ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اتحادين جو اعلان ۽ حال جي حقيقت

Editorial-Article-Omar Kazi

پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي پنجاب جي ننڍي چونڊ هارائڻ کان پوءِ پنهنجي ملاقات ۾ چونڊون وقت تي ڪرائڻ ۽ پنجاب حڪومت گڏجي بچائڻ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي، اهو بنهه روايتي آهي. اهڙي اعلان کي انگريزيءَ ۾ فيس سيونگ Face Saving سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته ان ملاقات جو موڊ ڪنهن به طرح سان خوشگوار نه هو. اها هڪ مايوس ميٽنگ هئي. ڇو ته ان ميٽنگ ۾ جيت جي پلاننگ نه پر هار جي سببن تي سوچيو ويچاريو ويو ۽ ظاهر آهي ته ڪوئي به شڪست جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.

ان حقيقت کان انڪار ممڪن ناهي ته جيڪڏهن شهباز شريف ضد ڪري نه بيهي ها ۽ جيڪڏهن هن وٽ جيل وڃڻ کان سواءِ ٻي واهه نه هجي ها ته ميان نواز شريف ۽ هن جي ٽيم هن جي اها فرمائش هرگز نه مڃي ها ته سڀ ڪجهه وساري آصف زرداريءَ سان ملي هڪ اهڙي حڪومت ڪيرائجي، جيڪا پنهنجي بار سبب پاڻ ئي ڪرڻ واري هئي. جيڪا هر ڏينهن هيٺ اچي رهي هئي. جنهن جي پاپولرٽي بنهه زيرو تي پهچڻ واري هئي. جنهن حڪومتي پارٽيءَ جا پنهنجا حامي ڪن لڪائي ڀڄي ويا ۽ اهي سوشل ميڊيا تي به نظر نه ايندا هئا، انهن کي سرعام نعرا هڻڻ ۽ پنڊال ڀرڻ جو موقعو ڪنهن ڏنو؟ انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر وري پنهنجن پراڻن سياسي نغمن تي نچڻ جو موقعو ڪنهن فراهم ڪيو؟ انهن کي زيرو مان هيرو ڪنهن بڻايو؟ انهن کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي پاپولر قوت ڪنهن ٺاهيو؟ ڪنهن انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي لاءِ ايترو ناگزير ڪري ڇڏيو جو هاڻي پاڪستان ۾ هر ڪوئي پڇي ٿو ته عمران خان جي نئين حڪومت ڪڏهن ايندي؟ هيءَ جڙتو ۽ جعلي حڪومت ڪڏهن گهر ڀيڙي ٿيندي؟ اهڙا سوال ۽ اهڙا تلخ تبصرا ٻڌي پيپلز پارٽيءَ کي ڪجهه ٿئي يا نه ٿئي پر نواز ليگ جو جيءُ رور جلندو هوندو. ڇو ته نواز ليگ اڄ به حقيقي طور تي اهو سمجهي ٿي ته هن جيڪو اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيو ٺاهيو هو ۽ جنهن جي بنياد تي هن کي هڪ نئين سڃاڻ ۽ عوام جو نئين سر ساٿ ملي رهيو هو، ان کان اها بنهه محروم ٿي وئي ۽ اهو تمام وڏو نقصان شهباز شريف جي ڪري ٿيو.

شهباز شريف جي سلسلي ۾ هونءَ ته گهڻيون ڳالهيون آهن. هن جا پنهنجي وڏي ڀاءَ جي خاندان سان اختلاف ڪنهن کان ڳجها ناهن. پر پوءِ به اهي ڀائر جهڙي طرح پاڻ ۾ گڏ هلي رهيا آهن، اهو ڪمال آهي. هن ڀيري جڏهن شهباز شريف وزير اعظم بڻجي پنهنجي وڏي ڀاءَ کان آشيرواد وٺڻ ويو، تڏهن ان ڀيري پارٽيءَ جي ميٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو هن مهل تائين ميڊيا ۾ ثبوتن سميت نه آيو آهي پر اهو صرف ۽ صرف شهباز شريف هو، جنهن پنهنجي سر مٿان اهو بار کنيو هو ته هو پنهنجي تازي سياسي تجربي سبب پارٽيءَ کي ڪنهن به قسم جو نقصان پوڻ نه ڏيندو. هن اهو به واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن پارٽيءَ کي نقصان پيو ته پوءِ هو سموري زندگي ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي ضد نه ڪندو ۽ پارٽيءَ جي هر حڪم تي اکيون پوري هلندو. هن جي اهڙي واعدي کان پوءِ ميان نواز شريف پنهنجي ٽيم کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو ته شهباز شريف کي هڪ موقعو ڏنو وڃي ۽ هن هڪ موقعي مسلم ليگ ن جو جيڪو حشر ڪيو آهي، اهو اڄ اسان سڀني جي سامهون آهي. پيپلز پارٽيءَ لاءِ هون به پنجاب ۾ ڪجهه نه رکيو هو. ڇو ته پيپلز پارٽي پنهنجي دور اقتدار ۾ به پنجاب کي سياسي طور تي پنهنجو نه ڪري سگهي. جڏهن ته ان مهل نه صرف پنجاب مان وزير اعظم هو پر آصف زرداري پاڻ ملڪ جو صدر به هو پر پوءِ به ڪجهه نه ٿي سگهيو. هن ڀيري ته پيپلز پارٽيءَ وٽ اهڙو ڪجهه نه هو، جنهن جي بنياد تي هوءَ وڏي اميد رکي گهي پر پوءِ به هن کي جيڪو صدمو مليو، اهو تماشي جهڙو هو. پر مسلم ليگ ن کي ان جي ڪهڙي پرواهه ته پيپلز پارٽيءَ ڇا وڃايو؟ هن کي ته اهو صدمو پهتو آهي ته هن جي حڪومت هوندي سوندي به پنجاب جڏهن هن جي هٿن مان ائين نڪري وڃي، جيئن هٿن مان واريءَ جا ڪڻا نڪري ويندا آهن، تڏهن انهن جي پريشاني حقيقي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نواز ليگ اندر جيڪا ڪاوڙ آهي، ان کان شهباز شريف تمام گهڻو گهٻرايل آهي پر هو ڇا ڪري؟ هو ٻن ٻيڙين ۾ پير وجهي جيڪو سفر ڪري رهيو هو، تنهنجي تڪليف هو ڪنهن سان بيان ڪري؟

شهباز شريف جا ويجها حلقا اهو ٻڌائين ٿا ته پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ مسلم ليگ ن جو جيڪو حشر ٿيو آهي، ان کان پوءِ شهباز شريف پنهنجي واعدي مطابق اصولي طور تي ماٺ آهي ۽ هن جي خاموشي مسلم ليگ ن جي نواز شريف واري ٽيم ۾ وڏو اتساهه به پيدا ڪري رهي آهي پر اها ٽيم پريشان به آهي ته ان نقصان جو ڪهڙو ازالو ڪجي؟ ڇو ته ميان شهباز شريف جي اقتداري لالچ مان صرف اهو فائدو ٿيو آهي ته شهباز شريف جيل ڀيڙو ٿيڻ کان بچيو آهي ۽ ميان نواز شريف کي نئون پاسپورٽ مليو آهي. باقي مسلم ليگ ن جو ٻن مهينن واري اقتدار جو اهو نقصان پيو آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ هن کي ان چونڊ ۾ نظر آئي، جنهن ۾ عمران خان پنجاب ۾ تمام گهڻو مضبوط بنياد رکندڙ پارٽيءَ کي کڻي کڻي اڇلايو آهي ۽ هن جو اهڙو حشر ڪيو آهي جو هوءَ هن مهل پنهنجو منهن پاڻ کي ڏيکارڻ لاءِ به تيار ناهي. عمران خان ميان نواز شريف کي گهر ۾ گهڙي جيڪا سياسي مار ڏني آهي‏، اها تڪليف هو ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندو. ڇو ته ميان نواز شريف کي اها پڪ هئي ته هو ڀلي پوري پاڪستان مان آئوٽ ٿي وڃي پر هن کي ڪا به قوت پنجاب مان ڪڍي نه ٿي سگهي ۽ اهو ڪم جيڪو پرويز مشرف ڏهن سالن ۾ نه ڪري سگهيو، اهو ڪم عمران خان ٻن مهينن ۾ ڪري ويو ۽ هن کي پنهنجي ان هار تي جيڪو افسوس آهي، اهو بيان نه ڪري سگهڻ جو ور وري الڳ هوندو آهي. ميان نواز شريف ۽ هن جي حامين جي حالت هن وقت تمام گهڻي خراب آهي. انهن ۾ جيڪا ڪاوڙ آهي، ان کي ڏسي شهباز شريف ڪا ٻڙڪ ٻاڦڻ لاءِ به تيار ناهي. ڇو ته هي سمورو سياسي نقصان هن کي کاتي ۾ لکيو ويو آهي.

پنجاب ۾ ننڍي چونڊ واري مقابلي ۾ بدترين شڪست کائڻ بعد پي ڊي ايم جي جيڪا گذريل ڏينهن واري گڏجاڻي هئي، ان جي پڌرائي ته روايتي آهي. ان ۾ اهو چيو ويو آهي ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪنديون ۽ پنجاب ۾ حڪومت بچائڻ جي لاءِ سمورا اتحادي گڏ هوندا پر اصل رپورٽ اها آهي ته ان ميٽنگ ۾ ميان نواز شريف جي ٽيم جو منهن لٿل هو. انهن تي نه ته مولانا جي گفتگوءَ جو اثر ٿيو ۽ نه وري آصف زرداريءَ جو آسرو انهن جي ڪنهن ڪم آيو. ڇو ته مسلم ليگ ن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي ۽ اهو نقصان هو شهباز شريف جي کاتي ۾ وجهن ٿا. انهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف آصف زرداريءَ جي ڳالهين ۾ نه اچي ها ته اڄ نواز ليگ جي هٿن مان پنجاب نڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ نه اچن ها. انهن جي خيال مطابق جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو تمام غلط ۽ ڪنهن به صورت ۾ قابل برداشت نه ٿيو آهي. جڏهن ته اتحادي پنهنجي آفيشل ميٽنگ ۾ اهو ڪجهه پڌرائيءَ ۾ شامل ڪري نه ٿا سگهن. ڇو ته هر شيءَ جي پنهنجي روايت هوندي آهي.

پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، ان ۾ جيڪو نقصان پلئه پيو آهي ۽ ان ۾ جيڪا خواري کڻڻي پئي آهي، ان جو ظاهري طور تي ذميوار ته شهباز شريف آهي پر مسلم ليگ ن اهو به سمجهي ٿي ته شهباز شريف کي ان نقصان جي واٽ تي وٺي وڃڻ وارو آصف زرداري آهي. آصف زرداري نه هجي ها ته هوند مسلم ليگ ن جي رڌڻي ۾ رولو به نه پوي ها ۽ ملسم ليگ ن جو اهو حشر به نه ٿئي ها. ان حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي ڪافي پريشاني آهي. هونءَ به اها حقيقت آهي ته فتح جا حامي گهڻا هوندا آهن پر شڪست جو وارث ڪو به نه هوندو آهي. هن ڀيري مسلم ليگ ن کي جيڪا تاريخي مات ملي آهي، ان جو ڏوهه پيپلز پارٽي به مسلم ليگ ن جي مٿان مڙهي رهي آهي. اها به اهو چئي رهي آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن پنهنجي نه هلائي ها ته هن مهل عمران خان پنهنجي فتح جو جشن نه ملهائي ها. پر جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو برو ٿيو ۽ اهو ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ اها ڳالهه ته اصولي طور تي طعه ٿي چڪي آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن پاڻ ۾ گڏ هلي نه ٿيون سگهن. ڇو ته مسلم ليگ ن پيپلز پارٽيءَ جي نامقبوليت جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي تمام گهڻو پڇتايو آهي. ساڳي طرح سان اهو به طعه ٿيو آهي ته هن حڪومت کان جيترو جلد هٿ ڪڍيا ويندا، ايترو درست ٿيندو. پر سوال اهو آهي ته هن مرحلي تي ڪا به ڌر تڪڙ کان ڪم وٺي نه ٿي سگهي. آخر ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون ۽ خاص طور تي اهي پارٽيون جيڪي حڪومت جو حصو هجن، اهي ايتري تڪڙ ڪيئن ٿيون افورڊ ڪري سگهن. جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي وچ ۾ هاڻي اصولي طور تي اهو طئه ٿي چڪو آهي ته انهن ٻنهي جو گڏجي هلڻ ممڪن نه رهيو آهي.

هڪ جوڙو يعني زال ۽ مڙس به الڳ ٿيندا آهن ته انهن جي علحدگيءَ جو هڪ طريقو هوندو آهي. انهن کي وقت گهربل هوندو آهي. انهن کي علحدگيءَ جا شرط طئه ٿيندا آهن. هي ته سياسي معاملو آهي. ان ۾ ايتري جلد بازي ڪنهن به ڌر جي حق ۾ نه هوندي آهي. ان حوالي سان اتحادين کي الڳ ٿيڻ جي لاءِ مناسب وقت ۽ ماحول گهرجي. اهو وقت ڪهڙو هوندو؟ ان جو فيصلو هو پاڻ نه پر انهن کان حالتون ڪرائينديون. اهي حالتون جيڪي هار جي خار مان جنم وٺنديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button