
گذريل ڪجهھ عرصي کان مون اھو موقف رکيو آھي تھ ڪھاڻي يا ناول لکڻ لاءِ سڀ کان اھم ڳالھه اھا آھي تھ ليکڪ وٽ ڪھاڻي يا ناول لکڻ جو مڪمل آرٽ (فن) ھجڻ ضروري آھي. پر منھنجي ان موقف جي ڪجھه دوست بنا ڪنھن سبب جي مخالفت ڪندي چون ٿا تھ ڪھاڻي ۾ فڪر جي پختگي ھجڻ ضروري آھي، آرٽ (فن) پوءِ ٿو اچي. پر مان ان ڳالھه تي قائم آھيان تھ اسٽوري ٽيلنگ جو آرٽ ڪنھن بھ ڪھاڻي يا ناول لاءِ بنيادي جزو آھي. مان اھو بھ موقف رکان ٿو تھ جيئن تھ ادب ڪو عقيدو نھ آھي، ان ڪري فڪر جي پختگي ھجڻ ضروري نھ آھي. جيڪڏھن ائين ھجي ھا تھ “روميو اينڊ جيوليٽ”، جيڪو ھڪ عام رواجي عشق جو داستان آھي، ان کي دنيا جو شاھڪار نھ سمجھيو وڃي ھا. اھڙي ريت سنڌي ۾ جيڪو ناول اڄ بھ وڌ کان وڌ وڪامجي ٿو اھو “رھجي ويل منظر” آھي. جيڪو پڻ ھڪ پريم ڪھاڻي آھي، ان ۾ تھ ڪٿي بھ ڪنھن فڪر جي پوءِ ڀلي اھو مذھبي ھجي يا سياسي ان جي ڳالھه نھ ڪئي وئي آھي. اھڙي ريت ٻيو بھ ڪيترو ئي ادب آھي جيڪو ڪنھن خاص فڪر بدران سماجي مسئلن تي لکيو ويو آھي، اھڙا مسئلا جيڪي اسان سڀني جا آھن ۽ جيڪي ڪنھن ھڪ خاص مذھبي يا سياسي فڪر سان ڪوبھ واسطو نٿا رکن.
جيڪڏھن مون کان پڇيو وڃي تھ ادب ڇا آھي؟ ھن سوال جو جواب مان ٻن سادن جملن ۾ ڏئي سگھان ٿو:
(1) Literature doesn’t mean to convince people on what you believe (ادب جو مطلب اھو نھ آھي تھ اوھان ماڻھن کي پنھنجي سوچ تي قائل ڪريو).
(2) Literature means to convey your thoughts to people (ادب جو مطلب اھو آھي تھ اوھان ماڻھن تائين پنھنجي سوچ پھچايو).
جيڪي دوست اھو ٿا چون تھ فڪر جي پختگي آرٽ (فن) کان وڌيڪ اھم آھي تھ انھن دوستن کان مان ھڪ سوال ڪريان تھ ڀلا ٻڌائين ڪھاڻي ۽ مضمون ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ ڇو اسان ھڪ نثري لکڻي کي ڪھاڻي ٿا چئون ۽ ٻئي کي مضمون جو نالو ٿا ڏيون. جڏھن تھ ٻنھي ۾ فڪر جي پختگي آھي. اھڙي ريت اھي دوست اھو بھ ٻڌائين تھ ڀلا نظم، غزل، بيت، وائي ۽ گيت اھي شاعري جون الڳ صنفون ڪيئن آھن؟ جيڪڏھن انھن جو فن جدا جدا نھ آھي تھ؟
مان فن جي اھميت جي حوالي سان ڪجھه دليل ڏيان، اسان سڀني غالب فلم ڏٺي آھي، ان جي شروعات ۾ ھڪڙو جملو ايندو آھي:
“ھين اور ڀي دنيا مين سخنور بهت اڇي،
ڪھتي ھين ڪه غالب کا هي اندازِ بيان”
مون جڏھن جاپاني ناول نگار ھوراڪي موراڪامي جو ناول “ڪافا آن شور” ورتو، ان جي بيڪ ٽائيٽل تي دي انڊيپينڊنٽ جو ھي تبصرو ڏنل ھو: “Master story-teller”
اھڙي ريت دنيا جا ڪيترائي ناول نگار آھن، جن جي فڪر جي پختگي کان وڌيڪ سندن ڪھاڻي جي فن جي ساراهه ڪئي ويندي آھي. مثال طور: ڊين برائون، سڊني شيلڊن، ڪليو ڪسلر، لي چائيلڊ، جي ڪي رولنگ، نيڪولس اسپارڪ، ڪازو اشيگرو، اورھان پاموڪ ۽ ٻيا بھ ڪيترا ئي نالا آھن. انهن جي فڪر کان وڌيڪ سندن ڪھاڻي ٻڌائڻ جي فن جي ساراهه ڪئي ويندي آھي. مان اڃا بھ ان ڳالهھ تي قائم آھيان تھ ڪھاڻي يا ناول لاءِ فڪر جي پختگي کان فن جي پختگي وڌيڪ ضروري آھي.
منھنجي گھڻي ڀاڱي ڪوشش ھوندي آھي تھ سينيئر ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين تي راءِ نھ ڏيان، پر ان ھوندي بھ جڏھن ڪنھن ڪھاڻيڪار جنھن جي دعوا ھجي تھ ھو پنجاهه سالن کان ڪھاڻيون لکندو پيو اچي، هن جون ڪھاڻي جي نالي ۾ مضمون نما لکڻيون پڙھندو آھيان تھ دل چوندي آھي تھ ڪھاڻي جي فن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ لکان ۽ لکي بھ ويندو آھيان. ان کان اڳ بھ جڏھن ڪھاڻي جي فن جي حوالي سان سنڌ ايڪسپريس ۾ مضمون لکيا ھئم ۽ پرويز صاحب جي ڪھاڻين جو ذڪر نڪري ويو ھو تھ پرويز صاحب منھنجي خلاف مضمون لکي ڪيترين ئي ننڍين وڏين اخبارن ۾ ڇپرايو ھو. پر منھنجو ڪھاڻي سان اھڙو تھ عشق آھي جو وري بھ پيو ماسي ڪھاڻي کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان.
تازو ئي پرويز صاحب جي ڪھاڻين جو ڪتاب “آزاديءَ جو صبح” پڙھيم، ھن ڪتاب ۾ يارھن ڪھاڻيون ڏنل آھن:
آزادي جي صبح جي ويجھو، نازل ۽ دادل، ڪجھه بھ ڪونھ ٿيو، پون ۽ ڪرشما، مرگھه ترشنا، حيوان جيتري گيريت، مٺيءَ جي مٺي، عشق انوک رنگ، ڌرتي ماءُ، چڪيا چاڪ ڇيھون ڪري ۽ ملھه مھانگو سپرين.
سچ اھو آھي تھ ھي ڪھاڻيون مون تي ڪو خاص اثر نھ ڇڏي سگھيون آھي. فني اعتبار سان ڳالهھ ڪجي تھ ڪھاڻي گھٽ اخباري رپورٽ وڌيڪ آھي، ڪجهھ ھنڌن تي تھ ائين لڳو ڄڻ ڪنھن سياسي پارٽيءَ جي جلسي ۾ اچي بيٺو ھجان ۽ اسٽيج تي بيٺل مقرر سندس اڳواڻ جي ساراهه ۾ ڪڏھن نھ کٽندڙ تقرير ڪندو ھجي. اھڙي ريت ڪيترن ئي ھنڌن تي اخباري رپوٽ جا ٽڪرا لڳا. مثال طور ڪتاب جي پھرين “آزادي جي صبح جي ويجھو” جو ھي ٽڪرو:
“تازو ئي 22 مئي 2012ع تي ھڪڙي سياسي پارٽي طرفان لياري جي بلوچن ۽ سنڌين خلاف ٿيندڙ خونخوار سرڪاري آپريشن ۾ بي حساب شھيد ٿيندڙ بيگناھن سان يڪجھتيءَ طور، سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جي سازش ۽ ٺٽي ۾ ذوالفقارآباد ٺاھي ڌارين کي ورسائي سنڌين ۾ اقليت ۾ آڻڻ جي سازش خلاف ۽ سنڌ جي ٻين ٻرندڙ مسئلن متعلق لياريءَ کان پريس ڪلب تائين ھڪ پرامن جلوس “محبت امن ريلي” ڪڍي وئي ھئي.”
يا وري ساڳئي ڪھاڻي ۾:
“محبت ريلي جيڏي مھل لي مارڪيٽ جي پان منڊي ۽ ڊينسو ھال وٽان گھٽين مان اڳتي وڌڻ لڳي، اوڏي مھل دنيا جي بدنام زمانا دھشتگرد تنظيم، جنھن جي لاءِ تڪبير ميگزين ڪراچي” پنھنجي ھڪ مضمون……”
ھي سڀ پڙھندي منھنجي ذھن ۾ رڳو ھڪ ئي سوال آيو: ڇا ڪھاڻي ائين لکبي آھي؟ ڇا ھڪ اھڙي ڊگھي لکڻي جنھن ۾ ويھي رڳو پنھنجي سياسي خيالن جو پرچار ڪجي، ان کي ڪھاڻي چئي سگھجي ٿو؟
اسان کي ڪھاڻي پڙھڻ جي ضرورت ڇو پوندي آھي؟ جڏھن اھي سڀ حوال ۽ سياسي صورتحال تي تبصرا اسين ھر روز ڪنھن نھ ڪنھن اخباري ڪالم ۾ پڙھون ٿا؟
منھنجي خيال ۾ ڪھاڻي انسان جي احساسن، جذبن ۽ زندگيءَ جي عڪاسي ڪندي آھي، ان سڀ کان وڌيڪ ڪھاڻي رڳو ڪاڳر ڪارا ڪرڻ جو نالو تھ نھ آھي. ڪا بھ ڪھاڻي آرٽسٽڪ ايڪسپريشن کان سواءِ ڪھاڻي نٿي ٿي سگھي. منھنجي خيال ۾ ھاڻي وقت اچي ويو آھي تھ ڪنھن خاص سياسي نظريي جي تبليغ ڪرڻ بدران ڪھاڻي ان جي فني گھرجن مطابق لکجي.