ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ ۾ امن جو سوال

Editorial-Article-Shahid Rajpar

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي خوبصورت شھر حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد جي واڌو واهه باءِ پاس وٽ واقع پٺاڻن جي هوٽل تي دوستن سان ماني کائڻ لاءِ آيل نيو سعيد آباد واسي نوجوان بلاول ڪاڪا کي معمولي ڳالھه تان هوٽل مالڪ، سندس پٽن ۽ ٻين عزيزن بيدرديءَ سان تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو. جڏهن ته سندس ٻه دوست پڻ ان واقعي ۾ زخمي ٿيا. ڏٺو وڃي ته ڪراچيءَ ۾ ارشاد رانجهاڻيءَ جي بیي رحماڻي قتل کان پوءِ سنڌ ۾ اهڙي قسم جو پرتشدد ٻيو واقعو حيدرآباد ۾ ٿيو آهي، جنهن سبب سموري سنڌ اڃا تائين سوڳ ۾ ورتل آهي.
هر پاسي بلاول ڪاڪا جي وحشياڻي قتل تي سنڌ واسي پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي سنڌ حڪومت کان مطالبو پيا ڪن ته ڌارين جي، خاص ڪري افغاني لوڌ جي يلغار کي روڪي انهن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. سنڌ جي ڳڀرو سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا جي بي رحماڻي قتل کان پوءِ سنڌ جو امن سواليه نشان بڻجي ويو آھي. بلال ڪاڪا جي بيوقتائتي موت سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آھي. ان واقعي کان پوءِ هڪ نسلي ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي جنهن بابت جيترا آهن وات اوتريون آهن ڳالهيون. هن واقعي کان پوءِ ائين معلوم ٿي رهيو آھي، ڄڻ نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آھي، ڏٺو وڃي ته اهڙن واقعن ۾ جڏهن به عوام هڪٻئي جي آڏو ايندو آهي يا ڪا قوم ڪنهن ٻي قوم سان وڙهندي آھي ته ان جو ٽين ڌر ڀرپور فائدو وٺندي آهي، اهڙن ماڻهن يا ڌرين ڪم جو باهه لڳائڻ هوندو آهي ۽ ٻيون ڌريون وري ان باهه کي وسائڻ جو ڪم ڪنديون آهن. هن واقعي ۾ به اسان ڏٺو ته ڪن ڌرين باهه تي تيل هارڻ جو ڪم ڪيو ته ٻئي پاسي ڪن ڌرين وري انتهائي ذميواراڻو ڪردار ادا ڪندي ان باهه کي وسائڻ جو ڪم ڪيو ۽ اڃان تائين ڪري رهيون آهن.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آھي جنهن ۾ هڪ پٺاڻ سنڌي قوم کي للڪاري ۽ ڌمڪائي رهيو آھي ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ پٺاڻ جو قتل ٿيو ته پلاند ۾ ڏهن سنڌين کي ماريو ويندو. اهڙا شرپسند معاملي کي ٿڌو ڪرڻ ۽ باهه کي وسائڻ بدران اينگهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ان پٺاڻ ڌمڪي وري بلوچستان ۾ پوري ڪرڻ جو چئي رهيو آھي ته بلوچستان ۾ مزدوري ڪندڙن توڙي ٽرانسپورٽ ھلائيندڙن کي نشانو بڻائڻ جو بيان ڏنائين. سوچڻ جي ڳالهھ هيءَ آھي ته اها ڌمڪي ان پٺاڻ کي خيبرپختون خواه، وزيرستان يا پنهنجن علائقن لاءِ ڏيڻي هئي، وچ ۾ بلوچستان جو نالو ڏئي ڪهڙو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين. ان لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سائيبر ڪرائيم کي گهرجي ته ان کي هٿ ڪري سخت سزا ڏني وڃي. پناهگيرن هٿان بدترين تشدد کان پوءِ قتل ڪيل نوجوان بلال ڪاڪا وارو قتل ڪو پهريون قتل نه آهي، جيڪو سنڌ ۾ پناهگيرن هٿان ٿيل قتل هجي. ان کان اڳ به 2018ع ۾ ڪورنگيءَ جي علائقي ۾ صدام چانڊيو نالي هڪ نوجوان ائين ئي پناهگير افغانين هٿان بيدرديءَ سان ماريو ويو هو ۽ 6 فيبروري 2019ع واري ڏينهن تي ارشاد رانجهاڻيءَ جو بي رحماڻو سرعام قتل ڪيو ويو، جيڪو سنڌ واسي هن مهل تائين وساري ناهن سگهيا.
هي اسان لاءِ لمحه فڪريه آھي ته اهڙا واقعا ڇو ٿي رهيا آھن. سنڌ ۾ جيڪي افغاني پٺاڻ آهن، انهن جي ڪري نه رڳو سنڌ جو امن امان خراب ٿيو آهي پر اهي سنڌ جي معاشي بار پڻ آهن ۽ انهن جي آڙ وٺي هتان جا مقامي پٺاڻ به سنڌين خلاف زهر اوڳاڇين ٿا.
سنڌ توڙي ملڪ ۾ نفرت پکيڙڻ واري عمل کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان حڪومت ۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ عملي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. دنيا ۾ ڪيترا ملڪ آھن. آمريڪا، ڀارت، فلپائن، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٻيا به ڪيترائي ملڪ آھن پر سوچڻ جي ڳالھه اها آھي ته ڪنهن به ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪٿي ڪنهن پٺاڻ ڪنهن آمريڪي، چيني، ڀارتي، ملائيي يا ڪنهن عرب کي قتل ناهي ڪيو ۽ نه انهن خلاف ايتري نفرت جو اظهار ڪيو آهي.
تازو سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿي گذريو آهي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته 21 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ جلسو ڪيو ويندو. هيستائين جيڪو سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جو موقف سامهون آيو آهي، اهو ڪنهن قدر بهتر آهي پر ان تي سنڌ ۾ تنقيد پڻ ٿي رهي آهي. پر گهٽ ۾ گهٽ اها سٺي ڳالهه ٿي آهي ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي ان اهم معاملي تي تحرڪ ورتو آهي. ضرورت ان ڳالهھ جي آھي سنڌ ۾ قانون جي رٽ قائم ڪري ڌارين کي سنڌ جي ڌرتيءَ جي ڪا به ملڪيت وڪرو نه ڪئي وڃي ۽ هنن کي سنڌ جا ڊوميسائل نه ڏنا وڃن ۽ سندن شناختي ڪارڊ پڻ رد ڪرڻ گهرجن ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي.
سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سنڌ ۾ وڇايل مدرسن جي ڄار ۽ افغانين جي خريد ڪيل ملڪيتن، ٺهرايل شناختي ڪارڊن ۽ ڊوميسائيلن جو مڪمل رڪارڊ رکي انهن کي رد ڪرڻ جو شفاف سرشتو جوڙيو وڃي ۽ سنڌ ۾ غير قانوني پرڏيهين ۽ ٻين صوبن کان آيل معاشي پناهگيرن جون ڪي به وسنديون پڪيون نه ڪيون وڃن. تقريبن هڪ مهينو اڳ ڪراچيءَ جي ايڊيشنل آءِ جي وارو عهدو سنڀاليندڙ آفيسر جاويد عالم اوڍَو پڻ فقط هڪ هفتو اڳ 9 جولاءِ تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڌارين بابت خدشا ظاهر ڪندي هڪ ذميوار سرڪاري عملدار طور واضح لفظن ۾ چئي ڏنو هو ته “ڌاري آبادڪاري ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جو ڪارڻ آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۽ ٻين صوبن مان آمد وڌي رهي آھي.”
ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍي اهو پڻ اعتراف ڪيو ھو ته ڪراچيءَ ۾ ڪي پي ڪي ۽ ٻين صوبن مان ماڻهن جي آمد سبب ڏوهن ۽ تشدد جا واقعا وڌڻ سان گڏوگڏ منشيات جي واهپي توڙي وڪري ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ان لاءِ سنڌ حڪومت کي به گهرجي ته ڏوهن ۽ ٻين براين کي روڪڻ لاءِ ضروري آھي ته ڌارين جي لوڌ کي اچڻ کان روڪيو وڃي، جيئن صوفين جي ڌرتي لساني فسادن کان محفوظ رهي سگهي ۽ هتي امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button