ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ئي فائنل اٿارٽي آهي

Editorial-Article- Allahbux Rathore

هن ملڪ جي تاريخ ۾ جڏهن ملڪ جي اعليٰ عدالت سياسي معاملن ۾ ٽنگ اڙائيندي آهي ته ڳڙٻڙ ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تاريخي ۽ وڏن فيصلن کي سامهون رکي سگهجي ٿو. ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل هجي يا نواز شريف جي تاحيات نااهلي، پنجاب اسيمبليءَ جي ناراض 25 ايم پي ايز جي قسمت جو فيصلو هجي، يا وري پنجاب اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاريءَ جي رولنگ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي، اعليٰ عدالت جا جج چون ٿا ته دوست محمد مزاري سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي غلط سمجهيو، جڏهن ته حڪومتي اتحاد جو چوڻ آهي ته عدالت جي پنجن ججن تي ٻڌل بينچ مان ٽن ججن، جيڪي هي ساڳي نوعيت جي درخواست ٻڌي رهيا آهن، انهن جي آئين جي آرٽيڪل 63 اَي جي ڪيل تشريح ئي غلط هئي. هاڻ انهن غلطين کي درست ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ جوڙي وڃي ته جيئن بحراني صورتحال کي ختم ڪري سگهجي. ڇا اعليٰ عدالت حڪومتي اتحاد جي استدعا کي قبول ڪري وٺندي؟ ڇا عدالت جو پهريون فيصلو غلط ثابت ٿي ويو ته پوءِ موجوده چيف جسٽس سميت ٽن ججن جي بينچ جو ڇا ٿيندو؟ هاڻ حمزه شهباز جي وڏ وزارت جي مستقبل جي فيصلي کان اڳ ججن جي مستقبل جي فيصلي جو سوال اٿاريو پيو وڃي، جيڪڏهن عدالت بينچ ۾ شامل ججن تي اٿاريل اعتراضن جي باوجود ڪو فيصلو ڏئي ٿي ته پوءِ ملڪ جو سياسي بحران ڪٿي ڇيهه ڪندو؟ اهڙي صورتحال ۾ ڇا ملڪي سياسي نظام ۾ ڪا هارڊ يا سافٽ مداخلت ٿيندي؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ ڇا اهڙي مداخلت جا ذميوار جج هوندا يا سياستدان؟
سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون جو خيال آهي ته آرٽيڪل 63 اَي چئي ٿو ته پارٽيءَ جي سربراهه جي هدايت جي خلاف جيڪو ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪري ٿو ته ان جو ووٽ ڳڻيو ويندو. اهڙي صورتحال ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو ڇا ٿيندو؟ پنجاب اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري وڏي وزير جي چونڊ دوران رولنگ ڏني ته (ق) ليگ جي 10 ميمبرن جا ووٽ شامل نه ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ اهڙو فيصلو ڏنو آهي، هن ان جي پيرا به پڙهي ٻڌائي! ڊپٽي اسپيڪر (ق) ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي لکيل خط کي سامهون آندو ۽ ايوان کي پڙهي ٻڌايو. ڇا سپريم ڪورٽ جي تشريح ائين ئي هئي، جيئن ڊپٽي اسپيڪر ٻڌايو؟
سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اَي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس تي فيصلي ۾ ڄاڻايو هو ته جيڪو به اسيمبلي ميمبر پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيندو اهو ڳڻيو نه ويندو، جڏهن ته سموري حياتي نااهلي يا نااهلي جو مدو پارليامينٽ مقرر ڪري.
سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ مان ٽن ججن ڄاڻايو، جنهن کي اعليٰ عدالت جو فيصلو تصور ڪيو وڃي ته آرٽيڪل 63 اَي آرٽيڪل 17 تحت سياسي پارٽيءَ جي بنيادي حق کي لاڳو ڪري ٿو. ان ڪري ان جي تشريح ۽ لاڳو وسيع بنياد تي بنيادي حقن سان گڏ ڪرڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ جو فيصلي ۾ چوڻ هو ته ايوان ۾ هڪ پارلياماني پارٽيءَ جي ڪنهن به ميمبر جو ووٽ آرٽيڪل 63 اَي جي سب آرٽيڪل هڪ جي پيرا بي تحت پهرين جاري ڪيل هدايت جي خلاف ڏنو وڃي ته اهو ڳڻي نٿو سگهجي ۽ ان ڳالهه کان هٽي پارٽي سربراهه وفاداري تبديل ڪندڙ ميمبر جي خلاف ڪارروائي ڪري يا نه.
آرٽيڪل 63 اَي مطابق ڪنهن به پارليامينٽ جي ميمبر کي وفاداري تبديل ڪرڻ جي بنياد تي نااهل قرار ڏئي سگهي ٿو. نااهليءَ جي صورت پنجن سببن کي سامهون رکندي ٿي سگهي ٿي، وزيرا عظم يا وڏي وزير جي چونڊ، بجيٽ جي منظوري ۽ ٻيا شامل آهن.
سپريم ڪورٽ جو هي فيصلو، ان جي ويب سائيٽ تي موجود آهي ۽ ان کي ڪوبه پڙهي ان نتيجي تي پهچي سگهي ٿو ته پارٽي سربراهه ئي اهو “آمر” آهي، جيڪو لکين ووٽ حاصل ڪندڙ ميمبر کي هڪ ڌڪ سان گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿو. هيءَ ڪم اڳ عمران خان ڪيو ۽ ان کانپوءِ چوڌري شجاعت حسين ڪيو، پر عمران خان جي فيصلي کي درست قبول ڪيو ويو ۽ چوڌري شجاعت حسين جي فيصلي بابت چيو ويو ته ان کي اهڙو اختيار حاصل نه هو،هيءَ اختيار پارلياماني پارٽيءَ کي حاصل هو. جيڪڏهن پارلياماني پارٽي ڪي هدايتون جاري نه ڪيون هجن ته پوءِ ميمبر جي قسمت جو فيصلو ڪير ڪندو، سپريم ڪورٽ هي اختيار پارٽي سربراهه کي ڏنو، جيڪو جيئرو جاڳندو موجود آهي.
سپريم ڪورٽ جي بينچ جيڪا پنجن ججن تي ٻڌل هئي، هاڻ انهن مان چيف جسٽس سميت ٽي جج وري ساڳئي تڪراري معاملي جي ٻڌڻي ڪن پيا. (ن) ليگ جي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته هو بينچ ۾ انهن ججن کي شامل نه ڪري، جن جا فيصلا، ان جي پارٽي خلاف رهيا آهن. هن موجب هنن کي اهڙن ججن مان انصاف جي ڪا اميد ناهي. جيڪڏهن هڪ ڌر بينچ تي اعتراض واري ڇڏي ۽ فل ڪورٽ جو مطالبو ڪري ته ايندڙ ڪنهن به فيصلي کي قبول ڪري نٿو سگهجي. مهذب ملڪن ۾، ايستائين جو پاڪستان جي عدليه ۾ به اهڙا مثال موجود آهن ته جن ججن تي ڪنهن ڌر اعتراض واريا ته اهي رضاڪاراڻي طور بينچ کان الڳ ٿي ويا. هي مسئلو ته انتهائي سنجيده نوعيت جو آهي، ان ڪري جن ججن تي اعتراض ٿيو، انهن کي بينچ کان الڳ ٿي وڃڻ گهرجي يا وري چيف جسٽس فيصلو ڪري ۽ معاملو فل ڪورٽ جي حوالي ڪري. سپريم ڪورٽ جا ٽي نه پر سترهن جج آهن، جيڪي اعليٰ عدالت ۾ هڪجهڙي حيثيت رکن ٿا. ان ڪري ملڪ جي عدالت تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ آهي.
سوشل ميڊيا تي ججز جي حوالي سان ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، مثال طور عمران خان گذريل ڀيري اڌ رات جو عدالت کولڻ تي اعتراض واريو، پر هاڻ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري پاڻ کلي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جيڪي ڪرتب ڏيکاريا،اهي به ويڊيوز جي صورت ۾ موجود آهن. اهو سوال به ڪيو پيو وڃي ته سپريم ڪورٽ جي اهم فيصلن ۾ موجوده بينچ ۾ شامل ججن کي ڇو ٿو ويهاريو وڃي؟ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججن، جن ۾ قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻيا شامل آهن، انهن کي نظرانداز ڇو ڪيو پيو وڃي؟ هن ڪيس لاءِ جيئن درخواست داخل ٿي ته چيف جسٽس، جسٽس اعجاز الاحسن لاهور ڪيئن پهتا، هنن جا گهر به لاهور ۾ آهن، پر جسٽس منيب اختر کي اسلام آباد مان خاص ڪري ڇو گهرايو ويو؟ جسٽس منصور علي شاهه لاهور ۾ موجود هو، پر هن کي بينچ ۾ شامل نه ڪيو ويو. هڪ ٻيو جج به لاهور ۾ موجود هو، پر انهن کي پاسيرو رکيو ويو. آخرڪار بينچ جي جوڙجڪ ائين ڇو ٿي؟
سپريم ڪورٽ جي بينچ جي حوالي سان جيڪي سوال پڇيا ويا آهن، اهي انتهائي سنجيده نوعيت جا آهن. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي بينچ سواليه نشان ٿي وڃي ته امڪاني فيصلو ڪيئن قبول ڪيو ويندو؟ اهي ڌريون جيڪي ججن جي حوالي سان تنقيدي سوچ رکن ٿيون، انهن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سياست ۾، خاص ڪري پارليامينٽ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان بحران ۾ عدالت به برابر جي ذميوار آهي. ان ڪري عدالتن کي سياسي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته جيئن سياسي معاملن کي سياسي فورم يعني پارليامينٽ حل ڪري.
عدالت ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان دوران ڪجهه حلقن پاران هي اسٽوري فيڊ ڪرائي وئي ته اسٽيبلشمينٽ جا ڪجهه حلقا سافٽ مداخلت جو سوچي رهيا آهن. آءِ ايس پي آر ان جي ترديد ڪئي ته هو نيوٽرل هئا ۽ هينئر به آهن. پر اسٽوريءَ ۾ اهو نه چيو ويو ته فوج سافٽ مداخلت ڪرڻ گهري ٿي، پر ڪجهه حلقا اهڙي سوچ رکن ٿا. سمورين سياسي قوتن سواءِ عمران خان جي ڪنهن به ان مداخلت جي حمايت نه ڪئي آهي. عمران خان تي تنقيد ڪندڙن جو خيال آهي ته هو به پنهنجن مخالفن جيان بقول هن جي پنهنجي لاءِ اسٽيبلشمينٽ کان اين آر او وٺڻ گهري ٿو. هو ته کلي عام اسٽيبلشمينٽ کي چوندو رهيو آهي ته اها يوٽرن وٺي، غلطيون ٿي وينديون آهن، اها کيس ٻيهر اقتدار ۾ وٺي اچي. هن ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ لاءِ واڳ ڌڻين کي ئي اپيل ڪئي. اهڙي ريت هن جي سياست جو محور گيٽ نمبر چار ٻڌايو وڃي ٿو. شيخ رشيد کي به يقين آهي ته عام چونڊون آڪٽوبر يا نومبر ۾ ٿي وينديون، سافٽ مداخلت ڪندڙن به چونڊن لاءِ ساڳي تاريخ ڏني آهي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته هي اسٽوري ڪٿان فيڊ ڪئي وئي. هن ملڪ ۾ سافٽ مارشل لا ۽ هارڊ مارشل لا جا تجربا ٿي چڪا آهن. اهي تجربا خاص تاريخي واقعن دوران ٿيا، خاص ڪري آمريڪي ڊالر جي ملڻ جي آسري ڍول سپاهين اهڙا قدم کنيا، وڏي ڳالهه ته انهن اپائن ۾ انڪل سام به فوجي آمرن جي پٺيان هو، هاڻ اهڙي ڪابه صورتحال نظر نه اچي رهي آهي. هن ڀيري آمريڪا جيڪو عمران خان جي دور ۾ سخت ناراض هو، هينئر تائين اهو راضي نه ٿيو آهي. آمريڪا کي رام ڪرڻ لاءِ متحده حڪومت به هٿ پير هڻي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ملڪ جي ڏيوالي نڪرڻ جو خطرو آهي، تڏهن سافٽ مداخلت جو امڪان گهٽجي وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button