هڪڙي طرف صورتحال اها آهي ته عالمي سطح تي وڌندڙ اقتصادي بحران کي نظر ۾ رکندي عالمي ميڊيا خبردار ڪيو آهي ته وڌيڪ چار ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ وڃن پيا. سريلنڪا کان پوءِ ڊفالٽ ڏانهن وڌندڙ چئن ملڪن ۾ گهانا، ايلسلواڊور، تيونس ۽ پاڪستان شامل آهن. ان جي باوجود اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جي سرگرمين کي ڏٺو وڃي ته انهن کي ڪنهن به قسم جي ڳڻتي نظر نٿي اچي. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان وٽ فقط ڇهن هفتن جا ريزرو بچيا آهن. جڏهن ته پاڪستان جي خزاني واري وفاقي وزير عوام کي ڏڍ ڏنو آهي ته آگسٽ جي پوئين هفتي ۾ آءِ ايم ايف جي پهرين قسط پاڪستان کي ملي ويندي. پاڪستان کي کائڻ لاءِ گيهه، داليون، ڪڻڪ، کير، پيٽرول ۽ گئس ڊالرن عيوض مارڪيٽ مان خريد ڪرڻو پوي ٿو. ڊفالٽ واري صورتحال سامهون اچڻ کان پوءِ ڄاڻايل سامان مهيا ڪندڙ ڪمپنين ۽ ملڪن اڃان جواب ته ڪونه ڏنو آهي، پر پنهنجو هٿ سوڙو ڪري ڇڏيو آهي.
هوڏانهن ڀلي کڻي غربت جي اها صورتحال هجي، جو ملڪ ڊفالٽ ڏانهن ويندڙ هجي، پر انهيءَ مند ۾ به ملڪ ۾ هڪڙي ايم پي اي جي هارس ٽريڊنگ جو اگهه پنجاهه ڪروڙ رپين تائين پهتو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هنن سٽن جي لکجڻ تائين پنجاب اسيمبليءَ جي اجلاس ٿيڻ تائين اهو اگهه اڃان به وڌي ارب رپين تائين پهچي وڃي.
توانائي بحران:
ملڪ توانائي بحران جي ڏکي صورتحال مان گذري رهيو آهي. ان جي باوجود بجلي ۽ گئس جي چوري روڪڻ ۽ ليڪيج تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ نه رهيو آهي. هن وقت توانائي بحران وڌي وڃڻ سبب ملڪ جون مارڪيٽون 9 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ته ڏنو ويو آهي، پر توانائي ماهرن حڪومت کي انرجي راشننگ جي صلاح ڏني آهي. جنهن ۾ هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن ٽريفڪ مڪمل بند ڪرڻ، گئس جي ليڪيج واري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ وڌائڻ ۽ مارڪيٽون ساڍا ستين وڳي بند ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. جيتوڻيڪ برساتن پوڻ جي نتيجي ۾ هائڊرو بجلي جي بحالي ۾ واڌارو آيو آهي. پر نيلم جهلم ۾ فني خرابي جي نتيجي ۾ 9 سئو ميگاوٽ بجلي ٺهڻ بند ٿي وئي آهي. هن وقت به ملڪ ۾ ست هزار ميگاوٽ بجلي جي کوٽ موجود آهي. وزير اعظم لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ واري ڪيل اعلان جي باوجود بجلي ڏهن کان 12 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ هلندڙ آهي.
پيٽرول جي صورتحال:
ڪورونا کان پوءِ روس ۽ يوڪرين جي جنگ کان پوءِ عالمي سطح تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ اگهه وڏو بحران پيدا ڪري ورتو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن جي سعودي عرب جي دوري جي باوجود اوپيڪ گهربل ڪوٽا کان وڌيڪ پيٽرول مارڪيٽ ۾ آڻڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. پيٽرول جي اگهن جي صورتحال ڏٺي وڃي ته 2019ع ۾ ڪورونا جي اچڻ کان پوءِ في بيرل جو اگهه 68 ڊالر هو، جيڪو 2020ع ۾ وڌيڪ گهٽجي 14 ڊالر في بيرل تي پهتو. پر 2020ع جي آخر ۾ هڪ لمحي ته اهو اگهه وڌيڪ گهٽجي ڪاٽو 37 ڊالر في بيرل تي پهتو. ان جو ٻيو مطلب اهو هو ته پيٽرول جو کاپو بند ٿي چڪو هو، ڀريل جهازن کي بنا پئسا وٺڻ جي تيل ڏئي اچڻ جو چيو ويو. جيڪو تيل ڪمپنين کي گهران 37 ڊالر في بيرل تي ادا ڪري پيٽرول پهچائڻو پيو. ڇو ته اهي ڀريل جهازن کي سمنڊ ۾ هاري نٿي سگهيا. جڏهن ته هن وقت 103 ڊالر في بيرل تي پيٽرول جو اگهه پهتو آهي. ان کان اڳ ۾ 135 في بيرل تي پهتل هجڻ سبب پاڪستان ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آندي وئي هئي. موجوده صورتحال ۾ ماهرن جو اندازو آهي ته آءِ ايم ايف 50 رپيا ليٽر تي ليوي لڳائڻ، 30 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ ۽ پيٽرول في بيرل اگهه وڌڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 80 رپيا في ليٽر پيٽرول جو اگهه ويجهڙائي ۾ وڌڻ جو امڪان آهي. ڊالرن عيوض پيٽرول ۽ گئس ٻاهران گهرايو وڃي ٿو. جڏهن ته تيل ۽ گئس مهيا ڪندڙ ڪمپنين کي پاڪستان جي ريزرو ۾ پئسا نه هجڻ جي صورت ۾ ڪنهن به صورت ۾ سپلاءِ بند ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. جڏهن ته گئس جي وفاقي وزير ايندڙ سياري جي مند ۾ گئس جي پائيپ لائين واري سپلاءِ بند ٿي وڃڻ جو الرٽ جاري ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو توانائي ماهرن حڪومت کي اڳواٽ انرجي راشننگ ڪرڻ لاءِ خبردار ڪيو آهي.
مهانگائي ۽ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي:
اقتصادي حوالي سان عالمي سطح تي وڌيندڙ بحران جي باوجود ميان شهباز شريف جي اتحادي حڪومت جي مالي مئنيجمينٽ ٻڙي آهي. ڏٺو وڃي ته حيرت ٿئي ٿي. هن وقت ڊالر جي مقابلي ۾ روپيو 226 رپيا کان به وڌي چڪو آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لاڳيتو ٻاڙائي ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسٽيٽ بينڪ ٻين بينڪن کي سڏائي ڊالر مارڪيٽ ۾ ڇڏڻ وارو قدم کڻي سگهي ٿي. موجوده حڪومت کي سئو ڏينهن جو مدو ٿي چڪو آهي، پر انهيءَ عرصي تائين اسٽيٽ بينڪ جو گورنر مقرر نه ٿي سگهيو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي بورڊ جا ڪجهه ميمبر هن هفتي رٽائرڊ ٿي رهيا آهن. پر حڪومت جو ان اهم شعبي ڏانهن ڪو ڌيان نه آهي. هن وقت عالمي سطح تي 2008ع کان پوءِ 2022ع واري مالي بحران کان پوءِ مارڪيٽ جي ٻاڙائي ۽ وڌندڙ مهانگائيءَ کان پوءِ دنيا جون بئنڪون پنهنجو ڪاروبار بچائڻ لاءِ سخت پريشان آهن. آمريڪي ۽ يورپي بينڪون، روزاني اجلاسن ۾ مصروف آهن. ڪيتريون بئنڪون ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ ۾ ضم ٿي پنهنجو پاڻ بچائي رهيون آهن.
کاڌي ۽ خوراڪ جو بحران:
بظاهر ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ کان پوءِ عالمي سطح تي کاڌ خوراڪ جي بحران ڪر کڻي اٿيو آهي. آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ کاڌ خوراڪ جي سامان تيزيءَ سان مهانگو ٿيڻ لڳو آهي. روس ۽ يوڪرين دنيا ۾ 30 سيڪڙو کاڌو ۽ خوراڪ مهيا ڪندڙ ملڪ آهن. ان کان سواءِ ڪورونا جي عالمي لهر کان پوءِ نئين انداز ۾ سپلاءِ لائين جڙي ئي نه سگهي هئي ته مٿان روس ۽ يوڪرين واري جنگ لڳي وئي. آمريڪا جو چين جي خلاف ڏينهون ڏينهن ارهه زورائي واري پاليسيءَ نئين سرد جنگ وارو ماحول جوڙي ڇڏيو آهي. اهڙي جنگي ماحول عالمي سيڙپ ڪاري ۽ مارڪيٽ ايڪاناميءَ تي وڏا ناڪاري اثر ڇڏيا آهن. جنهن سبب وڏا شاهوڪار ملڪ به ان جي وڪڙ ۾ اچي ويا آهن. جڏهن ته پاڪستان جهڙو وڏي آبادي وارو ملڪ، جيڪو مينوفيڪچرنگ جي حوالي سان ڪا وڏي ايڪسپورٽ به نه ڪندڙ آهي. مٿان زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود چار ارب ڊالرن جو کاڄرو تيل ساليانو ٻاهران گهرائڻ، ڪڻڪ، داليون ۽ دٻي وارو کير به ٻاهرن گهرائڻ جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ مٽا سٽا لاءِ ڊالرن جي ضرورت آهي.
اسان جي سارڪ جي ميمبر ملڪ سريلنڪا ۾ ڊفالٽ ٿيڻ جي سئو ڏينهن کان پوءِ سياسي بحران ته عروج تي پهتل آهي. صدر ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو آهي. ۽ ملڪ جي نئين انچارج صدر حلف کڻي ورتو آهي. پر ملڪ جي صورتحال ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه آئي آهي. تيل ملڻ بند ٿي ويو آهي، اها پراڻي ڳالهه ٿي وئي آهي. ان جي موٽ ۾ سريلنڪا جي شهرين ڪارن موٽرن ۾ سفر ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. تيزيءَ سان سائيڪل جي اگهه ۾ واڌ آئي آهي. بي بي سيءَ جي رپورٽ موجب پاڙيسري ملڪ چين مان آيل سائيڪلون في سائيڪل ستر، اسي هزار ۾ وڪامي رهي آهي. پر سڀ کان اهم معاملو، اٽو، چانور، کاڄرو تيل ۽ ڀاڄيون آهن. جن جو اگهه آسمان تي پهتل آهي. اهڙي صورتحال ۾ پنج سئو رپيا ليٽر پيٽرول راشننگ سان وڪامي ٿو. کاڌي لاءِ آنو 45 رپيا ۽ آلو پوڻا ٽي سئو رپيا ڪلو، دال سوا ڇهه سئو رپيا ڪلو ۽ چانور چار سئو رپيا ڪلو ۽ مرغي ساڍا 12 سئو رپيا في ڪلو وڪامي رهي آهي.