ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي وسيلن تي بار پرڏيهي

Editorial

سنڌ ۾ بلال ڪاڪا جي قتل کان پوءِ سنڌي قوم جو ڌاري آبادڪاري (ڏيهي توڙي پرڏيهي) خلاف جيڪو ردعمل آيو آهي، اهو هڪ پاسي عوامي سطح جو هو ته ٻئي پاسي سياسي پڻ هو. هن وقت به سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف سنڌي عوام پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو اهو احساس جنم وٺي رهيو آهي ته ڌاري آبادڪاري سنڌ کي نقصان ڏئي رهي آهي پر ان گڏ اها سنڌ جي وسيلن ۽ معيشت تي پڻ بار آهي. ان ڪري ان کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. اها ڳالهه ته هتان جي حڪمرانن کي به سمجهڻ گهرجي ته ڌاري آبادڪاريءَ جي هوندي ڪئين مسئلا جنم وٺي رهيا آهن ۽ انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ سنڌ حڪومت جي وس ۾ ڪونهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ بلال ڪاڪا جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ شاگرد سڀا تنظيم طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نواب شاهه ۾ جسقم پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. مٺي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ شاگرد سڀا مرڪز پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻا هنيا ويا، شاهپورجهانيان ۾ سنڌ شاگرد سڀا پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. قاضي احمد ۾ تعلقي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. سم سورهڏي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. جهڏي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ ضلعي اڳواڻ محب ڀيل جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ننگرپارڪر ۾ عوامي تحريڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌي عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران پرڏيهي دهشتگردن جو تحفظ ڪندي، انهن خلاف قانوني ڪارروائي کان روڪڻ لاءِ سنڌ پوليس تي دٻاءُ وجهي رهي آهي. اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي اعليٰ عدليه سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته وڏي انگ ۾ غيرقانوني طور پرڏيهي جيڪي رهن ٿا، انهن کي واپس پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهي هر حوالي سان سنڌ تي بار آهن ۽ هي هڪ نازڪ مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ ضروري آهي. رڳو انساني همدرديءَ جي بنياد تي پرڏيهين کي سنڌ ۾ رهائڻ ڪنهن به ريت بهتر عمل ڪونهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورن پرڏيهين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي. ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو سنڌ جي امن امان جي صورتحال کي به خراب ڪري رهيا آهن ۽ اڳيان هلي وڌيڪ سنجيده مسئلن جو سبب پڻ ٿي سگهن ٿا.

فيض گنج ۾ پکڙجندڙ گيسٽرو

برساتن کان پوءِ واري ماحول ۾ جيڪي بيماريون جنم وٺن ٿيون، انهن کي منهن ڏيڻ لازمي هوندو آهي، پر اسان وٽ نه رڳو برسات کي منهن ڏيڻ جي تياري نه هوندي آهي پر ان کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿيندي آهي، ان کي منهن ڏيڻ جي تياري به ڪانه هوندي آهي، جنهن جي ڪري عام ماڻهو لاءِ وڏي مصيبت پيدا ٿي پوندي آهي. پر ان کي حل ڪرڻ ايترو ڏکيو نه هوندو آهي، ٿوري ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي ته ڪيترين پريشانين کان بچي سگهجي ٿو. هن وقت تائين اسان اهو ئي ڏٺو آهي ته ڪهڙي ريت برساتن سبب نروار بيمارين ۾ عام ماڻهو مرندو رهندو آهي. ان پاسي صحت کاتي کي سرگرم ٿيڻ گهرجي. فيص گنج ۾ گيسٽرو تيزي سان پکڙي رهي آهي.
فيض گنج جي مختلف ڳوٺن ۾ گيسٽرو تيزي سان پکڙجڻ سبب 15 کان وڌيڪ ٻار بيماري ۾ ورتل آهن. جڏهن ته ڳوٺ سونو خان مجيداڻو ۾ 8 سال جي مريم ڌي عرفان مجيداڻو گيسٽرو سبب فوت ٿي وئي آهي. جڏهن ته عاطف، سعيد احمد، وڪيلان، محمد امين، سڪينه، ڪلثوم، غلام دين ۽ ٻيا ٻار بيماري ۾ ورتل آهن. ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن غفار مجيداڻو، عرفان، لياقت علي ۽ ٻين ٻڌايو ته گيسٽرو بيماري تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي. ڪيترائي ٻار، عورتون ۽ مرد بيماري ۾ وٺجي ويا آهن. هنن چيو ته گيسٽرو ۾ ورتل ٻارن جي حالت خراب آهي. هنن چيو ته سرڪاري اسپتال جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود صحت جون گهربل سهولتون نٿيون ملن. اطلاع باوجود سرڪاري اسپتال فيض گنج جا ڊاڪٽر ڳوٺ اچڻ کان انڪار ڪري پرائيويٽ اسپتال ۾ ٻارن کي داخل ڪرڻ جو چئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي معصوم ٻارن جون زندگيون بچايون وڃن.
اسين سمجهون ٿا ته بهتر صحت هر ٻار جو حق آهي، هاڻوڪين برساتن کان پوءِ گيسٽرو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون منهن ضرور ڪڍنديون، تنهنڪري انهن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته شهري احتياط ڪن ۽ ان کان سواءِ اتان جا صحت مرڪز انهن ماڻهن جو علاج ڪرڻ ۾ دير نه ڪن. ڇاڪاڻ ته بيماريون وڌي ويون ته پوءِ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جلدي فيض گنج جي متاثر علائقن ڏانهن ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button