ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي مستقبل جو سوال

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

سنڌ جي مستقبل جو سوال ڪيتري اهميت جو حامل آهي انهيءَ تي ڪو هڪ به ماڻهو ٻه راءِ نٿو رکي سگھي هر ماڻهو مستقبل جي حوالي سان پر اميد ۽ فڪرمند هوندو آهي اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو به فرد مستقبل کي ڪا به اهميت نه ڏئي پر قومي مستقبل جي حوالي سان هڪ گروھه مجموعي طور تي قوم جي مستقبل تي سوچڻ جي بجاءِ صرف ۽ صرف پنهنجي ذات ۽ پنهنجي خاندان جي متعلق سوچيندو آهي خاص ڪري هن خطي جي اندر انگريز غلامي جي دور کان پوءِ اهو رويو ۽ رجحان هتان جي اشرافيا ڪلاس جنهن ۾ دولت مندن، جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ ڪامورن جي هڪ وڏي اڪثريت ان رويي جي شڪار آهي نه رڳو شڪار آهي پر انهيءَ تي پوري طرح سان عمل پيرا آهي ته هو پنهنجي دولت ۽ سرمايو دنيا جي ترقي يافته ملڪن ڏانهن منتقل ڪري پنهنجي خاندان جي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ان طرف پوري طرح سان عمل ڪندي نظر ايندا، انهيءَ جي شروعات آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪجھه عرصي کان پوءِ ٿي چڪي هئي پر جيئن جيئن سياسي غيريقيني سماجي ابتري وڌندي رهي ته انهن پنهنجو مستقل ٺڪاڻو انهن ترقي يافته ملڪن ۾ ئي بهتر سمجھي عمل ڪرڻ شروع ڪيو آهي هن وقت هن ملڪ ۾ ته تمام وڏي پيماني تي ٻاهرين دنيا جي اندر سيٽل ٿيلن ۽ سيٽل ٿيڻ جو هڪ وڏو تعداد نظر ايندو پر هاڻي خاص ڪري سنڌ جي اندر اهو عمل وڌيڪ تيزي سان نظر اچي پيو، پاڻ جيڪڏهن اهي انگ اکر پوري طرح سان گڏ ڪندي اڳيان آڻيون ته حيران ڪن نتيجا نظر ايندا، انهيءَ جو ٿورڙو مثال اسان کي تڏهن نظر آيو، جڏهن ٻٽي شهريت جي حوالي سان قومي ۽ صوبائي اسميبلين جي اهليت تي بحث ٿيڻ شروع ٿيو هو ۽ سياسي مخالفت ۾ ان طبقي هڪ ٻئي جي خلاف اهڙا ثبوت عدالتن ۾ پيش ڪيا 70 کان 80 سيڪڙو خاندانن جي سيٽلمينٽ آمريڪا يورپ ۽ مڊل ايسٽ جي ملڪن ۾ ٿيل آهي سياست جي مفادن جي خاطر ڪجھه فرد پنهنجي ٻٽي شهريت ختم ڪرائي چڪا آهن پر انهن جا خاندان هن وقت به ٻٽي شهريت ۽ ٻاهرين دنيا ۾ سيٽل آهن.
هن ملڪ جي قانون ۾ جيڪڏهن اهو شرط لاڳو ٿئي ته اسيمبلي ميمبرن جي پوري خاندان تي ٻٽي شهريت جو شرط لاڳو ٿئي ٿو ته شايد صوبائي ۽ قومي اسميبلين کان سينٽ تائين ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ فرد بچندي نظر ايندو. چوڻ جو مطلب صرف هي آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي خاندانن جو مستقبل دولت جي طاقت سان ٻاهرين ملڪن جي اندر سيٽل ڪن ٿا ڇا انهن کي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي عوام سان ڪو لڳاءُ ٿي سگھي ٿو؟ قوم پرستي ۽ حب الوطني جو پهريون تعلق فرد ۽ خاندان جي جڙن سان آهي ته انهن جون جڙون ڪهڙي سماج ۽ وطن ۾ کتل آهن، پوءِ مستقبل جو واڌارو به ان ئي بنيادن تي ٿيندو، اهو فطرت جو لازم ۽ اٽل قانون آهي پاڪستان جي اندر جيڪي به صوبا ۽ قومون شامل آهن، انهن سڀني کان وڌيڪ سنڌ انتهائي پيچيدا ۽ ڏکين تضادن مان گذري پئي، سنڌ جو مستقبل ڪهڙو هوندو انهيءَ جو اندازو لڳائڻ تڏهن آسان ٿي پوندو جڏهن اسان حال کي اڳيان رکنداسي.
سنڌ جي عوام جو اهو به هڪ وڏو تاريخي الميو آهي جو هو پنهنجي حال جي ڪمزورين ۽ پيچيدگي يا تضادن ۽ مسئلن تي سوچيندي يا دانهون ڪندي يا روئندي گھڻي ڀاڱي اسان پنهنجي ماضي جي طرف يعني تاريخ ۾ ڇڪجي وڃون ٿا ڇو ته حال کان ماضي وڌيڪ بهتر نظر ٿو اچي، دنيا جي ترقي جو بنياد انهن جي حال ۽ مستقبل جي پلاننگ تي بيٺل هوندو آهي انهيءَ جي ڪري دنيا جون ترقي يافته قومون ماضي کان وڌيڪ حال تي ڳالهائيندي مستقبل جو بحث ڪنديون، هو ڪڏهن به ماضي جي گھراين ۾ وڃي ڪري پنهنجو پاڻ کي نفيساتي سڪون ناهن ڏينديون. اسان عام طور تي هلڪي ڦلڪي انداز ۾ مستقبل جي فائدن ، نقصانن تي ڳالهائيندا آهيون پر عملي طور تي اسان جي فڪرمندي اها هوندي آهي ته اسان پنهنجي ماضي جي روايتن کي حال جي خوفناڪين کان بچائي سگھون ٿا يا نه اهوئي سبب آهي جو اسان اڪثر پنهنجو پاڻ کي ماضي پرست قوم چوندا آهيون. انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ ڪهڙو آهي جو اسان پنهنجي مستقبل جي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ فڪرمند ٿيڻ جي لاءِ تيار ناهيون هوندا، جيستائين اسان ان بنيادي سوال تي نه سوچينداسين، ان وقت تائين اسان پنهنجي انهيءَ ڪمزوري کي نه ختم ڪري سگھون ٿا ۽ نه وري پنهنجي سوچن ۽ فڪرن ۾ ڪا بهتري آڻي سگھون ٿا.
قومن جي تهذيبن ۽ فڪري بنيادن ۾ اهم ڪردار رياست ادا ڪندي آهي. رياست جي ڪردار کان پوءِ ٻيو ڪردار حڪومتن جو ٿئي ٿو ۽ حڪومتن جي ڪردار ۾ وڏو اثر سياسي جماعتن ۽ انهن جي قيادتن جو هوندو آهي. پاڪستان هڪ اهڙي منجھيل مفروضن ۽ خوش فهمين ۾ مبتلا نفسيات جي شڪار رياست آهي، جنهن مني صدي گذارڻ تائين پنهنجو تهذيبي ۽ سياسي تعين ناهي ڪيو ته هو ڪيئن آهي ۽ هن کي ڪهڙي بنيادن تي مستحڪم ٿي اڳتي وڌڻو آهي. هن رياست جو الميو رڳو اهو ناهي ته ان تي مذهب جي ڇاپ گھري آهي ۽ مختلف مذهبي فرقه هن تي حملا آور ٿيندي پنهنجي گرفت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ کيس ڪمزور ڪندا ٿا رهن پر انهيءَ کان وڌيڪ حقيقت اهائي آهي ته رياست تي قابض ٽولن پنهنجو مستقبل يعني پنهنجي خاندانن جو مستقبل به هن رياست سان وابسته به ناهي ڪيو تنهن ڪري جيڪو به ڪجھه ٿئي ٿو، انهيءَ سان قابض قوت کي ڪا به ڳڻتي ۽ فڪر ناهي جنهن سبب رياست جو مرڪزي نيوڪلس ڪڏهن به مضبوط ٿي نه سگھيو آهي (مرڪزي نيوڪلس جو مقصد نظرياتي بنياد آهي، انهيءَ کي انتظامي يا رٽ جي نقطي نگاھه کان نه وٺڻ گھرجي) بلڪل اهڙي طرح هر حڪومت تي قابض ٽولن پنهنجو وقت به ائين ئي گذاريو آهي ۽ اها ڏکي صورتحال سنڌ ۾ وڌيڪ ان ڪري پيدا ٿي آهي جو هتي هڪ طرف انتظامي بي راهھ روي، حڪومتي رٽ جو ڪنهن به اداري ۾ نه هجڻ کان وڌيڪ سماجي لحاظ کان سنڌ جي آبادي يعني ٽوپوگرافي بد کان بدتر صورتحال اختيار ڪندي ٿي وڃي.
ورهاڱي کان پوءِ جيڪا لڏپلاڻ ٿي انهيءَ کي سنڌ خوشي يا جبر سان برداشت ڪيو پر اهو عمل مني صدي تائين برابر هلندو پيو اچي، ڪڏهن بهارين جي صورت ۾، ڪڏهن برمين جي صورت ۾ ۽ وري ڪڏهن وڌيڪ شدت سان هن وقت افغانين جي صورت ۾ موجود آهي. ٻاهرين ملڪن جي لڏپلاڻ سان گڏوگڏ هن ملڪ جي ٻين صوبن ۽ قومن جي به هڪ وڏي لڏپلاڻ سنڌ جي طرف ٿيندي ٿي رهي، انهي ۾ هڪ وڏو ڪردار سنڌ جي سنڌي قوم جي ڪروڌ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هتي آباد ٿيندڙ ٻاهرين لساني گروهن جو هتان جي سيٽل گروهن جي لساني يڪجهتي جي بنيادن سبب تمام گھڻو پختو ۽ تضاداتي بڻجندو ٿو وڃي، ان لساني بنيادن تي ڪڏهن اردو آبادي بهارين ۽ برمين کي پنهنجو ٿي سمجھي، پٺاڻ آبادي افغانين کي ڀاءُ ڪئي ويٺي آهي ۽ ساڳئي طرف پنجابي ۽ ڪشميري پنهنجي لسانياتي بنيادن تي ايندڙ ماڻهن کي سنڌ ۾ پنهنجي طاقت تصور ڪن ٿا.
سنڌ حڪومت ان اشرافيا ڪلاس جي آهي جنهن جو تعلق حڪومتي عمل ۽ مستقبل ۾ پنهنجو پاڻ کي ٻاهرين دنيا ۾ سيٽل ڪرڻ آهي، تنهن ڪري هو سنڌ جي آبادي جي تناسب کي سنڌي قوم ۽ سنڌ جي مستقل رهندڙ ماڻهن جي لاءِ خطرناڪ نٿا سمجھن، ڇو ته انهن جو مستقبل هتي ناهي هو هتان جي بحرانن ۽ ڪرائسس مان پاڻ کي آجو تصور ڪن ٿا، دولت جي سهاري تي جيئندڙ اها ئي ڪوشش ڪن ٿا ته ڪيتري دولت ڪٺي ڪجي ٻئي طرف سنڌ جون قوم پرست جماعتون پنهنجي حب الوطني جي جذبي ۾ ۽ سياسي نظرين ۾ به ورهايل آهن، ڀلي هڪ ٻئي جي خلاف دستِ گريبان نه هجن پر مستقبل جي بهتري لاءِ حال جي تلخين جو پورو اڀياس ڪري ڪو نقطي نظر طئي ناهن ڪري سگھيا ته کين ڪهڙي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي سنڌ جي مستقل آبادي کي سياسي يڪجهتي جي طرف وٺي وڃجي. هن وقت انهن جي صورتحال اها بيٺل آهي جو ڪڏهن ڪنهن سان سنڌين ماڻهن جو ڪو جهيڙو ٿو ٿئي يا ڪو شديد ٽڪراءُ ٿئي ٿو ته احتجاج ڪرڻ انهن جي اخلاقي ۽ سياسي رڳو ضرورت نه پر مجبوري به آهي ۽ اهي چڻنگون سنڌ جي اندر مسلسل ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي ڪرندي ۽ ٻرندي نظر پيون اچن. هن وقت صورتحال اها آهي ته سنڌ حڪومت يعني پ پ پ مڪمل طور تي واضح انداز ۾ سنڌ جي حال جي بهتري کان پنهنجو پاڻ کي مبرا سمجھي ٿي جنهن جو واضح مثال اهو آهي جڏهن پ پ پ جي سنڌ اسيبمبلي جو اسپيڪر ۽ موجوده گورنر ڪيتري عرصي کان افغانين کي پٺاڻڪي بنيادن تي پاڻ سان گڏ ڪيو ۽ انهن جا پٽڪا ٻڌي گڏ پيو گھمندو وتي جڏهن ته هن وقت هن وقت پنهنجي ٻولي جو تعلق به انهن سان نٿو جڙي يعني هو لسانياتي رشتو به نٿو رکي ان جي ان عملن کي پ پ پ جي مرڪزي قيادت بشمول اسان جي ٽيلينٽڊ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ان جو نوٽس ناهي ورتو ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ آغا سراج جي عملن کي هو پارٽي فائدن ۾ تصور ٿو ڪري، مقصد چوڻ جو هي آهي ته سنڌ هن وقت انتهائي ڏکين حالتن مان گذرندي جيڪو مستقبل جو سفر ڪري ٿي اهو وڌ کان وڌ پيچيدا ۽ گھڻن سوالن ۾ منجهيل ۽ ڦاٿل آهي، جيستائين اسان انهن جو سياسي، نظرياتي ۽ اصولي حل نه ڪڍنداسين ان وقت تائين سنڌ جي عوام جي سياسي جدوجهد مضبوط طريقي سان اڳتي وڌي نٿي سگھي ۽ انهي جي وڏي جوابداري هتان جي قوم پرست ڌرين ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين تي عائد ٿئي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button