ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مِينهان ۽ نِينهان

Editorial-Article-Irshad Laghari

سندس ڏُکويل ديس مٿان تنهن ڏينهن جيڪا گهاٽي برسات پئي، سا واريءَ جي مجمسن جهڙن ڪيترن ئي لاڳاپن کي لوڙهي وئي. هن جي آسپاس جڏهن ڪجھه به نه رهيو ته هو سڌو دَرياهه ڏانهن هليو ويو. هونئن به دَرياهه ڪيترن ئي جنمن کان سندس اڪيلو مستقل ساٿي رهيو آهي. هن جي پهرين جاڳ به دَرياهه جي ڪنڌيءَ تي ته پهريون خيمو به اتي، پهرين ننڊ به اتي ته پهريون خواب به اتي ۽ پهريون گيت به ساڌو کان هن دَرياهه جي ڪنڌي تي ئي ٻُڌو هو، جنهن گيت کيس اهو سمجهايو هو ته:
“جڏهن وقت پٿرائجي وڃي تڏهن فقط دَرياهه ئي ان کي تحرڪ ۾ آڻي سگهندو آهي. جڏهن لفظ وڃائجي وڃن، تڏهن ڇوليون ئي ٻولي واپس ڏينديون آهن.”
ايئن ڪالهوڪي بارش به هن سان اها ئي ڪار ڪئي هئي!! وقت پٿرائجي ويو هو ۽ کانئس لفظ وڃائجي ويا هئا. هن انتظار ڪيو، پهرين بارش جو ته متان اها وقت کي جاري ڪري. پر نه، پوءِ ٻي بارش جو انتظار ته متان ان ۾ سندس قبول نه ٿي سگهندڙ دعائون اگهامجي وڃن ۽ ٺڪرايل ايلاز کي متان ڪائي معنيٰ ملي سگهي، پر نه….!! جڏهن ايئن نه ٿي سگهيو ته هو دَرياهه ڏانهن هليو ويو.
درياھه تي پهچي هن لهندڙ سج کي اکين ۾ محفوظ ڪيو ۽ اها هڙهه جنهن ۾ قبول نه ٿي سگهندڙ دعائون ۽ بي معنيٰ بڻجي ويل ايلاز کنيو پئي هليو، سا دَرياهه ۾ لوڙهيندي ساڌو کي وٺي سڏ ڪيائين. عجب منظر هو!! دَرياهه ساڌوءَ جو روپ ڌاري وڌو ۽ لهرون لولاڪ جا سڀ راز کولڻ لڳيون. هڪ ڇولي کانئس سوال پڇيو وئي پئي ته ٻي ڇولي جواب کنيو پئي آئي. هن جو پهريون سوال هو ئي اهو ته:
اي ساڌو!! اڪيلائي جي آخري سرحد ڪٿي ٿي کٽي؟ جواب ۾ هڪڙي ڇولي چيو: جتي ستارا ٽُٽي وڃي ڪرندا آهن….!! اتي ٻي ڇولي وري هيئن چيو ته: اهو اوهان تي ئي آڌاريل آهي ته اوهين اڪيلائي کي جيستائين ڏورڻ چاهيو اوستائين ان جي سرحد ويندي وڌندي ۽ جتي به اوهان ان کي کُٽائڻ چاهيو اتي اها کُٽي پوندي.
هن ٻيو سوال ڪيو: هر جنم ۾ انسان وصل جي بکيا گهرندو رهيو آهي پر انسان جي ڪشڪول ۾ سدائين فراق ڇو وڌو ويو آهي؟ جواب آيو ته: هن وشال ڪائنات ۾ اهو پانڌيئڙي تي آهي ته هو ڪهڙي گهٽيءَ کي بس آخري گهٽي سمجهي بيهي ٿو رهي يا اڳتي به هلي ٿو؟
بس پوءِ هر لهر ۾ هڪ ٻولي هئي، هر ڇولي هڪ آلاپ هئي ۽ هيٺيون هيون درياهه/ساڌو جون ڳالهيون:
“تند تار، رقص ۽ آواز ئي سچ آهي
باقي سڀ فنا جو سامان آهي
پير جي گُنگهرو کان وڌيڪ ٻيو ڪو به گِهنڊ مقدس ناهي
جيڪي خيال ڇڏي جسم جي کاهي ۾ ڪري پوندا آهن
تن کان تصور جو قافلو گهڻو اڳيان نڪري ويندو آهي
انا، حسد، ساڙ ۽ انتقام کي محنت جو نالو ڏيڻ تخيل جو آپگهات آهي
هي ٻٽيهه ڏندن وارو جانور
جڏهن انسان ٿيندو
تڏهن کيس اها ڳالهھ سمجهه ۾ ايندي ته
خوف جي نتيجي ۾ اپنايل تعلق
يا ڪوئي به ڌرم
حرام آهي
هي جيڪو رڳو دليل ڏيڻ سکيو آهي
تنهن کي هڪ ڏينهن جڏهن خاموشي ورائي ويندي
تڏهن سندس اکين مان ڪريل ٻن لڙڪن ۾
اهو ئي اظهار هوندو ته:
“وي علمئون بس ڪرين وو يار”
ڪڏهن ڪڏهن ڪي ٽهڪ ۽ ڪجھه هدايتون رولاڪ هوائون پاڻ سان گڏ کڻي کڻي ٿڪجي پونديون آهن ۽ انهن ۾ سمايل ڪجھه قدمن جي ٽَپ…. ٽَپ جو بار به جڏهن وڌي ويندو آهي، تڏهن وڏا طوفان ايندا آهن. اهو هوائن جو ردعمل هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو ٽهڪ ڏيڻ وارا ۽ هدايت ڪرڻ وارا پنهنجي سامان سڃاڻڻ کان انڪار جو ڪندا آهن ته واءُ کي شديد ڪاوڙ وڪوڙي ويندي آهي.
ڄاڻڻ وارا پنهنجي ڄاڻ جي دعويٰ نه ڪندا آهن، اهي ته بس هن حيراني جي عالم ۾ پِرينءَ جي پيرن جي نشان تي پير ڏيندا هلندا ويندا آهن ۽ بس جي ڪٿي ڪجھه ڳالهائيندا به آهن ته فقط ايترو ته:
هِن هُئڻ ۽ نه هُئڻ جي راند ۾ ڪا ڪا رات اهڙي ايندي آهي جنهن جو ڏينهن ڪڏهن به نه ٿيندو آهي. هڪ مچ هوندو آهي ۽ ٻيو ڪنهن جي ڳولا ۾ نڪتل ماڻهو. ستارا ساز ڇيڙيندا آهن ۽ وڻ گيت ڳائيندي ڳائيندي ننڊ پئجي ويندا آهن. بس سج پوءِ اهو سوچي نه اڀرندو آهي ته جنهن جي لاءِ مچ، ماڻهو، ستارا ۽ وڻ منتظر آهن، اهو جيستائين اچي تيستائين ڇو ڀلا ڏينهن ڪري، ڪنهن جي ننڊ ۾ خلل وجهجي. رات جو آخري پهر اميد جو پهر هوندو آهي ۽ ان پهر ۾ مچ، ماڻهو، ستارن ۽ وڻن جي جاڳي جاڳي جيڪا هڪ لمحي لاءِ اک لڳي ويندي آهي، سا هر جاڳ کان وڌيڪ قيمتي آهي. اها ڳالهھ اهي وڌيڪ آساني سان سمجهي سگهن ٿا، جن ڪڏهن واري جي ڀِٽ تان چڙهي صبح جو سج ڏسڻ لاءِ ڪافي انتظار ڪيو هجي پر سج نه نڪتو هجي. اهو سج جيڪو هڪڙن لاءِ باهھ جو ٻرندڙ گولو آهي ۽ هڪڙن لاءِ کنڊر بڻجي ويل محبتن جو اڪيلو پهريون ۽ آخري شاهد آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي جو ڪي ماڻهو اهو سوال اٿاريندا آهن ته ٿوهر جي گُل تي پوندڙ ماڪ ۽ گلاب جي گل تي پوندڙ ماڪ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ان جو جواب فقط ماڪ وٽ ئي آهي ته هو ڪيئن ٿي محسوس ڪري. باقي ماڻهو آهي سو خبر ناهي ڇو ٿوهر ۽ گلاب کي الڳ ڪيو پيو هلي. دراصل ازل جي وڻ مٿان جڏهن پهرين پهرين کنوڻ ڪري هئي ته ذرا ذرا ٿي ويل وڻ جي ٽارين مان ڪي ٽاريون گلاب بڻجي اٿيون ته ڪي ٿوهر. ماڪ اهو سڀ لقاءُ ان لمحي به ڏٺو پئي، اها ماڪ جيڪا ازل جي وڻ مٿان مهربان ٿي وسندي هئي ته عدم کي وجود جي خواهش وڪوڙي ويندي هئي. ۽ پوءِ وجود جي خواهش ئي گلاب ۽ ٿوهر جو روپ ورتو ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا لقاءُ سڀ اتان ئي شروع ٿيا، جتان هڪ وڻ ۽ ٻي ماڪ جي ڪهاڻي جي ڪٿا شروع ٿي.”
ايئن ڇوليون ٻوليون ٿينديون رهيون ۽ هي سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو. ساڌو اڃا ڪونه پهتو هو ۽ جيئن جيئن بارش پئي ٿي تيئن تيئن ساڌو جي انتظار ۾ سندس درد ڏکيو ٿي. هن اکيون پوري ڇڏيون ۽ پاڻ کي رڻ ۾ هڪ اهڙي مچ جيان محسوس ڪيائين، جنهن تي ڪوبه هٿ سيڪڻ وارو نه هجي. ايتري ۾ بارش جو هڪ تمام گهاٽو ُجوهو آيو ۽ مچ اجهامڻ بدران وڌيڪ ڀڙڪي اٿيو. هن سوچيو پاڻي ته باھه کي وسائي ڇڏيندو آهي، پوءِ هي باهھ ويتر ڇو ڀڙڪي پئي آهي!؟ ايتري ۾ بارش ۾ ڀنل ساڌو اچي پهتو ۽ کيس چيائين:
ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالھه آهي، توکان “مِينهان ۽ نيِنهان ٻئي اکر هيڪڙي” وارو سبق وسري ويو آهي، ڇا؟ ۽ پوءِ هن ڏٺو ته ساڌو بارش سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي الائي ڪيڏانهن نڪري ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button