ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ننڍي ڄمار جون شاديون

Editorial

سنڌ توڙي ملڪ ۾ ننڍي ڄمار جون شاديون عام جام ٿينديون رهنديون آهن. گهڻو ڪري نابالغ ڇوڪرين کي وڏي ڄمار جي مردن سان پرڻايو ويندو آهي يا وري سڱ چٽي ۾ نياڻيون ڏئي انهن تي ظلم ڪيو ويندو آهي. اهڙي ريت انهن ڇوڪرين جي زندگي تباهه ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته قانوني طور ڪنهن به مائٽ کي اهو حق حاصل ڪونهي ته اهي پنهنجي مرضيءَ سان يا مفاد خاطر ٻارڙين جون زوري شاديون ڪرائي ڇڏين. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به نابالغ ڇوڪريءَ جي زوري شاديءَ جي اجازت ملڪ جو قانون نٿو ڏئي پر اڄ به سنڌ ۾ لڪ ڇپ ۾ اهو عمل جاري آهي ۽ جڏهن اوچتو پوليس پاران ڇاپا هنيا وڃن ٿا ته اهي خبرون رپورٽ ٿين ٿيون. ٻه ڏينهن اڳ ميرپورخاص ۾ به اهڙو واقعو پيش آيو آهي.
ميرپورخاص ۾ محمود آباد ٿاڻي جي حد لوڪو واري علائقي ۾ مبينا ننڍي عمر 15 سالن جي نياڻي شھربانو خاصخيلي جي 45 ورهين جي پرڻيل شخص سان پرڻي واري اطلاع تي محمود آباد ۽ وومين پوليس ڇوڪري جي گھر تي ڇاپو هنيو، پوليس گھوٽ اياز خاصخيلي ۽ شهربانو جي والد احسان خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي گرفتار گھوٽ اياز خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي پھرين گھرواري بيمار ھجڻ ڪري شهربانو جي مائٽن جي مرضي سان شادي ڪريان پيو ته پوليس ڇاپو ھنيو، شهربانو جي مائٽن کي خرچ طور 20 ھزار رپيا ڏنا آهن. ھن چيو ته نڪاح ٿي چڪو آهي. ان موقعي تي شھربانو خاصخيلي جي والد احسان خاصخيلي چيو ته منھنجي نياڻي بالغ آھي، سندس 20 سال عمر آھي، نياڻي جي رضامندي سان شادي ڪرائي رھيا ھئاسين ته اوچتو پوليس ڇاپو ھنيو. ھن چيو ته غريب مسڪين ماڻهو آھيان، گڏهه گاڏو ھلائي ٻارن جو پيٽ گذر ڪندو آھيان، شريعت موجب شادي ڪرائي آھي، ڪو ڏوہه نه ڪيو آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او محمود آباد مير محمد ڪيريو ۽ ايس ايڇ او وومين مومل لغاري ٻڌايو ته شھربانو جي عمر 15 سال آھي، سندس مائٽ پئسن عيوض پرڻيل 4 ٻارن جي پيءُ 45 ورهين جي شخص سان شادي ڪرائي رهيا هئا ته ڇاپو ھڻي شادي روڪرائي گھوٽ ۽ ڇوڪري جي والد کي تحويل ۾ ورتو آهي. ھنن وڌيڪ چيو ته واقعي بابت اعلى عملدارن کي اطلاع ڪيو آهي، سندن ھدايتن بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته هن واقعي جي مڪمل جاچ ٿيڻ لازمي آهي. جيڪڏهن ڇوڪريءَ جا مائٽ سندس ڄمار وڏي هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته انهيءَ جي پرک به ڪئي وڃي ۽ اها پرک دستاويزن وسيلي ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن ڇوڪري نابالغ آهي ته پوءِ گهوٽ ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ۽ ان کان سواءِ ان قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي ته ڪنهن به نابالغ ڇوڪريءَ جي شادي نه ڪرائي ويندي ۽ نه ئي ڪنهن جو زوري نڪاح پڙهايو ويندو.

گيسٽرو سبب بيمار ٿيندڙ ٻارڙا
برسات جي مند شروع ٿيڻ کان پوءِ بيمارين جا حملا به شروع ٿي ويندا آهن. خاص طور تي پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيماريون گهڻيون وڌي وينديون آهن ۽ اهڙي ريت انهن بيمارين جو شڪار هر ڄمار جا ماڻهو ٿيندا آهن. پر خاص ڪري ٻارڙا وڌيڪ بيمار ٿيندا آهن، هن وقت گيسٽرو سنڌ ۾ عام جام هلي رهي آهي ۽ سنڌ جا ٻار سخت متاثر پڻ ٿي رهيا آهن. پر ڇا صحت کاتي وٽ ان کان بچاءُ جي ڪا حڪمت عملي آهي. ڇا صحت کاتي وٽ ان لاءِ تياري مڪمل آهي. ڪجهه ڏينهن سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گيسٽرو جي وبا پکڙي وئي آهي، جنهن ۾ خيرپور به شامل آهي.
خبر موجب خيرپور ۾ گيسٽرو جي بيماري پکڙجي وئي، سٽي اسپتال خيرپور ۾ گيسٽرو سبب 24 ڪلاڪن دوران داخل ٻارن جو انگ 28 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3 ٻار 2 سال جو ذيشان بالادي، 8 سال جي امبرين ۽ 10 سال جو ياسين گيسٽرو سبب زندگيءَ جي جنگ هارائي ويا آهن. جڏهن ته سٽي اسپتال ۾ گيسٽرو جي مرض کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسپتال انتظاميا طرفان ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن، جنهنڪري بيمار ٻارن جا وارث سخت پريشان آهن. ٻارن جي وارثن چيو آهي ته انتظاميه هن مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا به ٽيم ناهي جوڙي، جيڪا هر ڳوٺ ۾ وڃي ٻارن جو علاج ڪري ۽ نه وري اسپتالن ۾ ڪي خاص انتظام ڪيا ويا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته گيسٽرو سبب اڃا به وڌيڪ ٻار متاثر ٿي سگهن ٿا، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي وڃي. صحت مرڪزن تي دوائون وقت سر پهچايون وڃن. اتان جي عملي کي به هر وقت تيار رهڻ گهرجي ۽ عام ماڻهن کي گهرجي ته اهي احتياطي اپاءَ اختيار ڪن، ڇاڪاڻ ته اها رڳو صحت کاتي جي ذميواري ڪونهي ته اهو عوام کي گيسٽرو کان بچائيندو پر عوام کي به پنهنجي پاران احتياط ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button