
ھونئن ته سدائين ھر پنجين سال ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ٻارھن سئو کان وڌيڪ سيٽن تي ھڪ ئي ڏينهن ۾ ست ڪروڙ ووٽر پنهنجا ووٽ وجهي فيصلو ڪندا آهن ته ڪھڙي سياسي جماعت کي تخت تي ويهاريندا ۽ ڪھڙين پارٽين جا تختا ڪڍي ڇڏيندا. ظاھري طرح ته انهن عام چونڊن ۾ خدا جي خلق پنهنجن ووٽن ذريعي ملڪ جا حڪمران چونڊيندي آهي پر هر ڀيري خلق جي ووٽن ۾ ڏھه پندرھن سيڪڙو ھيٺ مٿي ڪري ملڪ جا وڏا ماھر انجنيئر پنهنجي سگھاري حيثيت کي ڪم آڻي، اھڙي انجنيئرنگ ڪري ڇڏيندا آهن جو اٺ سندن مرضيءَ واري پاسي ويھڻ بدران پرئين پاسي ويھي رھندو آھي.
ھي انگريزي محاورو سڀني کان پهرين ڇهين آگسٽ 1990 تي پ پ جي ليڊر ۽ ھڪ ڏينھن اڳ وزيراعظم ھائوس (سنڌ ھائوس) مان ڌڪاري ڪڍيل اڳوڻي پي ايم بينظير ڀٽو صاحبه متعارف ڪرايو هو. ان وقت اسٽيبلشمينٽ جي خلاف رومال ۾ ويڙهيل اھڙو بيان به عالمي ميڊيا آڏو اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جھڙن وڏن شهرن ۾ ڏيڻ ڪا ننڍڙي ڳالهه ڪونه ھوندي هئي. اڄڪلھه ته اسٽيبلشمينٽ جا پاليل نواز شريف ۽ عمران خان جھڙا پالتو سياسي اڳواڻ به پنهنجن ئي مالڪن کي ڏؤنرا ٿا ڏيکارين. جيئن ته هنن جو جنم سڀ کان وڏي ۽ طاقت جي سھاري راڄ ڪندڙ پنجاب سان آهي ته ھنن کي ھر ڀيري معافي به مليو وڃي ۽ اقتدار به پليٽ ۾ رکي پيش ڪريو ڇڏين. سنڌ يا بلوچستان مان ھجن ھا ته سندن حشر نواب نؤروز خان ۽ اڪبر خان بگٽي جھڙو يا ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي نياڻي ۽ پٽن جھڙو ٿي وڃي ھا.
سو تاريخي حقيقتن آڌار اسان جي ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جي اصل طاقت جن ڌرين وٽ آهي انھن جي غلط پاليسين خلاف سنڌين، بلوچن، سرائيڪين ۽ پٺاڻن سدائين دانھيو ۽ پڪاريو آهي پر ھنن کي ڪا ڪھل نه آئي. ھي جو 20 اپريل تي ان وقت جي وزيراعظم عمران خان کان سندس اتحادي پارٽين ۽ تحريڪ انصاف جي ٻه ڊزن کان مٿي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي سنڌ ھائوس ۾ گھرائي، سگھاري ڌر کان سگنل ڏياري عمران سرڪار خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آڻي ڇڏيائون ته پنجاب جي سياسي آسمان تي شاندار آجيان سان اڀري آيل ميان نواز شريف جي ڌيءَ ۽ پنهنجي پيءُ جي سياسي وارث مريم نواز سڀني کان دانھن ڪندي پنهنجي چاچا شھباز شريف ۽ سندس ساٿارين کي عرض ڪيو ته، ‘خدا جي واسطي توهان عمران خان پاران ساڍن ٽن سالن ۾ غريب مسڪين ماڻهن مٿان ڪيرايل مھانگائي جي بمن مان پيدا ٿيل ڌپ ۽ ڍونڍ کي پنهنجن ڪلھن تي نه کڻو”
پر ھي جو پاڻ آکاڻين ۾ پڙھندڙا آهيون ته فلاڻي بادشاهه جي پٽ پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ خاطر پي کي قتل ڪري تخت تي قبضو ڪري ورتو سو اھا انساني جبلت ھابيل قابيل کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اقتدار جي بکين مٽن مائٽن، پٽن ۽ ڀائرن جي رڳن ۾ رت سان گڏ ڊوڙي ٿي. شھباز شريف پنجاب جو ٽي دفعا وڏو وزير ٿيو، اربين روپين جي ڪرپشن جا ثبوت به ھن جي خلاف نيب وارن ھٿ ڪيا آهن ۽ باقاعدي پنهنجي پٽ سان گڏ احتساب عدالتن ۾ ھاڻي به حاضريون ڀري ٿو ان تيرھن ڪروڙ آبادي واري پنجاب ۾ رڳو لاھور کي ترقي وٺرائي ۽ سندس اصل ٽارگيٽ سدائين اھو ھوندو ھو ته پنھنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف کي علاج بھاني ملڪ کان ٻاهر اماڻي پاڻ وزير اعظم بڻجي وڃي.
انھيءَ خواھش جي غلام شھباز شريف انڌ جي گھوڙي تي سوار ٿي، سمورن ساٿين ۽ مسلم ليگ نواز جي اڀرندڙ ڪرشماتي شخصيت مريم نواز بدران پنهنجي پٽ کي تحريڪ انصاف جي خريد ڪيل ميمبرن جي ووٽن وسيلي پنجاب جو وڏو وزير بڻائي جيڪو “خانداني بادشاهي” وارو راڄ قائم ڪرڻ جي سازش ڪئي ان مسلم ليگ جي سڀني مکيه اڳواڻن کي چيڙائي وڌو. ڪمال ڏسو ته هيءُ پيءُ ۽ پٽ ٻيئي ڄڻا اربن کربن جي مقدمن ۾ ضمانت تي آزاد ھجڻ باوجود اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ اھڙا ته غرق ٿي ويا جو رڳو نيب جي ڪيسن مان جند ڇڏائڻ ۽ انھن مقدمن جو سرڪاري رڪارڊ غائب ڪرائڻ واري ناجائز ڪم ۾ جنبي ويا. کين اهو به ياد نه رهيو ته خاقان عباسيءَ ۽ نواز شريف جي ٻين ساٿي وزيرن جي مقدمن جا فائيل به گم ڪرايون جيڪي انھي خود غرضي تي ڪاوڙجي پيا. وزيراعظم شهباز شريف کي اھا به ڄاڻ ھئي ته عمران خان جي حڪومت ۾ آئي ايم ايف ۽ ٻين عالمي ادارن سان جيڪي معاھدا ٿيا، انھن جي ڪري خود عمران خان جا ساٿي اسيمبلي ميمبر به ساڻس ناراض ھئا ۽ کيس ٻڌائيندا هئا ته اسان جڏهن به پنھنجي ڳوٺ وڃون ٿا ته مھانگائي ۽ بيروزگاري جا سٽيل ووٽر اسان کي گارگند ڪن ٿا. پر شھباز شريف سامراجي ادارن جو تابعدار نوڪر بڻجي سندن ھر ھڪ حڪم تي عمل ڪري تيل، گيس ۽ بجلي کي ويتر مھانگو ڪندو رهيو. پر پوءِ جڏهن پنجاب جي ويھن سيٽن تان ڌڪاريل صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي خالي ٿيل سيٽن تي رٿيل ضمني چونڊون سر تي اچي ويون ته آئي ايم ايف وارن کي منٿ ميڙ ڪري ھن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ نالي ماتر گهٽتائي جي اجازت ورتي ته جيئن ناراض ووٽر خوش ٿين ۽ موٽ ۾ ضمني چونڊن لاءِ بيٺل سندس مسلم ليگ جي اميدوارن کي ووٽ ڏين.
نيٺ ضمني اليڪشن جي تاريخ 17 جولائي به اچي ويئي ۽ پنجاب جي ماڻهن مسلم ليگ کان گهڻا ووٽ عمران خان جي تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي ڏنا. ويھن سيٽن مان پندرھن سيٽون عمران خان کٽي ويو ۽ وفاق توڙي پنجاب ۾ حڪومت ھوندي به حڪمران مسلم ليگ کي وڏي شڪست ملي.
دنيا جي مھذب ملڪن ۾ جڏهن به ڪا حڪمران پارٽي ضمني اليڪشن ۾ ھڪڙي به سيٽ ھارائيندي آهي ته واسطيدار ملڪ جو وزيراعظم بروقت پنهنجي ھار مڃي عھدي تان استعيفا ڏيئي ڇڏيندو آهي. اسان وٽ نه اھڙي ڪا اعليٰ روايت آهي ۽ نه ئي ججن ۾ جرئت.
ساڳي ريت سياسي جماعتن جا اڳواڻ به ٿرڊ ريٽ ٽائيپ بي اصول ۽ موقعي پرست آهن. عمران خان کي ئي ڏسو اقتدار مان ٿڏجڻ واري ڏينهن کان وٺي اسٽيبلشمينٽ خلاف جيڪا بغاوت ڪيائين تنھن ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت کان وٺي بينظير ڀٽو جي شھادت تائين گراس روٽ سطح تي پنجاب ۾ سگھارين ڌرين خلاف عوامي جذبن جو جيڪو اڀار ۽ اظهار ڏٺوسين اھو عمران خان ٻيھر پيدا ڪري ڇڏيو. شھباز شريف اقتدار جي لالچ ۾ مريم نواز واري ٻولي ڳالهائي وقتي طور سوڀارو ٿي ويو آهي. پر ضمني چونڊن ۾ پنجھتر سيڪڙو سيٽون کٽڻ کان پوءِ ھن پنھنجن ساٿين کي حڪم ڏنو آهي ته اڄ کان اسٽيبلشمينٽ خلاف ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍجو. ھي موقعي پرستي ناھي ته ٻيو ڇا آهي؟ ھا چيف اليڪشن ڪمشنر
سڪندر سلطان جي خلاف ھو ۽ سندس شيخ رشيد توڙي فواد چوڌري جھڙا ڀؤنپو باھه ڀڙڪائيندا رھندا ته جيئن ھو به ڊپ وچان عمران خان جي خلاف فارين فنڊنگ ڪيس ۾ ايندڙ ٻن ھفتن اندر جيڪو فيصلو ڏيڻ وارو آهي، ان کي روڪي سگهجي. پر عمران خان سڪندر سلطان جھڙي ارڏي ۽ باضمير آفيسر کي سڃاڻي ئي نه ٿو ته ماضيءَ ۾ ھن ڪيترا ڀيرا اصولن خاطر پنهنجي نوڪريءَ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو هو.
اھا ڳالهھ ذھن ۾ رکڻ گهرجي ته پي ڊي ايم جي ليڊرشپ بيشڪ اھا ھام ھڻندي رهي ته اسان پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪنداسين. ڇو ته اھو فيصلو ڪرڻ نه عمران خان جي وس ۾ آهي ۽ نه ئي شھباز شريف، آصف زرداري يا مولانا فضل الرحمان جي مرضيءَ مطابق ايئن ڪرڻ ممڪن آهي. جيڪو گڙٻڙ گھوٽالو واڳ ڌڻين جي پنهنجي گھر ۾ پيدا ٿي چڪو آهي انهي کي ڏسندي آئون اھا دعويٰ ڪري سگهان ٿو ته وڌندڙ غير يقيني سياسي صورتحال، ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپين جي لاٿ، معاشي ۽ اقتصادي پروگرامن جي مڪمل ناڪامي، معيشت جي بدحالي ۽ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ پلس مھانگائي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته مخلص ۽ محب وطن قيادت جي اڻاٺ اسان جي ملڪ جو سري لنڪا وانگر ڏيوالو ڪڍي سگهي ٿي. عمران خان جو ڪراچيءَ کي خودمختياري ڏيڻ وارو سلوگن سنڌ جي وجود لاءِ زھر قاتل آهي. ھي نعرو به زرداريءَ جي ناڪام سياست جو نتيجو آهي. ڇاڪاڻ ته هن سان ايم ڪيو ايم وارن ساٿ ڏنو ته ٻٽو نظام لاڳو ڪري کين سنڌ جا سڀيئي وڏا شھر ڏيئي ڇڏيائين پر جڏهن ھنن ساٿ ڇڏيو ته ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ميئر کي اختيار ڏيڻ بدران مرتضيٰ وھاب نالي ھڪڙي ناتجربيڪار کي سنڌ جي گاديءَ واري شھر جي ڪنجي ڏيئي ڇڏيائين.