ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ته پنجاب اسيمبليءَ ۾ اڪثريتي پارٽي انڪري هارائي وئي آهي جو ان جي اتحادي، آخري گهڙين دوران ساٿ ڇڏي ڏنو. چوڌري شجاعت حسين، جيڪو (ق) ليگ جو سربراهه آهي، ان پنجاب اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر کي خط لکيو ته هو پنهنجن 10 ميمبرن جا ووٽ حمزه شهباز کي ڏيڻ گهري ٿو، جيڪڏهن هو ان خلاف ۽ عمران خان جي اميدوار چوڌري پرويز الاهيءَ جي حق ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪن ته اهڙن ووٽن کي خارج سمجهيو وڃي ۽ ڳڻپ ۾ به شامل نه ڪيو وڃي. پنجاب اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر ائين ئي ڪيو. هن چوڌري شجاعت حسين جو خط پڙهي ٻڌايو ۽ (ق) ليگ جي 10 ووٽن کي ووٽنگ جي عمل مان خارج ڪرڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته حمزه شهباز اليڪشن کٽي ويو آهي. حمزه شهباز ٽن ووٽن جي اڪثريت تان ڪاميابي حاصل ڪئي. حمزه شهباز جي وڏ وزارت کي بچائڻ ۾ آصف زرداري ئي اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چوڌري شجاعت حسين کي مجبور ڪيو ته هو عمران خان جي اميدوار جي حمايت نه ڪري. ائين ئي ٿيو، جنهن بعد پي ٽي آءِ جي 186 مان 10 ميمبرن کي خارج ڪرڻ کانپوءِ ان جا 176 ووٽ رهجي ويا ۽ حمزه شهباز 180 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.
پنجاب ۾ وڏ وزارت لاءِ ٿيل چونڊ يقينن تڪراري آهي، هي معاملو هڪ طرف ملڪ جي اعليٰ عدالت وٽ ويندو ته ٻئي پاسي وري عمران خان جيڪي ڌمڪيون ڏئي رهيو هو، ان ۾ شدت آڻيندو. وڏ وزارت جي چونڊ سان يقينن سياسي استحڪام نه ايندو، اڳ کان صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي، هن فيصلي سان معاملو وڌيڪ خراب ٿيندو. پر جتي بحراني صورتحال هوندي آهي، اتي اتحادي رات پيٽ ۾ ائين ئي ڇڏي هليا ويندا آهن، جيئن عمران خان جو ساٿ ڇڏي ويا. عمران خان ان کان اڳ سندس ميمبرن کي 25 25 ڪروڙ رپيا ڏئي خريد ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون هيون،هاڻ هي ته ثابت ٿيو ته اهي الزام درست نه هئا، پر ثابت هي ٿيو ته آصف زرداري چوڌري شجاعت حسين جون خدمتون حاصل ڪري عمران خان جي اميدوار کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سياسي پنڊتن کي حمزه شهباز جي سوڀ تي ڪابه حيرت نه ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته غير يقيني واري صورتحال ۾ ڪجهه ٿي سگهيو پئي. هاڻ ڪجهه حلقا نيوٽرلز کي به طعنا ڏيندا ۽ ڌمڪين کان به ڪم وٺندا. ان حوالي سان حڪمران ڌر هي دليل ڏئي ٿي ته جڏهن سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻيءَ جي خلاف ان وقت جي مخالف ڌر اڪثريت ۾ هئي ته انهن جي ووٽ کي ڪيئن غائب ڪيو ويو؟ان وقت عمران خان کي اصول ياد ڇو نه آيا؟ هاڻ جنگ ۽ محبت ۾ سڀ ڪجهه جائز قرار ڏنو ويو. هاڻ هي به ڏسڻو آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاءِ ڪهڙيون فورسز اڳيان اچن ٿيون، جيئن سياست ۽ معيشت کي بهتر انداز ۾ هلائي سگهجي.
جيڪي چون ٿا ته هو ملڪي سياست ۾ جهاد ڪري رهيا آهن، يا هي چوڻ ته هو ئي سڌي رستي تي آهن ۽ اهي، هن جي حمايت ڪندا ته کين جنت ملندي. هي جيڪي سياست ۽ مذهب جو ڪاڪ ٽيل ٺاهين ٿا، شايد اهي هينئر به ملڪ جي سياسي داءُ پيچن کان اڻ واقف آهن، يا وري هو سياست ۽ مذهبي تاويلن کي ملائي اهڙو وکر وڪڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهي، جنهن جي ڪابه مارڪيٽ ويليو ناهي. پنجاب جي سياست انتهائي منجهيل ۽ تاريخي طور دوکيبازيءَ تي ٻڌل رهي آهي. جيئن عام سياست جي حوالي سان ڪابه اڳڪٿي ممڪن ناهي، ائين هن ملڪ جي سياست جي يوٽرن جي حوالي سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي، انڪري ڪنهن اهم موڙ تي معاملو الجهي ۽ سلجهي سگهي ٿو.
پنجاب اسيمبليءَ ۾ ماضي قريب ۾ جيڪو تشدد جو لاڙو نظر آيو، ان جو شايد ماضي قريب جي ڪنهن به اسيمبليءَ ۾ ان جو مثال ڏئي نٿو سگهجي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سڀني طوفان بدتميزي ڏٺو هوندو، پر ان دوران به اسپيڪر يا ڊپٽي اسپيڪر تي ڪنهن ميمبر حملو نه ڪيو هوندو. هي “ڪريڊٽ” رڳو پنجاب اسيمبلي ڏانهن وڃي ٿو. هاڻ جڏهن ٿوري ئي عرصي اندر، پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ چونڊ ٿي ته هي خطرو موجود هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ماضي جي تشدد واري لاڙي واري روايت کي ورجايو نه وڃي، انڪري اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر، جيڪو پرزائيڊنگ آفيسر به آهي، ان پنجاب پوليس کي گذارش ڪئي ته کيس سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اسيمبلي ميمبرن جي جان خطري ۾ آهي. ان فيصلي کي توڙي جو لاهور هاءِ ڪورٽ درست قرار نه ڏنو ۽ پوليس کي اسيمبليءَ جي حدن کان پري رهڻ جو حڪم ڏنو، ان جي باوجود عدالت جي ذهن ۾ اها ڳالهه موجود هئي ته جيڪڏهن معاملو ڳڙٻڙ وارو ٿئي ٿو، ڪو جاني نقصان ٿي وڃي ٿو ته سمورو ملبو،وري به عدالت تي ڪرندو. انڪري عدالت مشروط طور چيو ته جيڪڏهن صورتحال خراب ٿئي ته ڊپٽي اسپيڪر جي حڪم تي پوليس اسيمبليءَ ۾ داخل ٿي سگهي ٿي، ته جيئن صورتحال کي سنڀالي سگهجي. پنجاب اسيمبليءَ ۾ گذريل ڀيري وڏ وزارت لاءِ شهباز شريف جي چونڊ ڪئي وئي ۽ هي واضح ٿي ويو ته تحريڪ انصاف جا ڪيترا ميمبر پنهنجي ئي پارٽيءَ کان تنگ ٿي سامهون اچي ويا. پارٽي سربراهه پاران پنهنجن ئي ناراض ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرائڻ لاءِ اعليٰ عدالت ۾ جيڪا درخواست داخل ڪرائي وئي، ان جي نتيجي ۾ هڪ ڳالهه ته سٺي ٿي ته جيڪو ميمبر وفاداري تبديل ڪندو، اهو پنهنجي سيٽ وڃائي ويهندو. ان سان گڏ سپريم ڪورٽ آئيني نقطي جي وضاحت ڪئي ته ڪنهن به ميمبر کي تاحيات نااهل قرار ڏئي نٿو سگهجي، اڳتي هلي نواز شريف جي تاحيات نااهلي سميت ٻيا به ڪيترائي اهڙا ڪيس سامهون ايندا، جنهن ۾ رليف گهريو ويندو.
پنجاب اسيمبلي سميت ملڪ جون سموريون پارٽيون، جن جي سربراهن کي، آئين اندر جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن، انهن کي آمراڻا اختيار هجڻ جو نالو به ڏنو وڃي پيو، پر اهڙا ملڪ، جتي سياسي اخلاقيات نه هجي، اتي ان نوعيت جي قانونن جي ضرورت پئي ٿي. پنجاب جي وڏ وزارت جي ڊوڙ ۾ جتي شريف خاندان ته Intact رهيو، پر چوڌري برادران، جن ۾ چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي، اهي واضح طور ورهائجي سامهون اچي ويا، ان کان اڳ ۾ چوڌري پرويز الاهي پنهنجي ئي ڀائيٽي ۽ چوڌري شجاعت حسين جي وفاقي وزير پٽ چوڌري سالڪ تي الزام مڙهيو هو ته ان آصف زرداريءَ کان ڊالر وٺي سياسي حمايت ڪئي آهي. جنهن تي خاندان اندر تاءُ واري ڪيفيت پيدا ٿي. چوڌري شجاعت حسين پنهنجي سئوٽ، چوڌري پرويز الاهيءَ کي ان بيان جي وضاحت ڪرڻ لاءِ چيو پر هن ائين نه ڪيو. چوڌري شجاعت حسين جي اها شڪايت به سامهون آئي ته چوڌري پرويز الاهي اڳ شريف ڀائرن ۽ آصف زرداريءَ جو وڏو وزير بنجڻ جي حامي ڀري ۽ پوءِ بني گالا ۾ عمران خان جي حمايت لاءِ پهچي ويو، جنهن بابت کيس اعتماد ۾ به نه ورتو ويو. اهي خبرون ميڊيا جي حلقن تي اچي چڪيون آهن ته چوڌري پرويز الاهيءَ جي اهڙين حرڪتن تي چوڌري شجاعت اکين مان لڙڪ لاڙيندو رهيو ته سندس سئوٽ کي ٿيو ڇاهي؟
هاڻ چوڌري شجاعت حسين، وڏ وزارت لاءِ چوڌري پرويز الاهيءَ کي عمران خان جو اميدوار قرار ڏنو ۽ واضح ڪيو ته هو اهڙي ڪنهن به اميدوار جي حمايت نه ڪندو، ان حوالي سان پرزائيڊنگ آفيسر کي به آگاهه ڪيو ويو. ميڊيا جي حلقن ۾ چوڌري شجاعت حسين جي خط جو وڏو چوٻول ٻڌو ويو. ان خط جي چوڌري پرويز الاهيءَ جي پٽ مونس الاهي به تصديق ڪندي چيو ته “توهان به هارائي ويو ۽ مان هارائي ويس، پر آصف زرداري کٽي ويو، جنهن جي چوڻ تي شجاعت حسين پنهنجي ئي پارٽي جي اميدوار جي حمايت نه ڪئي”. ڪي حلقا چون ٿا ته چوڌري ڪزن ۾ هي تڪرار اصل انهن جي ٻارن جو جهيڙو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي چوڌرين جي باري ۾ ڪنهن کي اها خبر به نه پئي ته هو سئوٽ آهن يا ڀائر؟ هي ملڪ جي سياست ۾ پوءِ حڪمران سويلين هجن يا نان سويلين اهم سياسي اننگز کيڏندا رهيا آهن. انهن جي Say ان زماني کان آهي، جڏهن چوڌري ظهور الاهيءَ جي قتل جي الزام ۾ شهيد ڀٽو تي ڪيس هليو ۽ پوءِ ان کي ان ڪوڙي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ موت جي سزا ٻڌائي هئي. واڳ ڌڻين انهن ڏينهن کان هن خاندان کي اکين جو تارو بڻايو ۽ هينئر تائين هو “نيوٽرلز” جي اشاري تي ڪم ڪندا رهيا آهن. هن خاندان جي وضعداريءَ جو ذڪر به ڪيترائي ماڻهو ڪندا رهيا آهن، پر اوچتو خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي.
چوڌري ڀائرن جي وچ ۾ هن تڪرار جو مک ڪارڻ آصف زرداريءَ کي قرار ڏنو ويو، جنهن جي “ٿورن” جي اڳيان چوڌري شجاعت حسين ڪنڌ نوائي ويٺو. ممڪن آهي ته چوڌري ڀائرن تي آصف زرداري جي ٿورن اثر ڪيو هجي، پر ڪجهه ٻيا اشارا به سامهون ايندا رهيا. اهي جن کي نيوٽرل سڏيو ويو، اهي به نه پيا چاهين ته انهن جي اميدوار کان هٽي ڪري چوڌري ڀائر ووٽ ڪاسٽ ڪن يا ڪنهن جي حمايت ڪن. ان جي باوجود جيڪو ميدان سجيو سڀني ڏٺو. هاڻ ملڪ جو شايد ڪو اهڙو سياسي خاندان هجي جو، متحد رهيو هجي، سياسي لالچ سڀني کي ڪٿان جو به نه ڇڏيو آهي. هونئن به خانداني روايتون به عارضي ٿينديون آهن، جيڪي ڪنهن به وقت ٽٽي سگهن ٿيون. اهي سڀ روايتون مفادن جي اڳيان ڍير ٿي وينديون آهن.