ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي سوڀ

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ملڪ ۾ اقتدار جي سياست جو محور پنجاب رهيو آهي. پنهنجو پاڻ کي وڏو ڀاءُ سڏائيندڙ پنجاب نه رڳو ملڪ جي ٻين صوبن تي قابض آهي پر اتان جيڪا به سياسي پارٽي گهڻيون سيٽون کٽيندي آهي، اقتدار جو تاج ان جي مٿي تي هوندو آهي. پنجاب هونئن ته نواز ليگ جو ڳڙهه رهيو آهي پر سياسي انجنيئرنگ ڪري اتان ڪڏهن پيپلز پارٽي کٽيندي رهي آهي ته ڪڏهن (ق) ليگ ۽ هاڻي وري پي ٽي آءِ جو وارو آيو آهي. جيڪا ٻه ڏينهن ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ کي شڪست ڏئي چڪي آهي. پي ٽي آءِ 20 سيٽن مان 15 سيٽون کٽي ورتيون آهن. جنهن کان پوءِ سياسي طور پنجاب نواز ليگ جي هٿان هليو ويو آهي. پر اها صورتحال عام چونڊن تائين آهي. ممڪن آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ صورتحال نواز ليگ جي حق ۾ ٿي وڃي پر اها تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اها عوام دشمن فيصلن بدران عوام دوست فيصلا ڪندي.
ڪنهن به پارٽيءَ جي شڪست ۽ سوڀ جا ڪي سبب هوندا آهن. عمران خان نيازيءَ کي جڏهن عدم اعتماد وسيلي اقتدار مان تڙيو ويو ته هن نه رڳو “ڪمپني بهادر” خلاف زهر اوڳاڇڻ شروع ڪيو پر هڪ اهڙي سازش جو نيريٽو تيار ڪري هر جلسي ۽ فورم تي پيش ڪيو، جنهن جو ڪو وجود ئي ڪونه هو. ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو به ڪجهه ڏينهن اڳ جاري ٿي چڪو آهي. پر جيئن ته ملڪ ۾ سياسي طور لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ مخالف نيريٽو هن ڀيري عمران خان نيازيءَ لاءِ ڪم ڪري ويو. جهڙي ريت ماضي ۾ نواز ليگ اهڙو نيريٽو کڻي هر جلسي ۾ ذڪر ڪندي رهندي هئي ۽ پنجاب ۾ جڏهن به ننڍيون چونڊون ٿيون ته ان ۾ نواز ليگ کي سوڀ نصيب ٿي هئي. ان جو بنيادي سبب هڪ ته اهو هو جو ان وقت نواز ليگ اقتدار ۾ ڪانه هئي ۽ پي ٽي آءِ جيڪي عوام دشمن فيصلا پئي ڪيا عوام ان جو ڀرپور جواب ڏنو. پر هن وقت جڏهن نواز ليگ اقتدار ۾ آهي ته اها نه رڳو اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو آهي پر اها ان جو دفاع پڻ ڪري رهي آهي، اهي معاشي فيصلا عوامي مفاد ۾ نه آهن، پر اهي فيصلا اسٽيبلشمينٽ جي مفاد ۾ ضرور آهي. جنهن ڪري ان اها هن وقت اسٽيبلشمينٽ خلاف کليل نموني نٿي ڳالهائي سگهي. ائين ناهي ته عمران خان نيازي ائين نه ڪيو هو. هو جڏهن اقتدار ۾ هو ته هن جي پاليسي به اها ئي هئي. هن کي جنرل باجوه تمام گهڻو جمهوريت پسند ۽ نيوٽرل نظر ايندو هو ۽ جڏهن هو عمران خان نيازيءَ جي حوالي سان نيوٽرل ٿي ويو ته هن کي ان ۾ ڪئين خاميون نظر اچڻ لڳيون. سندس پارٽي نه رڳو ملٽري قيادت خلاف ٽرينڊ هلائيندي رهي آهي پر ان خلاف ماحول پڻ تيار ڪيو آهي.
هاڻوڪي چونڊن جا جيڪي نتيجا آيا آهن. ان ۾ ڪاميابي ته پي ٽي آءِ جي ٿي آهي پر هن لاءِ پنجاب جو اقتدار ماڻي ان کي انتظامي طور هلائڻ ايترو سولو نه هوندو. ان کان سواءِ هنن چونڊن ۾ عمران خان نيازيءَ جي ڪاميابي في الحال نواز ليگ ۽ “ڪمپني بهادر” لاءِ بهتر آهي. اهي امڪان آهن ته هاڻُوڪي ننڍي چونڊ وسيلي ان ڪري پي ٽي آءِ کي ڪاميابي ڏياري وئي هجي ته جيئن اها اهي نتيجا قبول ڪري ۽ اهو الزام نه ڌري ته ڪا ڌانڌلي ٿي آهي. جڏهن ايندڙ سال عام چونڊون ٿينديون ۽ ان ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ملي ته ان وٽ اهو جواز نه رهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. تنهنڪري هن ڀيري پي ٽي آءِ ڀلي پنجاب ۾ پنهنجي زور آزمائي ڪري وٺي.
ان کان سواءِ پنجاب جي سياست جو هڪ اهم معاملو اهو به آهي ته اتي ڪڏهن به ڪا اهڙي سياسي سيڪيولر قوت ڪانه اڀري آهي، جيڪا اتان جي ماڻهن جي مذهبي انتهاپسنديءَ مان جان ڇڏائي سگهي. پي ٽي آءِ به هن سڄي چونڊ مهم ۾ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪيو ۽ هاڻوڪين چونڊن کي جهاد جو نالو ڏنو. ظاهر آهي هتان جو ماڻهو مذهب جي نالي تي ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي، خاص طور تي پنجاب جو ماڻهو ته مذهبي ڪارڊ وسيلي استعمال ٿيندو رهندو آهي. ان ڪري پنجاب جي عوام هڪ ساڄي ڌر جي مذهبي پارٽيءَ کي رد ڪري ٻي ڪٽر مذهبي ۽ فاشسٽ پارٽي کي ووٽ ڏئي پنجاب ۾ ان کي وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان سواءِ ان جا امڪان به هئا ته “ڪمپني بهادر” پنجاب هن ڀيري نواز ليگ جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. تنهنڪري به چونڊ نتيجا نواز ليگ جي اميدن جي ابتڙ آيا آهن. نواز ليگ پاران هلايل سڄي سياسي مهم ۾ رڳو مريم نواز نظر آئي پر نواز شريف جيئن ته ٻاهر ويٺو آهي، تنهنڪري هن جي غيرموجودگيءَ سان گهڻو فرق ٿو پوي. پر تنهن هوندي به سٺي ڳالهه آهي ته اقتدار ۾ رهندڙ نواز ليگ نه رڳو پنهنجي شڪست قبول ڪئي آهي پر چونڊ نتيجن کي به قبول ڪيو آهي ۽ اها سياسي اخلاقيات جي نشاني آهي، جيڪڏهن انهن چونڊن جا نتيجا عمران خان نيازيءَ جي خلاف اچن ها ته هو اهو ئي چوي ها ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. تنهنڪري هو نتيجن کي رد ڪري ها ۽ ممڻ مچائي ها.
هن وقت جيتوڻيڪ نتيجا نواز ليگ جي حق ۾ ڪونه آيا آهن پر نواز ليگ کي ايترو وقت ملي ويندو ته اها ان تي ويچاري ۽ پنهنجي ايندڙ حڪمت عملي تي ڪم ڪري ڇاڪاڻ ته ايندڙ چونڊن ۾ اڃا وقت آهي ۽ ان لاءِ نواز ليگ کي وڏي عقل سان ڪم وٺڻو پوندو. پر هتي وري به سوال اهو آهي ته ڇا واقعي به پي ٽي آءِ نواز ليگ جو متبادل آهي؟ متبادل گهڻو تبديل هجڻ گهرجي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۾ ساڳيا مهانڊا آهن، ساڳيا ڪرپٽ ماڻهو آهن، ساڳيا ڪٽر مذهبي آهن ته ان کي متبادل نٿو چئي سگهجي. اسان جي ملڪ ۾ سياسي متبادل پاڻمرادو يا ڪنهن سياسي جدوجهد وسيلي سامهون نه ايندا آهن پر اهي سياسي متبادل اسان کي اسٽيبلشمينٽ فراهم ڪندي آهي. ان کان اڳ اسان وٽ (ق) ليگ متبادل هئي ۽ هاڻ پي ٽي آءِ آهي ۽ اهي ٻئي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جون تيار ڪيل آهن. اقتدار انهن حوالي ڪيو ويو هو.
سياسي متبادل اتي تيار ٿي سگهي ٿو، جتي سياسي آزادي هجي ۽ جمهوري آزادي به سياسي آزاديءَ سان مشروط آهي. سياسي آزاديءَ کان سواءِ جمهوري آزاديءَ جو تصور ممڪن ڪونهي. تنهنڪري پهرين ته سياسي پارٽين کي سياسي آزادي لاءِ ويڙهه ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي نواز ليگ کي “ڪمپني بهادر” جون ونگارو پارٽيون ٿيڻ بدران پنهنجو سياسي نيرٽيو تيار ڪري عوام ڏانهن وڃڻ جي ضرورت آهي. عوام ان کي ڪهڙي موٽ ٿو ڏئي، اها ئي سياسي آزاديءَ ڏانهن پهرين وک هوندي. جيڪڏهن ملڪ جي اهم سياسي پارٽين کي رڳو استعمال ٿيڻو آهي ته پوءِ ان سان ڪا سياسي تبديلي نه ايندي رڳو اقتدار ۾ ايندڙ چهرا تبديل ٿيندا رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button