ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ جو وڏو سياسي بحران ٽري ويو!

Editorial-Article-Ali Muhammad Memon

    ملڪ ۾ هلندڙ وڏو سياسي بحران جو پنجاب حڪومت ۽ صوبي جي اسيمبلي جي ايوانن کي لوڏڻ ۽ ديوارن سان ٽڪرائجڻ بعد آخرڪار زور ٽٽي ويو ۽ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جا ساهه وري بحال ٿي ويا آهن ۽ ملڪ ۾ زندگي جو وهنوار معمول طرف موٽڻ لڳو آهي. ملڪ کي لوڏيندڙ اهو سياسي طوفان پنجاب تي حڪمراني واري معاملي جي حل ۽ وڏي وزير جي چونڊ ڪرڻ لا گذريل شام سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب اسيمبلي ۾ منعقد ڪيو ويو. اجلاس جا نتيجا سامهون اچڻ ۽ هاڻوڪي وڏي وزير حمزا شهباز کي اسيمبلي جي اڪثريت جي حمايت حاصل ٿيڻ بعد کيس ڪامياب قرار ڏنو ويو، جنهن بعد صوبو پنجاب ۽ زلزلن هيٺ آيل وفاقي حڪومت وارو وايو منڊل به پرسڪون ۽ سياسي آسمان صاف ٿي ويو آهي. ملڪ کي وڪوڙيل هيڏي وڏي سياسي بحران جي حل بابت تمام دلچسپ ۽ ڊرامائي صورتحال ان وقت سامهون آئي جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ڪپتان عمران خان طرفان وڏي وزير لا نامزد ڪيل اميدوار چوڌري پرويز الاهي سندس جماعت طرفان ئي لاوارثي واري صورتحال جو شڪار ٿي ويو، اسپيڪر طرفان ايوان ۾ مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين طرفان اسپيڪر پنجاب اسيمبلي کي لکيل خط پڙهي ٻڌايو ويو جنهن ۾ نه صرف چوڌري پرويز الاهي جي وڏ وزارت بابت لاتعلقي وارو اعلان ڪيو ويو هو پر انهي سان گڏ مسلم ليگ قاف جي ميمبر چوڌري پرويز الاهي سميت سمورن 10 اسيمبلي ميمبرن کي پڻ حمزه شهباز کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت درج ٿيل هئي. ڊپٽي اسپيڪر ۽ پرزائيڊنگ آفيسر دوست محمد مزاري طرفان ڪرايل ووٽنگ بعد  پي ٽي آءِ جي اميدوار پرويز الاهي کي 186 ووٽ ۽ مسلم ليگ ن جي حمزا شهباز کي 179 ووٽ ٻڌائڻ بعد ايوان ۾ چوڌري شجاعت جو خط کي پڙهي ٻڌايو ويو، پر ميمبرن طرفان خلاف ورزي ڪرڻ تي قاف ليگ جا 10 ووٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو ۽ شهباز شريف جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن تي چوڌري پرويز الاهي کي سڪتو ۽ تحريڪ انصاف جا ميمبر صدمي سان بي حال نظر آيا.

      هوڏانهن، پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز طرفان صبح گورنر هائوس ۾ پنهنجي وڏ وزارت واري عهدي جو قسم کڻڻ بعد پنهنجيون ذميورايون وري سنڀاليون ويون آهن. پنجاب جي هنگامه خيز سياسي صورتحال کي وڏي مهارت سان تبديل ڪري پنجاب حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سميت سموري ملڪ کي سياسي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ وارو ڪارنامو پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر آصف علي جي سياسي مهارت کي قرار ڏنو پيو وڃي جنهن پنهنجي مفاهمت واري سياست ۽ ٿڌي مغز ۽ ذهانت واري حڪمت عملي تحت ملڪ جي سياسي جماعتن کي يڪجا ڪري نه صرف هڪ وڏي پارليماني ۽ سياسي طاقت ۽ حڪومت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر انهي اتحادي حڪومت تي ٿيندڙ حملن کي پڻ وڏي تدبر سان ناڪام ڪرائي ملڪ جي سياست ۾ وڏو ۽ بلند مقام حاصل ڪيو آهي. ٻئي پاسي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان طرفان پنجاب اسيمبلي جي ڪارروائي ۽ وڏي وزير جي چونڊ واري فيصلي خلاف سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏنو ويو آهي، جنهن بعد ملڪ جي مختلف شهرن لاهور، ڪراچي، حيدرآباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ۽ مظاهرا شروع ڪيا ويا آهن ۽ پنهنجي وفاقي حڪومت جي خاتمي ۽ پنجاب ۾ شڪست سميت سمورين پريشانين ۽ مشڪلاتن جو ذميوار آصف علي زرداري کي قرار ڏنو ويو آهي.

    مسلم ليگ قاف جي صدر چوڌري شجاعت طرفان پنهنجي جماعت جي ميمبرن کي لکيل خط جو پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي اطلاع هو ۽ اجلاس کان اڳ اهڙيون تصديق ٿيل خبرون پڻ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا، ٽي وي چينلن ۽ سوشل ميڊيا تي اچي رهيون هيون پر پرويز الاهي طرفان پنهنجي جماعت جي سربراهه جي فيصلي سان پنهنجي بغاوت جاري رکي وئي ۽ پارٽي جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ۽ مخالف ڌر جي جماعت تحريڪ انصاف ۽ عمران خان سان وفاداري وارا اعلان ڪيا ويندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار جڏهن “بي لغام اٺ ۽ باغي عهديدار” ملڪ جي آئين ۽ قانون واري جبل جي هيٺان آيو ته کيس قابو ٿيڻ ۽ گوڏا کوڙڻاپئجي ويا نه صرف ايترو پر باغي پرويز الاهي سميت عمران جي اميدوار پرويز الاهي سميت قاف ليگ جي سمورن ڏهن اسيمبلي ميمبرن جا اسپيڪر طرفان نه صرف ووٽ رد ڪيا ويا پر انهن جي اسيمبلي جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ واري ڪارروائي پڻ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي جي روشني ۾ پاڻمرادو ختم ٿيڻ وڃي رهي آهي، باغين طرفان سپريم ڪورٽ ۾ آڌي رات جو پهچي داخل ڪيل اپيل ۽ درخواست تي فيصلو ته عدالت کي ئي ڪرڻو آهي پر جيڪڏهن عدالت جو ان ڏس ۾ تازو پاڪستان تحريڪ انصاف جي 25 باغي ميمبرن جي رڪنيت رد ڪري کين نااهل قرار ڏيڻ بابت ڪيل ڪارروائي واري فيصلي کي برقرار رکيو ٿو وڃي ته، ان فيصلي تحت چوڌري پرويز الاهي جي اسيمبلي جي رڪنيت ختم ٿيڻ ڪري سندس اسپيڪر جو عهدو پڻ پاڻمرادو ختم ٿي سگهي ٿو.

    پارلياماني، جمهوري سرشتي ۾ سياسي جماعتن ۽ پارٽي جي سربراهه جي آئيني ۽ قانوني حيثيت ۽ اختيارن بابت سپريم ڪورٽ جي پي ٽي آ جي 25 اسيمبلي ميمبرن جي فلور ڪراسنگ واري ڪيس ۾ آيل فيصلي ۾ سياسي جماعت جي سربراهه جي هدايتن ڀڃڪڙي ڪندڙ باغي ميمبرن جو ووٽ شمار نه ڪرڻ ۽ ميمبرشپ ختم ٿيڻ وارو فيصلو جاري ٿيل آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي مختصر حڪمنامي ۾ پارٽي سربراهه طرفان باغي ميمبر خلاف ايڪشن کڻڻ يا نه کڻڻ جو اختيار ختم ڪيو هو. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪمنامي ۾ چيو آهي ته پارٽي سربراهه ڊڪليئريشن ڏئي يا نه ڏئي باغي ميمبر جو ووٽ شمار نه ڪيو ويندو. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اسپيڪر اسيمبلي ۽ پرزائيڊنگ آفيسر جي رولنگ پڻ ان فيصلي سان گڏ شامل ٿي وئي آهي ته پو معاملو گهڻي حد تائين صاف ئي ٿي ويو آهي. ڪپتان خان جي هاڻوڪي بليڪ ميلنگ ۽ ڌمڪين واري شروع ڪيل سياست يقينن ملڪ لا هاڃيڪار بنجي وئي آهي. ڪپتان خان طرفان ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ، عوام تي ايٽم بم ڪيرائڻ  وارين ڪيل تقريرن ۽ پنجاب جي ننڍي چونڊن دوران ملڪ کي سريلنڪا وانگر گهرو ويڙهه جو شڪار ڪرڻ وارين ڌمڪين ۽ دٻا وجهڻ وارن معاملن ۾ سمورا ليڪا لتاڙي وڃڻ جو ملڪ جي سمورن ادارن ۾ سخت نوٽيس ورتو ويو آهي. ملڪ جي حفاظت ۽ سلامتي بابت سموريون حدون اورانگهي وڃڻ بعد آخرڪار سمورين سياسي ۽ رياستي ذميوارن طرفان يقينن، ٽائيگرن ۽ جنونين کي سوڙهو ڪرڻ ۽ سندن هوا ڪڍي آخرڪار کين پنڃرن ۾ بند ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پئجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button