ۽ ان سوال کي پٺي ڏيڻ سان اسان ڪنهن به ڪم جا نه رهنداسين ۽ اهو سوال هي آهي ته آخر پوليس کي آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟ ڇا اسان جو سماج هڪ تمام وڏي سمجهوتي جو شڪار ٿي چڪو آهي. ڇا اهو پنهنجي شڪست تسليم ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اهو هڪ تمام وڏو الميو آهي. ڇو ته فرد ۽ خاص طور تي سوچيندڙ ۽ سمجهندڙ فرد جڏهن سمجهوتي جو شڪار ٿي وڃن ته معاشري کي تباهيءَ کان بچائڻ ممڪن ٿي نه سگهندو.
ڇا اها افسوس جي ڳالهه نه آهي ته اسان هر ڏينهن الڪيٽرانڪ ميڊيا تي اهي مباحثا ڪري رهيا آهيون ته ملڪ ڪهڙي طرح سان ترقي ڪري سگهي ٿو؟ ملڪن جي ترقيءَ جا ڪيترائي رستا ٿي سگهن ٿا. ڇو ته دنيا ۾ مختلف ملڪن مختلف طريقن سان ترقي ڪئي آهي پر دنيا ۾ هڪ ڳالهه طئه آهي ته انهن معاشرن ترقيءَ جي سفر ۾ سڀ کان اڳ اهو ڪم ڪيو ته ملڪ جي معاشري کي اهي ادارا مهيا ڪيا، جن ادارن جي ڪري معاشرو انسانن جي لاءِ محفوظ هوندو آهي. جيستائين ماڻهن کي معاشرو ميسر ناهي، تيستائين هو ڪنهن به ترقيءَ جو رستو ڪيئن ٿا اختيار ڪري سگهن. ترقيءَ جي منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ضروري آهي ته اسان ان راهه کي مضبوط ڪريون، ان بنياد کي مضبوط ڪريون، جنهن راهه تي سفر ڪرڻو آهي. جنهن بنياد تي معاشري جي تعمير ٿيڻي آهي. اها راهه معاشري جا قانون ۽ انصاف وارا ادارا آهن. اهي ادارا جيڪي تمام گهڻي وقت کان وٺي نه صرف ناڪارا آهن پر انهن جي خرابيءَ ۾ هاڻي تمام گهڻي واڌ اچي وئي آهي.
هن وقت سنڌ ۾ جيڪي به امن امان جا مسئلا آهن. جيڪي به اشوز اٿيا آهن. اهو اشو بلال ڪاڪا جي قتل جو هجي يا اهو اشو هڪ معصوم هندو ٻار جي اغوا جو هجي. اهي اشوز بنيادي طور تي ان ڪري تمام گهڻو مٿي اڀري آيا آهن جو پوليس جو قانون وارو ڪردار نالي ماتر رهيو آهي. جيڪڏهن اسان کي موثر قانون نافذ ڪرڻ وارو ادارو هجي ها ته ڇا اسان جي حالت اهڙي هجي ها؟ اسان جيڪو ڪجهه به ڀوڳي رهيا آهيون، اهو معاشري کي ادارن کان محروم بڻائي ڀوڳي رهيا آهيون. اسان کي سڀ کان اڳ ۾ قانون ۽ انصاف جا ادارا بهتر بڻائڻ ۽ انهن جي وجود کي سياسي غلاميءَ مان آزاد ڪرائي، انهن کي انهن جي قاعدن ۽ قانونن تي هلائڻ جي لاءِ پابند بڻايون ته اها حاصلات تمام وڏي هوندي. ان حاصلات سان سنڌ جهڙي اداس معاشري کي تمام وڏو اتساهه ۽ سهارو ملندو. اهو ڪجهه ٿيڻ سواءِ تمام گهڻا مسئلا پيدا ئي نه ٿيندا. پر ان جي لاءِ اسان کي پنهنجي اندر ۾ اها اميد روشن ڪرڻي پوندي ته اسان اهو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، جيڪو ڪجهه اسان هن وقت مايوسيءَ جي ڪيفيت ۾ سوچڻ شروع ڪيو آهي ته اسان نه ٿا ڪري سگهون. اسان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. اسان جي مايوسيءَ معاشري کي تمام گهڻو صدمو پهچايو آهي. ان ڪري اسان کي ڪنهن به صورت ۾ اميد جو دامن هٿان نه ڇڏڻ گهرجي.
اميد ئي انسان جي ارتقاءَ جي رفيق رهي آهي. جيڪڏهن اسان اميدن کان به محروم ٿي وياسين ته پوءِ هڪ مايوس معاشرو ڪنهن به صورت ۾ گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندو ۽ ان جو وجود مسمار ٿي ويندو. ان کان اڳ ۾ جو اسان هڪ ڀيانڪ مايوسيءَ جي تاريڪيءَ ۾ پنهنجي وجود کي وڃائي ويهون، اسان کي اٿڻ گهرجي ۽ اسان کي پنهنجو وڃايل حوصلو وري حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ اسان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته اسان اهو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، جيڪو ڪجهه ٻين ملڪن جي ماڻهن ڪيو آهي. جيڪڏهن دنيا ترقي ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن دنيا جا ماڻهو هڪ محفوظ معاشري کي پيدا ڪري سگهن ٿا ته اسان اهو ڪجهه ڇو نه ٿا ڪري سگهون؟ اسان کي ان لاءِ سڀ کان اڳ پنهنجي همت ميڙي ڪٺي ڪرڻي آهي ۽ ان کان پوءِ ان همت کي سوچ ۽ سمجهه سان سگهارو ڪرڻو آهي ۽ پوءِ اهو سفر شروع ڪرڻو آهي، جنهن کان اسان ڪجهه وقت کان وٺي بظاهر هٿ کڻي ويا آهيون. اهو سفر فردن جو آهي. پر ان سفر مان معاشرا ۽ ملڪ فيضياب ٿيندا. اهو سفر قومن کي فرش تان کڻي عرش تي رسائيندو آهي. ان سفر جا داستان موجود آهن. ان سفر جا نقشا به آهن. صرف اسان کي نااميدي ۽ مايوسيءَ مان پاڻ کي ڪڍي وک وڌائڻي آهي. منزل اسان جو به حق آهي ۽ منزل اسان کي به ملندي. ان جي لاءِ صرف بنيادي شرط پورا ڪرڻا پوندا، جن کان سواءِ سفر ممڪن نه هوندو آهي.