پر اردو ادب ۾ روشن خياليءَ جو دور ان وقت شروع ٿئي ٿو جڏهن الطاف حسين حالي (1837-1914) ظاهر ٿئي ٿو. حالي ئي هو جنهن اردو ادب جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. هن پنهنجي مذهبي سماج جي اخلاقي ۽ سماجي بنيادن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ جاگيرداراڻي نظام جي زنجيرن مان جند ڇڏائڻ لاءِ آواز اٿاريو.
هندستان ۾ حالي اهو پهريون ماڻهو آهي جنهن پنهنجي ڪتاب “يادگار غالب” ۾ انهن زبردست خدمتن کي مڪمل طور واکاڻيو جيڪي سندس استاد مرزا غالب هڪ نئين ادب جي واڌويجهه لاءِ زمين سنوت ۾ آڻڻ ۽ اردو لکڻين کي هڪ نئين انسان دوست جذبن سان مالامال ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيون هيون.
غالب هڪ اهڙي دور ۾ زندگي گذاري ۽ ادبي ڪم ڪيو جڏهن اردو ادب نئين سجاڳي ۽ نئين تخليقي عمل ۾ داخل نه ٿيو هو. اهو اهو دور هو جڏهن روشن خياليءَ جي اها تحريڪ جيڪا بنگال، مهاراشٽر ۽ مدراس ۾ پاڙون هڻي چڪي هئي ۽ انهن علائقن جي ادب ۾ جنهن جون جهلڪيون نظر اچي رهيون هيون، اردو ادب جي دنيا تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهي هئي. پر غالب پنهنجي دور کان اڳتي هو. هن اردو شاعريءَ جي مواد ۾ وسعت پيدا ڪئي. سندس لکڻين ۾ فنڪاراڻي عموميت وڌ کان وڌ سگهاري انداز ۾ اسلوب ۽ هيئت جي جاءِ والاري وٺي ٿي. انسان دوستي غالب جي شاعريءَ ۾ هڪ نئين معنيٰ حاصل ڪئي. غالب جي شاعريءَ تان تصوف جا نقاب لاهجن ٿا ته اسان کي وچين دور جي جاگيرداراڻي نظام جي بار هيٺان دٻيل ۽ چيڀاٽيل انسان جو الميو چٽو نظر اچي ٿو. هن هي نظريو پيش ڪيو ته انسان مڪمل مخلوق آهي، جيڪو مافوق الفطري قوت کان به مٿانهون آهي. غالب جي انسان دوستيءَ جون حدون پنهنجي هم مذهب انسانن سان همدرديءَ جي احساس جي ڍانچي تائين محدود ناهن جيڪا 18هين ۽ 19هين صديءَ جي ڪيترن ئي اردو شاعرن جي خاصيت آهي. احتشام حسين لکيو آهيِ “هو انسان سان محبت ۽ همدرديءَ کي اونچو مذهب سمجهندو هو؛ ۽ هن ويجهو اهي سڀ ماڻهو برابر هئا جن کي حق جي ڳولها هئي ۽ جيڪي پنهنجن عقيدن تي ثابت قدميءَ سان ڄمي بيٺل هئا.”
غالب انسان جي داخلي دنيا جي مڪمل تصوير پيش ڪرڻ، ان جي جذبن ۽ ڪيفيتن کي سچائيءَ سان اجاڳر ڪرڻ ۽ پنهنجي آزاديءَ لاءِ بيچئن فرد جي ان سماج خلاف جدوجهد کي ڊرامائي منظرن جي بي مثال منظرنگاري ڪرڻ ۾، جيڪو مذهبي ڪٽرپڻي ۽ وچين دور جي وهمن تي ٻڌل هو، زبردست مهارت حاصل ڪري ورتي هئي. غالب جي شاعريءَ جي ان انسان دوست پاسي کي اڳيان هلي سندس شاگرد ۽ پوئلڳ الطاف حسين حالي وڌيڪ گهرائي بخشي.
غالب جي عظمت جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته هو اردو ادب جي دنيا ۾ پنهنجن سمورن سهيوڳين ۾ سڀ کان وڌيڪ بصيرت رکندڙ هو. غالب اهو پهريون ماڻهو هو جنهن محسوس ڪري ورتو ته جاگيرداراڻي تهذيب جو زوال اڻٽر آهي. هن هڪ نئين دور کي اڀرندي ڏسي ورتو هو ۽ ان نئين دور جي حقيقي معنيٰ جو اندازو لڳائي ورتو هو. هندستان جي ڪيترن ئي ادبي نقادن جائز طور اهو محسوس ڪيو آهي ته 19هين صديءَ جي ٽين ڏهاڪي جي آخر ۾ ڪلڪتي ۾ رهڻ غالب تي گهرا اثر وڌا هئا. شايد ان زماني ۾ ڪلڪتي جي سماجي، سياسي ۽ تهذيبي زندگيءَ جي نون لاڙن سان سندس واقفيت ئي هئي جنهن هن ۾ پاڻ پنهنجي ادب جي ڪيترن ئي مسئلن تي گهرائيءَ سان سوچڻ جو جذبو پيدا ڪيو. سندس گيان ۾ شدت آندي ۽ سندس شاعريءَ کي هڪ نئين سگهه سان مالامال ڪري ڇڏيو.
ان باوجود غالب جي شاعريءَ ۾ روشن خياليءَ جا اهي تصور سڌيءَ ريت جاءِ نٿا وٺن جيڪي 19هين صديءَ جي آخري 25 سالن ۾ وڃي اردو ادب جو حصو ٿيا. وچين هندستان جي مسلمانن جي زندگيءَ جون، جنهن سان غالب جو گهرو تعلق هو، حالتون اڃا تائين ان لاءِ مڪمل طور تيار نه ٿيون هيون. پر ڪجهه حقيقتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان عظيم شاعر کي هندستان جي معاشي، سماجي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ اڀرندڙ انهن تبديلين سان گهري همدردي هئي جن جي نتيجي ۾ اڳيان هلي هڪ نئين ادب واڌويجهه ڪئي. ان سلسلي ۾ هو سيد احمد خان کان به اڳيان هو جيڪو اردو ادب ۾ روشن خياليءَ جي تحريڪ جو باني هو.
غالب جي شاعري ۽ سندس عالمي نقطه نظر اردو ادب جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان شاعري ۽ عالمي نقطه نظر کيس وچين دور جي جاگيرداراڻي ڪلچر کان، مذهبي فلسفي کان ڌار ڪيو. انسان دوستيءَ جي نون تصورن سان سندس جهوليءَ کي ڀريو، هندستاني ادب جي گڏيل ڌارا ۾ سندس جذب ٿيڻ جي عمل جي واٽ سڌي ڪئي ۽ اردو ادب ۾ ترقي پسند جمهوري لاڙن جي ترقيءَ لاءِ بنيادي حالتن کي جنم ڏنو.
۽ اسان جي خيال ۾ اهي ئي خدمتون آهن، جن تي ان عظيم انسان دوست شاعر جي عظمت بيٺل آهي، ان ڪري سندس شاعري ايتري بلند محسوس ٿئي ٿي. ان جي اهميت اردو ادب جي دائري تائين محدود ناهي پر سڄي هندستاني قوم جو سرمايو آهي.
(پورو ٿيو)