نڪسل باڙي تحريڪ متعلق مختلف زاوين سان گھڻو ڪجھه لکيو ويو آهي. ڏٺو وڃِي ته اها ڀارت جي وڏن سرمائيدارن، بورجوازي ۽ گھڻ قومي ڪمپنين جي مقامي ماڻهن ۽ خاص طور جهنگل ۾ رهندڙ ماڻهن، جن کي آديواسي چيو وڃي ٿو خلاف جنگ، انهن کي پنهنجن گھرن مان تڙڻ ۽ انهن جي وسيلن تي قبضي خلاف مزاحمت آهي. ان تحريڪ ۾ ڪميونسٽ پارٽي (مائوسٽ) جو اهم ڪردار رهيو آهي. پارٽي کي علائقي جي ماڻهن جي وڏي حمايت حاصل آهي. ان حوالي سان تازو منهنجي مطالعي ۾ ليکڪا نندني سندر جو ڪتاب The Burning Forest – India’s war against the Maoists رهيو. ليکڪا چتيش ڳڙهه جي ڏکڻ ۾ بستر جي 39114 چورس ڪلوميٽر جي بسٽر ضلعي جي صورتحال جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو مزاحمت ۽ ماڻهن جي درد ۽ تڪليفن ۾ ورهايل آهي. اهو علائقو ڄڻ ته ڀارت سرڪار جي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مائوسٽ) جي خلاف جنگ جو مرڪز رهيو آهي. هڪ پاسي سرڪار جا هيلي ڪاپٽر، فوجي سازوسامان، خاردار تارن وارا ڪئمپ، سڙڪون ۽ کاڻيون آهن جيڪي جهنگل ۾ پري تائين هليا وڃن ٿا ته ٻئي پاسي ڪميونسٽ پارٽي جي جناٿن سرڪار يا عوامي حڪومت جون مبهم سرحدون ۽ اطلاعن جا پراسرار ذريعا آهن.ِ سندن حڪومت ڄڻ عوام جي دلين تي آهي.
هتان جي ماڻهن جي پنهنجي علائقي سان هڪ جذباتي وابستگي آهي. هتي ڪنهن ڌارئين جي مداخلت سندن لا برداشت جوڳي نه هوندي آهي. انگريزن، جن هن علائقي جي وسيلن جي استحصال لا خاص قانون ٺاهيا هئا، جي اهڙن قدمن جي پڻ مزاحمت ڪئي ويئي هئي. آزادي کانپو به اهڙن قانونن کي برقرار رکيو ويو. هن علائقي ۾ جيتوڻيڪ آديواسين جي گھڻائي آهي پر اختيار ۽ اقتدار ٻين علائقن مان آيل ماڻهن کي حاصل آهي جيڪي هتان جي واپار ۽ ٻين وسيلن تي قابض آهن ۽ علائقي متعلق فيصلن ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. انهن ماڻهن کي اهم جاين جهڙوڪ روڊ رستن جي ڪنارن سان آباد ڪيو ويو آهي ته جيئن کاڻين ۽ ٻين تنصيبات تائين پهچڻ ۾ گھڻي رنڊڪ پيدا نه ٿئي. نوآبادياتي حڪمرانن جو اهو وطيرو رهيو آهي ته مقامي ماڻهن کي گھٽ، نااهل ۽ ايستائين ته انسان کان به گھٽ درجي جو ثابت ڪيو وڃي ته جيئن کين پنهنجي استحصال ۽ ڦرمار جو جواز ملي سگھي. بلڪل اهڙي ريت جھنگل جي انهن ماڻهن کي سرڪار پاران جانور جي طور پيش ڪيو ويو آهي. ڀارت جي سياحت جي اشتهارن وغيره ۾ هتان جي هڪ ننڍي ڇوڪري کي جھڪي جانورن جيان وات سان تلا مان پاڻي پيئندي ڏيکاريو ويندو هو. مختلف تنظيمن جي احتجاج کانپو ان اشتهار کي واپس ورتو ويو.
ليکڪا جو چوڻ آهي ته اهو ڪتاب هن مائوسٽن جي حمايت ۾ نه پر ڀارت جي جمهوريت جي ڪمزورين ۽ ان جي پنهنجن ماڻهن سان روين متعلق لکيو آهي. هڪ پاسي اهو سندس پنهنجو ڪٿارسس به آهي جيڪا هڪ بيوسي جي ڪيفيت ۾ ماڻهن جي ڪوس ۽ مٿن ٿيندڙ ظلم کي ڏسي رهي هجي. ٻئي پاسي اهو انهن عام آديواسين لا لکيو ويو آهي جن کان هو واقف آهي ۽ جن منجھيل صورتحال ۽ رڪاوٽن ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا آهن ۽ انهن مان گھڻن سندس تصور کان وڌيڪ بهادري وارا ڪم ڪيا آهن.
هن وقت هن علائقي جي ماحول ۽ هتان جي ماڻهن جو جياپو ڄڻ دا تي لڳل آهي. هتان جا معدني ذخيرا ۽ دريا ملڪي ۽ پرڏيهي سرمايا داران لا وڏي ڇڪ جو باعث آهن. حڪومت پاران ٽاٽا، ايسڪس ۽ ٻين گھڻ قومي ڪمپنين کي مختلف پروجيڪٽ ڏنا ويا آهن جن جي نتيجي ۾ جهنگل کي صاف ڪرڻ سان گڏ هتان جي ماڻهن کي وڏي پئماني تي بي گهر ڪري لڏايو پيو وڃي. ان جي خلاف ملڪ جي انساني حقن سان لاڳاپيل تنظيمن ۽ فردن آواز اٿاريو آهي ۽ نڪسل به انهن جو هڪ حصو آهي.
1980 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ مائوسٽن بسٽر کي پنهنجو مرڪز ٺاهيو. شروع ۾ انهن ماڻهن کي سرڪاري آفيسرن جي زيادتين کي منهن ڏيڻ لا تيار ڪيو. حڪومت سان سالن تائين سندن خودرو قسم جون جھڙپون هلنديون آيون. حڪومت پاران ان کي هڪ امن امان جو مسئلو سمجھيو ٿي ويو جيڪا مائوسٽن يا ڪميونسٽ پارٽي لا هڪ انقلابي تحريڪ هئي. نيٺ 2005 ۾ حڪومت پاران علائقي تي پنهنجي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لا ان تحريڪ کي سختي سان ڪچلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڏٺو وڃي ته مختلف ملڪن ۾ عوامي تحريڪن ۽ بغاوتن جون پنهنجيون مقامي خاصيتون به هونديون آهن جڏهين ته حڪومتن پاران انهن بغاوتن ۽ تحريڪن کي منهن ڏيڻ لا پو ڀلي اهو سري لنڪا هجي، لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا جو ڪو ملڪ هجي، هڪ جهڙا طريقا ئي استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ اهي ئي تربيت جي مختلف ادارن ۾ رياست جي ڪارندن کي سيکاريا وڃن ٿا.
حڪومت مقامي ماڻهن ۽ باغين خلاف پوليس ۽ فوج جي استعمال ڪرڻ سان گڏ بسٽر جي جهنگل ۾ هيلي ڪاپٽرن جو استعمال به ڪيو. ان ۾ حڪومت پاران ميزو ۽ ناگا فورس جو به استعمال ڪيو ويو. اها واقعي هڪ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ناگا جن هڪ ڊگھي عرصي تائين ڀارتي فوج سان ويڙهه ڪئي ۽ ان جا ظلم سٺا اهي پاڻ کي ڀارتي محب وطن قرار ڏين ٿا ۽ ڀارتي فوج جو حصو بڻجي ڪم ڪن ٿا. اهي ساڳي وقت ٻين ماڻهن تي ظلم ڪرڻ ۾ نه رڳو ڪا هٻڪ محسوس نه ٿا ڪن پر هڪ لحاظ کان اڳي کان اڳرا آهن. هتي بسٽر ۾ انهن ماڻهن کي مارڻ ۽ آديواسي عورتن سان زوري زنا ڪرڻ ۾ حد ڪري ڇڏي. هتي نون ڄاول ٻارن ۾ ناگا ۽ آديواسين جون گڏيل خاصيتون نظر آيون. هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن هتي اچڻ سان ڪتن ۽ سورن جو تعداد گھٽجي ويو. اهي ڪتو سو روپين ۾ وٺندا هئا جڏهين ته آديواسي عورت جا هزار روپيا ڏيندا هئا.
رياستي ادارن جي طاقت کي استعمال ڪرڻ سان گڏ حڪومت پاران پنهنجن حامين کي مائوسٽن خلاف تحرڪ ۾ آڻي اهو تاثر ڏنو ويو ته اهو ماڻهن جو ڪميونسٽن جي زيادتين خلاف پنهنجو ۽ خود رو ردعمل آهي. 2009 ۾ ان کي باقاعدي طور سرڪاري سرپرستي ڏيئي هڪ پوليس فورس جي صورت ۾ ان کي هٿيار ۽ ٻيا سازوسامان مهيا ڪيا ويا. ان کي مقامي ٻولي ۾ سلوا جدوم جو نالو ڏنو ويو مطلب ته اهڙي تحريڪ جيڪا علائقي کي باغين کان صاف ڪندي. ان سان گڏوگڏ خاص پوليس فورس قائم ڪئي ويئي جنهن ۾ اهڙا ماڻهو شامل هئا جيڪي نڪسل کان ڌار ٿي آيا هئا ۽ اهي باغين خلاف جاسوس طور استعمال ٿيندا هئا. انهن جي پوليس فورس وانگر ڪا مستقل حيثيت نه هئي ۽ نه ئي انهن جي گھڻي پگھار هوندي هئي. حڪومت جيڏي مهل چاهي انهن کي فارغ ڪري ڇڏيندي هئي. ان ۾ گھڻا اهڙا به هوندا هئا جيڪي رڳو روزگار خاطر انهن ۾ شامل ٿيندا هئا. ساڳي ريت اهي مائو باغين جي نشاني تي به هوندا هئا.
(هلندڙ)