
پنجاب ۾ 17 جولاءِ تي تحريڪِ انصاف جي منحرف صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي ويهن سيٽن تي ٿيل ضمني چونڊن جي نتيجي ۾ تحريڪِ انصاف 15 سيٽون کٽي نچي ڪُڏي رهي آهي. مسلم ليگ نواز انهن منجهان 4 جڏهن ته هڪڙي سيٽ آزاد اميدوار کٽي ويو آهي. نواز ليگ جي شڪست جا ڪجهه ڪارڻ آهن، جهڙي نموني هر عمل توڙي ردِعمل جا ڪارڻ ضرور هوندا آهن. پر مزي جي ڳالهه اها آهي ته تحريڪِ انصاف ۽ سندس حامي جنهن ڪاميابيءَ کي فتحِ مبين قرار ڏئي رهيا آهن، اها اصل ۾ سندن لاءِ اکيون کولڻ ۽ هوش ۾ اچڻ جو موقعو ۽ سبب هئڻ گھرجي.
پڙهندڙ کي خبر آهي ته جڏهن عثمان بوزدار جي استعيفى کان پوءِ پاڪستان تحريڪِ انصاف مسلم ليگ نواز جي اميدوار ميان حمزه شهباز شريف جي مقابلي ۾ پنهنجي اڳوڻي اتحادي جماعت مسلم ليگ (ق) جي چوڌري پرويز الاهيءَ کي پنجاب جي وڏ وزارت جو اميدوار بڻائي اڳيان آندو هو. تڏهن پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪجهه ميمبرن پنهنجي پارٽيءَ جي اميدوار بدران مسلم ليگ نواز جي اميدوار کي ووٽ ڏئي وڏ وزارت جي ڪرسيءَ تي ويهاريو هو. بعد ۾ عدالت سڳوريءَ انهن ميمبرن کي ان بنياد تي نااهل قرار ڏنو جو انهن پنهنجي پارٽيءَ سان غداري ڪئي هئي. انهن خالي پيل سيٽن تي ضمني چونڊ جو اعلان ٿيو ته مسلم ليگ نواز انهن ساڳين ڀڳوڙن کي ٽڪيٽون ڏئي بيهاريو جنهن جو نتيجو اوهان جي سامهون آهي. اسان جي ملڪ اندر جيتوڻيڪ روايت اها رهي آهي ته حڪمران پارٽي ئي مڪاني ۽ ضمني چونڊون کٽندي رهندي آهي. ايتري تائين جو ڪشمير ۾ به ان پارٽيءَ جي حڪومت ٺهندي آهي جنهن جي حڪومت اسلام آباد ۾ ٺهي چڪي هوندي آهي. پر هن ڀيري روايتن جي ابتڙ نتيجا سامهون آيا آهن. هڪڙو سڀ کان وڏو سبب نواز ليگ پاران پنهنجي پراڻن وفادارن بدران انهن سيٽن تان انهن ڀڳوڙن کي ٽڪيٽ ڏيڻ آهي جيڪي پنهنجي پارٽيءَ سان ويجهڙ ۾ ئي بيوفائي ڪري آيا هئا. ان سان اهو ٿيو ته نواز ليگ جا اهي اميدوار جيڪي ٽڪيٽ ملڻ کان محروم رهيا انهن به پنهنجي پارٽيءَ جي سوڀ لاءِ ڪردار ادا نه ڪيو بلڪه اندران کاٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻئي پاسي وري خود ووٽرن کي به پارٽيءَ جو اهو فيصلو عجيب لڳو، ان ڪري انهن به دلچسپي نه ڏيکاري. ڪنهن حد تائين سنڌ اندر مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي دوران به ان سبب ئي حڪمران پيپلز پارٽيءَ کي شڪست ڏسڻي پئي آهي جو ان جا اميدوار هڪ ٻئي جي سامهون بيهجي ويا يا هڪ ٻئي کي هارائڻ ۾ لڳي ويا هئا. ٻيو سبب عمران خان ۽ سندس ساٿين جو پيدا ڪيل دٻاءُ هو جنهن اليڪشن ڪميشن سميت حڪمران سياسي جماعت ۽ ٻين سگهارن رياستي ادارن کي ان پريشانيءَ ۾ مبتلا رکيو ته اهي سڌا ٿي هلن. ٽيون اهو ته تحريڪِ انصاف جي حڪومت تمام بُري هئي ۽ جڏهن عمران خان کي بي اعتماديءَ جي رٿ آڻي هٽايو ويو هو، تڏهن عوام کي اها خوشي ۽ اميد هئي ته پي ڊي ايم جي نئين آيل حڪومت عوام جي سُورن جو علاج ڪندي پر ان وري ٻن چئن مهينن اندر ئي اڳوڻي حڪومت جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا جنهن ڪري ماڻهو نواز ليگ جي مرڪزي حڪومت کان به جهٽ پٽ مايوس ٿي ويا. جيتوڻيڪ پنجاب جي وڏي وزير ميان حمزه شهباز شريف صوبي ۾ 100 يونٽ بجلي مفت ڏيڻ جي روشن گھراڻا اسڪيم شروع ڪئي ۽ وزيرِ اعظم شهباز شريف تيل جون قيمتون گھٽايون پر بهرحال عوام مٿن ڀروسو نه ڪيو. بجليءَ جا 100 يونٽ ٻارڻ واري جو بل صوبائي حڪومت ادا ڪندي واري اسڪيم به ڏاڍي دلچسپ هئي. ٽرڪ جي بتيءَ پٺيان ڊوڙندڙ اسان جا فيس بڪي مجاهد لڳي ويا پنهنجي ڪم سان. حالانڪه مفت بجلي ڏيڻ جي روايت ڪا نئين ڪانه هئي. نه وري اها ائين هئي جيئن مجاهدن ان کي بيان ٿي ڪيو. پاڙيسري ملڪ هندوستان ۾ عام آدمي پارٽي دهليءَ توڙي پنجاب ۾ حڪومتون جوڙڻ کان پوءِ 200 يونٽ بجلي مفت ڏئي رهي آهي ۽ هاڻي ته ان گجراتين سان به واعدو ڪيو آهي ته رياست ۾ عام آدمي پارٽيءَ جي حڪومت جوڙائڻ لاءِ ووٽ ڏيو ته 300 يونٽ بجلي مفت ڏينداسين. پڙهندڙ کي سمجهڻ گھرجي ته اتي هر گهر کي 200 يونٽ بجلي مفت ڏني پئي وڃي، يعني ان کي به جيڪو 200 يونٽن کان وڌيڪ استعمال ڪري رهيو آهي. امير، غريب جي فرق کان سواءِ اها سهولت ملي پئي. جڏهن ته حمزه صاحب هتي جيڪو اعلان ڪيو سو هو اهڙن گھراڻن لاءِ جيڪي استعمال ئي 100 يا ان کان گهٽ يونٽ ڪري رهيا هوندا. پنجاب حڪومت ان اعلان سان گڏ ئي اهو به ٻڌايو هو ته ان اسڪيم منجهان 90 لک گھراڻن کي فائدو پوندو. حڪومت ساڳي ساهيءَ ۾ اها ڳالهه به ڪئي ته ان 100 ارب روپيا ان اسڪيم لاءِ ٽاري رکيا آهن. هاڻي جيڪڏهن فرض ڪريو بجليءَ جو هڪڙو يونٽ 20 روپيا به هجي ته اهي 90 لک گھراڻا 18 ارب روپين جي بجلي هر مهيني ٻاريندا. جنهن جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته حڪومت وٽ رڳو هڪڙي سال جيتري رقم به موجود ڪانهي. سو، ناراض ٿيڻ يا تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ڪانه هئي. پنجاب جي صوبائي حڪومت پنهنجي ماڻهن کي صوبائي بجيٽ منجهان رليف ڏنو جنهن جي پٺيان نيت يقينن ضمني چونڊون کٽڻ واري هئي. پر جيڪڏهن سنڌ حڪومت وٽ بجيٽ آهي ۽ يقينن آهي ته اها به مڪاني چونڊون کٽڻ لاءِ عوام کي اهڙو رليف ڏئي سگهي ٿي.
بهرحال پنجاب حڪومت پاران عوام کي ڏنل رشوت ڪم نه ڏيکاري سگهي ۽ هاڻي صوبائي اسيمبليءَ ۾ پارٽي پوزيشن ڪجهه هن ريت بڻجي وئي آهي. ڪل سيٽون آهن 371 جن منجهان پاڪستان تحريڪِ انصاف وٽ 178، مسلم ليگ نواز 167، مسلم ليگ (ق) 10، پاڪستان پيپلز پارٽي 7، آزاد 6 ۽ هڪڙي سيٽ پي آر پي ايڇ نالي پارٽيءَ جي آهي. جڏهن ته ٻه سيٽون اڃان خالي پيون آهن ڇاڪاڻ ته ضمني چونڊن کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ انهن سيٽن تان مسلم ليگ نواز جي اميدوارن استعيفائون ڏنيون هيون. ڳالهه پڌري پٽ لڳي پئي آهي ته تحريڪِ انصاف رڳو پنهنجين سيٽن سان به مسلم ليگ نواز کان يارنهن سيٽون اڳتي آهي. جيڪڏهن مسلم ليگ نواز پاڻ سان پيپلز پارٽي ۽ آزاد اميدوارن کي ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، تڏهن به اها رڳو تحريڪِ انصاف جي سيٽن جي برابري حاصل ڪري سگهندي. تحريڪِ انصاف جي اتحادي جماعت مسلم ليگ (ق) جا 10 ميمبر وري به ان کان سواءِ هوندا. هاڻي جيڪڏهن اسان اهو سوچيون ته مسلم ليگ (ق) وڃي نواز ليگ جي اتحادي بڻبي ته اهو رڳو ڪنهن معجزي سان ئي ممڪن آهي. باقي نه ته چوڌري ڀائرن کي 10 سيٽن جي ٽيڪ تي وڏ وزارت پئي ملي اها ڇو ٺڪرائيندا! عدالت سڳوريءَ جي حڪم موجب سڀاڻي شام جو چئين وڳي پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ نئين سر چونڊون ٿيڻيون آهن. جيڪي ظاهري طور تي مسلم ليگ نواز جي حق ۾ بهرحال ڪونهن. ممڪن آهي مسلم ليگ نواز زور لڳائي مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن کي ايوان ۾ پهچڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري. ان سلسلي ۾ دعا ۽ دوا، ٻنهي کان مدد گھري سگهجي ٿي پر اهو به ممڪن آهي ۽ وڌيڪ امڪان به ان جا آهن ته اها جهڙي نموني ضمني چونڊن ۾ پنهنجي شڪست قبولي چڪي آهي اهڙي نموني ئي صوبي جي وڏ وزارت واري چونڊ ۾ به پنهنجي شڪست قبوليندي وڏي دل ڏيکاري مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته موجوده صورتحال ۾ پنجاب اسيمبليءَ اندر حڪومت توڙي مخالف ڌر ۾ ڪو گھڻو سَنڌو ڪونهي. ان ڪري مخالف ڌر به اوتري ئي سگهاري رهندي جيتري حڪومت. سو ممڪن آهي ته هيءَ ملهه تحريڪِ انصاف کي مارڻ جو موقعو ڏئي ايندڙ سال وارين عام چونڊن ۾ پوئين ۽ آخري ملهه مارڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري.
پنجاب جي ضمني چونڊن دوران جيڪي هاڪاري تبديليون نظر آيون آهن انهن منجهان هڪڙي چُونڊ عمل جو پرامن طريقي سان انجام تائين پهچڻ آهي. ٻيو هارائيندڙ ڌُر پاران شڪست تسليم ڪرڻ ۽ کٽيندڙ ڌُر کي مبارڪون ڏيڻ آهي. ٽيون تحريڪِ انصاف جي ئي هڪڙي سربراهه فواد چوڌريءَ پاران مذهب کي سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ سندس پارٽيءَ جي اٽڪلن جي نِندا ڪرڻ آهي. چوٿون عوام پاران پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ ۽ آزاداڻي نموني فيصلو ٻڌائڻ آهي ته جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ڪانهي ته عوام به ان کي رد ڪري سگهي ٿو. آخري ڳالهه اها ته جيتوڻيڪ عمران خان صاحب اڳ به وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو وڏي زور شور سان ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي ته وڌيڪ زور شور سان ڪندو پر ان سموري دٻاءُ باوجود عام چونڊون پنهنجي طئي ٿيل آئيني وقت تي ئي ٿيڻ گھرجن. اول ته وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ نه اليڪشن ڪميشن تيار آهي نه وري ملڪي معيشت. ٻيو اهو ته هن ملڪ ۾ جيڪڏهن چونڊيل وزيرِ اعظم پنهنجو آئيني مدو پورو نه ٿو ڪري سگهي ته گھٽ ۾ گھٽ چونڊيل اسيمبلين کي ته سندن آئيني مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي.