ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مڪاني چونڊن ۾ ماتلي تعلقي جي حيثيت

Editorial-Article- Rashid Leghari

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان هر ضلعو ۽ علائقو پنهنجي منفرد تاريخ ۽ سڃاڻپ رکي ٿو. مون حيدرآباد جي چونڊن تي تفصيل سان لکيو آهي. هنن چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ بدين ضلعو به شامل آهي، جيڪو پوري سنڌ ۽ ملڪ ۾ سياسي بحث جو مرڪز رهيو آهي. مڪاني چونڊن جي حوالي سان بدين ضلعي ۾ به چهچٽو جاري آهي. پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن سان گڏ ٻيون سياسي، مذهبي پارٽيون ۽ آزاد اميدوار پڻ ميدان تي لٿل آهن. جي ڊي اي کي ذوالفقار مرزا، فهينداه مرزا، حسينن مرزا، علي اڪبر نظاناڻي، پير حامد شاهه راشدي، خاور خان نظاماڻي، مير عبدالله ٽالپر ۽ ٻيا سپورٽ ڪري رهيا آهن. بدين ضلعي ۾ وڏو مقابلو جي ڊي اي مطلب فنڪشنل ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ٿيڻو آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن کي اڳوڻو ايم اين اي سردار ڪمال خان چانگ، حاجي رمضان چانڊيو، اڳوڻي سينيٽر ياسيمن شاهه، محمد نواز چانڊيو، تاج محمد ملاح ۽ ٻيا سپورٽ ڪري رهيا آهن. ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين، تعلقن جون ميونسپل ڪميٽيون، يونين ڪائونسل، ٽائون ڪميٽين تي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلر ۾ مقابلو ٿيڻُو آهي.
بدين ضلعي ۾ ماتلي ميونسپل ڪميٽيءَ جي هڪ ڌار تاريخي حيثيت رهي آهي. ورهاڱي کان اڳ به هن تعلقي جي هيڊڪواٽر ۾ بلدياتي نظام موجود هو. جنهن کي ان وقت ميونسپل ڪميٽيءَ جو نالو ڏنو ويو هو، جنهن جا چيئرمين، صدر، سيڪريٽري ۽ ميمبر چونڊجي ايندا هئا. هن ميونسپل ڪميٽيءَ ۾ ڪهڙا چيئرمين، ميمبر ۽ عهديدار رهيا، اها تاريخ به ورجائينداسين پر هتي ماتليءَ جي مڪاني اداري جي چونڊن ۾ باباءِ ثقاقت رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ کي ياد ڪرڻ ضروري آهي. رئيس ڪريم بخش نطاماڻي هن ڪميٽي ۾ صدر ٿي رهيو، جنهن تي هن پنهنجي آتم ڪٿا ڪيئي ڪتاب ۾ تفصيلي لکيو آهي.
ڪريم بخش نظاماڻي اليڪشن ۾ بيهڻ، کٽڻ، هارائڻ، مخالفن کان هٿ کڻائڻ جا وڏا دلچسپ قصا لکيا آهن. 1948ع ڌاري ميونسپالٽي ماتليءَ جو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي به حصو ٿي رهيو. ان کان اڳ ميونسپالٽي ماتليءَ جو مرڪز حيدرآباد هو. قاضي عابد طرفان رئيس جي مقابلي ۾ وري ٻئي اميدوار جي حمايت ڪئي هئي، ان حمايت تي رئيس لکيو آهي ته ڪنهن به عهدي تي من پسند اميدوارن ۽ ميمبرن کي ان ڪري ئي کنيو ويندو آهي يا نالا ڏنا ويندا آهن، جيئن اهي هنن لا رڳو صحيح ڪرڻ طور ڪم اچن، پو هر معاملي تي خاموش ئي رهن، ڪي به سوال سامهون نه آڻين. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي لکيو آهي ته منهنجي لا اليڪشن وڙهڻ لا گهڻيون ڏکيايون پيش آيون. مخالف اميدوار جي هٿ نه کڻڻ تي اسان به زور آزمائي ڪئي سين، جنهن لا سندس هڪ دوست خيرپور ۾ پير پاڳاري وٽ به وٺي ويو، جتي هو رات به رهيا، پير پاڳاري به رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ کي چيو ته اوهان به اسان جا پنهنجا ئي آهيو پر خاص خليفن لا اسان وٽ وڌيڪ اهميت آهي. ان ڪري اميدوار کان هٿ کڻائي نٿا سگهون. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي اتان به سندن حمايت نه ڏسي واپس ٽرين ۾ حيدرآباد پهتو هو. ان وقت پير پاڳاري سان ملاقات کان اڳ هن پنهنجي والد جي دوست جو به دلچسپ قصو لکيو آهي. جنهن دوست رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ کي 10 روپيا خرچي ڏني هئي، جنهن تي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي چيو ته سائين آئون هاڻ وڏو ٿي ويو آهي. اوهان ننڍپڻ ۾ اسان جو گهڻو خيال رکيو، ان ڪري هاڻ مون تي فرض ٿئي ٿو ته آئون اوهان جي خدمت ڪريان، جنهن تي ان دوست چيو ته رئيس اوهان کي وڏو رئيس يا مالدار سمجهي ايتري خرچي نه ڏني آهي. 10 روپيا ان ڪري ڏنا آهن ته اڄ به منهنجي اڳيان اهو ئي ٻالڪپڻ وارو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ويٺو آهي. جنهن تي رئيس اها خرچي قبول ڪئي هئي.

رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جڏهن ميونسپالٽي ماتليءَ جو صدر ٿيو ته ان وقت ميونسپالٽيءَ جي خزاني ۾ 52 روپيا پيا هئا، جنهن لا انتظام هلائڻ ڏاڍا ڏکيا به هئا. پو هن مالياتي ميمبر ۽ ٻين ميمبرن جي گڏجاڻي ڪري مڪاني نظام کي هلائڻ لا بمبئي جي قانون جو سهارو وٺي انتظام هلائڻ شروع ڪيا هئا، جنهن ۾ هن آڪٽرا، ٺيڪن ۽ مال پڙين مان ملندڙ آمدنيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏني هئي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ان وقت سندس پهرين حمايت ڪندڙ وري مخالفت ڪندڙ دوستن جا به زبردست قصا لکيا آهن. ڪميٽيءَ ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي خلاف مخالفت شروع ٿي ته هن پنهنجو ڪيس مضبوط ٺاهيو. هن وقت سندن نگران هڪ انگريز ئي هو، جنهن ڪليڪر سچيڏنو کي جاچ ڪرڻ لا ماتلي موڪليو هو. اليڪشن مهم لا رئيس ڪريم بخش نظاماڻي لکيو آهي ته ماتليءَ جي آس پاس جي ڳوٺن ۽ علائقن تائين ڪي به روڊ رستا ٺاهيل نه هئا. ڌڌڙ ۾ ڌوڙ ٿي ورڪ ڪرڻ جا قصا به بيان ڪيا آهن. ان وقت هن پنهنجي مهانگي گاڏي مٽيءَ ۾ لاهڻ جي ڪٿا به بيان ڪئي آهي. ان ڪري ڏسجي ته ماتليءَ جو مڪاني نظام هڪ صدي جي تاريخ رکي ٿو.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته 1930ع ڌاري ماتلي ميونسپالٽيءَ جو چيئرمين هري سنگهه سک هو. 1946ع ۾ رئيس محمد خان نظاماڻي ماتلي ڪميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ٿيو. هن جي چيئرمين شپ کان اڳ ماتلي شهر ۾ گوشت سري عام مارڪيٽ ۾ وڪرو نه ٿيندو هو. جنهن چيئرمين مقرر ٿيندي ئي گوشت جي وڪرو جي اجازت ڏني. هن ئي مڇي ۽ گوشت جي مارڪيٽ تعمير پڻ ڪرائي. 1947ع ۾ ورهاڱي وقت چندي رام نالي شخص به چيئرمين مقرر ٿيو. پاڪستان ۽ هندوستان جي ورهاڱي وقت لڏپلاڻ دوران ڪميٽي جا اصل ميمبر هندوستان لڏي ويا. ان وقت 1952ع ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ هلائي چوڌري فضل احمد آرائين کي ماتلي ميونسپالٽيءَ جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. بي ڊي نظام جي الڪيشن ۾ حاجي غلام حيدر نظاماڻي چيئرمين ٿيو. 1979ع ۾ محمد موسى نظاماڻي چيئرمين ٿيو، جيڪو رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو سيڪريٽري به رهيو. 1983ع ۾ سيٺ محمود خان چيئرمين بڻيو. جڏهن ته جنرل مشرف جي دور ۾ مڪاني نظام جي وڏي پئماني تي تبديل ڪئي وئي. جنهن جا اثر ماتلي تعلقي تي به پيا.
2001ع ۾ علي اضعر هاليپوٽو تعلقي ناظم ٿي رهيو. ساڳئي وقت ماتليءَ جي يوسيز جا ڌار ڌار ناظم به چونڊجي آيا. 2004ع ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ منصور احمد نظاماڻي تعلقي ناظم چونڊجي آيو. هن نئين تڪبندين جي سلسلي ۾ ساڳي ريت اليڪشن ۽ مقابلا سامهون اچي رهيا آهن.
هن تاريخي تعلقي جي عوام به پنهنجي حيثيت رکي ٿو. ان عوام وٽ وڃڻ کان اڳ ۾ ڪيل ڪمن جو رڪارڊ به اميدوارن وٽ هجڻ ضروري آهي. اتان جي زندگي اڄ به هڪ خوشحاليءَ جو خواب ڏسي ٿي، ماتلي تعلقي ۾ ٽائون ڪميٽي ٽنڊو غلام علي ۽ مختلف يونين ڪائونسل ماڻڪ لغاري، الهه ڏنو سريوال جي روڊن، ڳوٺن ۽ رستن جي حالت خراب ٿي چڪي آهي. اتان جي زندگيءَ جو ويهي نوحو لکجي ته انساني تاريخ شرمائڻ لڳي ويندي. جنهن لا آئون اڳ به لکندو آيو آهيان ته منهنجي علائقي ۾ ديهه کاري نالو ئي ان ڪري پيو آهي ته اتي جو جر ڪڙو آهي. جنهن جر جي ڪڙي پاڻي انساني زندگيءَ کي به ڪڙو ۽ بي ذائقو بڻائي ڇڏيو آهي. ان ديهه جو واسي جهونو ڪامريڊ احمد خان رند به زنده نه رهيو آهي. جيڪو سدائين عوام جا مسئلا کڻي ماتليءَ ۾ ڪامورن جي آفيسن ۾ ويٺو عوام جو آواز بلند ڪندو هو. اڄ هنن علائقن ۾ هر ماڻهوءَ کي احمد خان رند ٿيڻو پوندو، پو عوام به ڏسي وٺندو ته ساڻس ڪهڙو نمائندو يا ڪامورو زيادتي ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button