عام طور تي ملڪ جي ڪنهن به قسم ۾ ننڍي چونڊ ٿئي، پوءِ اها سينيٽ جي هجي، قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبليءَ جي، ان ڏانهن ووٽرن جو ڌيان گهٽ رهيو آهي. ماضي ۾ ننڍي چونڊ ۾ ووٽن جو ٽرن آئوٽ 10 کان 15 سيڪڙو به نظر آيو، پر پنجاب اسيمبليءَ جي 20 ايم پي ايز جي چونڊ لاءِ جيڪي ووٽ وڌا ويا، اهي الڳ ڪهاڻي ٻڌائين ٿا. هي چونڊون، رڳو پنجاب جي حڪومت جي قائم رهڻ يا تبديل ڪرڻ سان جڙيل ناهن، پر انهن جو واسطو، هڪ طرف ملڪ ۾ نين عام چونڊن سان آهي ته ٻئي پاسي وري موجوده وفاقي حڪومت جي جلد يا دير وڃڻ، نئين آرمي چيف جي مقرري ۽ مجموعي طور تي موجوده سياسي سيٽ اپ جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جي به حمايت حاصل آهي، ان سان جڙيل آهي.
ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ “سليڪٽيڊ” کان “امپورٽيڊ” حڪومت جي پٺيان واڳ ڌڻي يا اسٽيبلشمينٽ ئي رهي آهي. هن ڀيري موجوده سياسي سيٽ اپ جي حوالي سان تمام گهڻا عدالتي، آئيني ۽ قانوني چڪر لڳايا ويا. انهن مڙني چڪرن جي نتيجي ۾ موجوده حڪومت اقتدار ۾ رهندي نظر آئي. وڏي صوبي، خاص ڪري پنجاب ۾ سڀني ڏٺو ته اهو هڪ طرف (ن) ليگ جو پراڻو قلعو آهي، جنهن کان بقول انهن جي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٻئي پاسي وري پي ٽي آءِ، (ن) ليگ کي گهر ڀيڙو ڪري پنهنجو تڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هيل تائين اها ناڪام وئي آهي. پنجاب جي شهري علائقن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ٻهراڙين ۾ جتي مذهبي ڌرين خاص ڪري ٽي ايل پي ۽ اهل حديث جو اثر رسوخ آهي، ان سان گڏ اهي برادريون جيڪي سالن کان اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن، انهن جي گهڻو ڪري (ن) ليگ کي حمايت حاصل آهي. هي ساڳيا علائقا هئا، جتي ڪنهن زماني ۾ پيپلز پارٽيءَ کي گهڻي حمايت حاصل هئي، پر ان کي (ن) ليگ Re-place ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ پيپلز پارٽي ڪيترن ئي حادثن جو به شڪار رهي، خاص ڪري پارٽي قيادت جي شهادت کانپوءِ نيون قوتون سامهون آيون ۽ انهن پ پ جي روايتي انداز کي چيلينج ڪيو. اهي اميدوار جيڪي اليڪٽيبلز رهيا آهن، يا پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ طاقتور آهن، انهن کي گهڻو وري واڳ ڌڻين يا اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مرضي ۽ منشا لاءِ استعمال پئي ڪيو آهي. رات پيٽ ۾ پارٽيون تبديل ٿيڻ معمول رهيون. پهرين پيپلز پارٽي، مان پيٽريات نڪتا، ان کانپوءِ مسلم ليگ مان (ن) ليگ ۽ جوڻيجو ليگ ۽ فنڪشنل ليگ سامهون آيون. ان سان گڏ اهي اهم ۽ طاقتور ڌريون جيڪي (ن) ليگ لاءِ اهميت لائق هيون، انهن کي وري تحريڪ انصاف جي بوگي ۾ ويهاريو ويو ۽ اهي اڳواڻ جيڪي اسٽيبلشمينٽ لاءِ اکين جي تارن جي حيثيت رکن ٿا، انهن کي پي ٽي آءِ ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڪيو ويو، جن ۾ ترين ۽ سرائيڪي بيلٽ جا شگر مافيا سان لاڳاپيل اڳواڻ ذڪر جوڳا رهيا.
گذريل ڪجهه سالن دوران ننڍي چونڊ جي حوالي سان نئين حڪمت عملي سامهون آئي، هن ملڪ ۾ جتي ووٽرز جو ٽرن آئوٽ نه هجڻ جي برابر هو، ان کي وڌيڪ گهٽايو ويو. سڀني ڏٺو ته ڪيئن ڪراچيءَ ۾ مفتاح اسماعيل کي ان گهٽ ٽرن آئوٽ ذريعي هارايو ويو، ان جي جاءِ تي قادر مندوخيل سامهون آيو. هي تجربو گهڻو ڪامياب قرار ڏنو ويو، هاڻ پنجاب ۾ به ان ساڳي فارمولي کي آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پنجاب ۾ (ن) ليگ توڙي تحريڪ انصاف جنهن انداز سان چونڊ مهم هلائي، ان مان اندازو ٿيو پئي ته هن ڀيري گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو ٽرن آئوٽ رهندو، ڇاڪاڻ ته پنجاب جي 20 تڪن تي ننڍي چونڊ ڪرائي وئي ۽ ان جو واسطو، هڪ طرف پنجاب ۾ حمزه شهباز جي وڏ وزارت ۽ ٻئي پاسي وري شهباز شريف جي وزير اعظم جي ڪرسيءَ سان آهي. عمران خان ۽ مريم نواز عوام جي وڏن جلسن ۽ جلوسن کي خطاب ڪيو ۽ ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪيو، پر ٽرن آئوٽ بهتر ضرور ٿيو آهي، پر اهو 20 کان 30 سيڪڙي تائين نظر آيو. گهٽ ٽرن آئوٽ جي نتيجي ۾ اها پارٽي جيڪا وڌيڪ عوام ۾ پاڙون رکندي هوندي، ان کي گهڻو نقصان ٿيندو. ننڍي چونڊ جي حوالي سان رڳو ٽرن آئوٽ ئي اشو نه هو، پر سڀني ڏٺو ته جنهن وقت تحريڪ انصاف جي وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت هئي، ان وقت ڊسڪا ۽ ٻين تڪن ۾ جيڪي چونڊون ٿيون، انهن ۾ هڪ پاسي حڪمران پارٽي هارايو ته ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن پنهنجو گهڻو اثر رسوخ استعمال ڪيو. اليڪشن ڪميشن ڊسڪا اليڪشن جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا، اهي هن ڀيري ڪارائتا ثابت ٿيا. ملڪ جي تاريخ ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار هميشه مشڪوڪ رهيو آهي، پر ماضي قريب کان معاملو گهڻو تبديل ٿي ويو آهي. گذريل ڏهاڪو سال اڳ ۾ اسان ڀارت جي اليڪشن ڪمشنر ٽي اين سيشن جو ذڪر ٻڌندا هئاسين ته ان جي حڪم کانسواءِ ڪک پن به نه چرندو هو ۽ مجال آهي ته اميدوار مقرر خرچ کان وڌيڪ پيسا خرچ ڪن يا وري اليڪشن ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪن. هن ڀيري هي صورتحال موجوده اليڪشن ڪميشن جي آهي، ڀارت جو چيف اليڪشن ڪمشنر به سول سروس جو رٽائرڊ آفيسر هو ۽ اتفاق سان اسان وٽ به ائين ئي آهي. موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر جي حوالي سان، خاص ڪري ان جي سويلين ڪاموري طور جيڪو ٽريڪ ريڪارڊ آهي، اهو به شاندار رهيو آهي. هتي حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اهڙي اليڪشن ڪمشنر جي ساک ڏانهن خاص ڪري پي ٽي آءِ جي قيادت جيڪي آڱريون کنيون، اهي حيران ڪندڙ آهن. هن ڀيري پنجاب جي ننڍي چونڊ دوران اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل کي شفاف بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.
سڀني ڏٺو ته عام خيال هيءَ هو ته ننڍي چونڊ دوران وڏي پيماني تي تشدد ٿي سگهيو پئي، ان جو مک سبب سياسي اڳواڻن پاران پنهنجن ڪارڪنن کي گهڻو گرم ڪرڻ هو. ائين لڳو پئي ته هي ڪفر ۽ اسلام جي جنگ آهي، عمران خان ته چيو هيءَ چونڊ نتيجا جهاد هوندا ۽ اهي جيڪي موجوده حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪندا، اهي جنت جا حقدار هوندا. هيءَ تمام گهڻيون تڪراري مذهبي ڳالهيون آهن، جن کي سياست ۾ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پر اسان جي سياسي اڳواڻن کي اها سياسي سوجهه ٻوجهه ناهي، ته هو جيڪو پوکي رهيا آهن، اهو سڀاڻي لڻيندا به! هيءَ ته رڳو، يوٽرن وٺڻ جا ماهر آهن ۽ پنهنجون مرضيءَ جون تاويلون ڏيندا آهن. ان ڪري ئي ته سماجي سائنسدان شروع کان وٺي، سياست ۽ مذهب، رياست ۽ مذهب ۽ مذهبي معاملن کي الڳ ڪرڻ جا حامي رهيا آهن، پر اها ڳالهه سمجهڻ ۾ گهڻا سال لڳندا.
پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ معمولي نوعيت جا واقعا سامهون آيا، انهن ۾ هڪ طرف ملتان ۾ شاهه محمود قريشي، پنهنجي پٽ کي کٽرائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار نظر آيو. هن خانگي فيڪٽريءَ ۾ داخل ٿي، الزام مڙهيا ته اتي ٺپا هنيا پئي ويا، پر اليڪشن ڪميشن جي ترجمان واضح ڪيو ته قريشيءَ جي الزامن ۾ ڪابه سچائي نه هئي. ٻئي ڳالهه صبح سان ئي لاهور ۾ نظر آئي، جتي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس موڪلي وئي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ تي الزام لڳو ته هن (ن) ليگ جي هڪ ڪارڪن جو مٿو ڦاڙيو، باقي شهباز گِل ته حد ڪري ڇڏي، هو خانگي هٿيار کڻي، محافظن سان گڏ ويو. هن کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هئي. شهباز گِل کي اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي گرفتار ڪري پوليس جي وين ذريعي جيل موڪليو ويو.هن سان جيڪي گارڊز هئا، انهن کي ڏسي چيو ويو ته اهي ايف سي جا آن ڊيوٽي يا رٽائرڊ عملدار هئا، پر لاڳاپيل اختيارين واضح ڪيو ته رڳو بني گالا ٻاهران انهن جي هڪ بٽالن يا ڪمپني مقرر آهي. اهو اشارو به ڏنو ويو ته شايد ڪي پي مان ايف سي کي گهرايو ويو، پر صورتحال واضح ٿي وئي. هيءَ ايڏي وڏي ڦڏي واري اليڪشن ۾ معمولي واقعا هئا، ان ڪري چونڊن کي ڪنهن به صورت ۾ پرتشدد قرار ڏئي نٿو سگهجي.
اها ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته عوامي ووٽ جي پرچي پنهنجي جاءِ تي پر اهي، جن وفاق کان صوبن تائين نئون سيٽ اپ قائم ڪيو آهي، ڇا اهي چاهيندا ته ترت ڪا تبديلي اچي وڃي؟ ڇا هو جلد عام چونڊن جي حق ۾ آهن؟ اها الڳ ڳالهه آهي ته عمران خان اڳ ئي اسٽيبلشمينٽ تي زور ڀريو پئي ته اها يوٽرن وٺي، جيڪڏهن ائين ڪرڻو هو ته هيءَ ايڏو وڏو مانڊاڻ ڪيئن مچايو وڃي ها؟ اهي ڌريون جيڪي نومبر ۾ اهم مقرري يعني آرمي چيف مقرر ڪنديون، ڇا اهي عمران خان کي موقعو ڏينديون ته اهو اچي هڪ ڀيرو ٻيهر سموري نظام کي تباهه ڪري؟ ان نوعيت جا ڪي ٻيا سوال به آهن. انهن سڀني جي روشنيءَ ۾ پنجاب جي چونڊن کي ڏسڻ گهرجي. هينئر ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ جيڪو سافٽ ڪارنر پيدا ٿيو آهي ۽ ملڪ کي بقول موجوده حڪمرانن جي ڊيفالٽ کان بچايو ويو آهي، ڇا انهن سمورين ڪاميابين تي پاڻي ڦيريو ويندو؟ جنهن وقت طاقتور ڌريون، سياسي قيادت کي ضمانتون ڏئي رهيون هيون، انهن ڪا حڪمت عملي ته جوڙي هوندي يا چلي جا رهي هي خدا ڪي سهاري، واري فارمولي تي عمل ڪيو ويندو؟