ارشاد لغاري
اڄ هُن کي پنهنجي ديس جي اها وستي ڏاڍي ياد پئي آئي، جيڪا سندس ديس جي انهن اڻ ڳڻين وستين مان هڪ اهڙي وستي هئي، جيڪا اڳتي هلي پڙهيل لکيلن جي ڪتابن ۾ ضعيف الاعتقاد قرار ڏني وئي!! جيتوڻيڪ هِن کي اڄ تائين زندگي ۾ جيڪو ڪجھه به ڪم آيو آهي، سو ان ئي سجائي وستي جو سرمايو آهي پر ڇا ڪجي جو هاڻ دنيا جڏهن مريخ تي ماڙيون اڏڻ جا سانباها ڪري رهي آهي، تڏهن ڪير ياد ڪندو ان وستي کي، جنهن جا واسي اهو سمجهندا هئا ته هي ڌرتي هڪ ڏاند جي سڱ تي بيٺل آهي. اڄ ڀل کڻي هي جديد دنيا، انهي وستي جي ان سمجهھ تي کِلون ڪري پر ان وستي وارن جو ڏاند جي سِڱ تي بيٺل ڌرتي سان جيڪو ناتو هو، سو ڪيترو نه اُتم ۽ احترام وارو هو!! اڄوڪي جديد سمجھه وارن ته ڌرتي کي هنڌان هنڌان گهائي ڇڏيو آهي پر ان وستي جا واسي ڌرتي کي پنهنجي ماءُ سمجهندا هئا ۽ پنهنجن ٻارن کي اها تربيت ڏيندا هئا ته راند ڪندي ڪڏھن به ڌرتي کي ڌڪ نه هڻندا ڪريو، جو اهو سڀ کان وڏو گناهھ آهي. وستي جا ٻار، جن جي راندين ۾ هڪ راند اها به هئي ته هو “چور چور” راند کيڏندي، جڏهن تمثيلي انداز ۾ ڪو چور جهلي وٺندا هئا تڏهن ان تي لٺيون اُلاري، لٺ زمين تي هڻندا هئا ۽ چور دانهون ڪرڻ لڳندو هو پر ان راند دوران جيڪڏهن ڪو وڏو يا وڏڙي پهچي ويندي هئي ته ٻارن کي سخت دڙڪن سان گڏ اها نصيحت ملندي هئي ته:
“بابا زمين کي ايئن لٺيون نه هڻو، هي پنهنجي ماءُ آهي ۽ ڌرتي جي دانهن ستين آسمان تي ويندي آهي”
اها وستي جنهن جو گذران پوکي راهي تي هوندو هو، تنهن ۾ هڪ گُڻ اهو به هو ته ٻني ٻاري جو ڪم، سڀ ڳوٺاڻا هڪ ٻئي جا ساٿي بڻجي، گڏجي ڪندا هئا. اڄ هُن جي کيڙي، سڀاڻي هُن جو لابارو، پرينهن هُن جي ڳاهه!! ۽ وري جي ڪاڄ ٿين تڏھن به سڀ هڪ ٻئي سان ساڻي!! ايئن سندن ڏُک به گڏ ته سُک پڻ.
اها وستي، جنهن جا واسي ماس نه هئڻ جي برابر واپرائيندا هئا. سندن کاڄ اهي جهنگ جون ڀاڄيون هيون، جيڪي هو هڪ ٻئي جي گهر سڏي پهچائيندا هئا. سارنگ جا ٻني ۾ پوکيل گُوار به سڀن جي ته انب جي ٻني ۾ پوکيل ڀينڊيون به سڀني جون.
ان وستي جي بازار ۾ سِڪو به ڪٿي هلندو هو!؟ نه بلڪل نه. سڀ ڏيتي ليتي فصل تي هوندي هئي. حجام مفت ۾ سنوارت ٺاهيندا ھئا، موچي به جوتا جوڙي ڏين ته ٽڪو به ڪونه وٺن، ايئن واڍا ۽ ڪُنڀار پڻ.
انهي وستي ۾ چاچو لکانو ڪُنڀار جڏهن ايندو هو ته کيس چڱي طرح ياد هوندو هو ته ڪهڙي گهر دکي، ڪهڙي گهر ماٽي، ڪهڙي گهر دانگي ۽ ڪهڙو گهر گهڙو يا مَٽ ڏيڻو آهي. پئسو بلڪل به نه. ڇو جو ان وستي جو هر هڪ گهر چاچي لکاني ڪنڀار جو پنهنجو گهر ئي ته هو. جنهن گهر به مانجهاندو ڪري، سا سندس مرضي. ۽ پوءِ شام جو چاچو لکانو جڏھن سندي ڳوٺ موٽندو هو ته وستي ۾ ورهايل ٿانوَن جي عيوض کيس ايترو سامان ملندو هو جو گنج ٿيو وڃيس. ڪنهن مکڻ ڏنو، ڪنهن اٽو ڏنو، ڪنهن ڪپڙا ته ڪنهن ڳُڙ، ڪنهن ڇا ته ڪنهن ڇا. مطلب ته چاچو لکانو جيسين ٻي کُوري، آوي لاهي، تيسين سندس ڪُڙم به بو اونو ٿي کائي.
اها وستي جنهن ۾ نه بجلي هئي، نه ڪو پڪو رستو ۽ نه ئي ڪو ڊاڪٽر. وڏي ڳالهھ ته واچ به ڪنهن وٽ ڪونه هوندي هئي. نِکٽن تي وهنوار هلندو هو. جيڪڏهن ڪو اگهو ٿي پوي ته پنهنجون ڦڪيون. بخار کي ته ليکبو ئي ڪونه هو.
ها ان وستي ۾ سامي قبيلي جي هڪ وڏي مڻيادار جُهونڙي به ايندي هئي. پنهنجي راويتي گهاگهري ۽ پڙي ۾ ملبوس، وڏي قد ڪاٺ واري اها سامياڻي!! جنهن جي مُک مبارڪ ۾ پيل گُهنج سندس وڏي ڄمار جي گواهي ضرور هئا پر اهي گُهنج ڪڏهن به ڪوجها نه لڳندا هئا. سدا ملوڪ گهري سانوري رنگت واري اها جُهونڙي، جنهن سان وستي جون عورتون پنهنجي عورتاڻي اگھائي جو حال احوال پيون سلينديون هيون ۽ هُوءَ سڀني کي پنهنجي پنهنجي حساب سان سُتيون پئي ڏيندي هئي. اها سامياڻي جنهن کي سڀ “امان ڀوپي” ڪري سڏيندا هئا، ڏينهن جا ڏينهن وستي ۾ رهندي هئي. سندن پيرن ۾ پاتل پاکڙيون ۽ پِنين ۾ پاتل وڏا ڪَڙا ڪنهن پرانهين پار جو ڏس پيا ڏيندا هئا. هوءَ جيڪا اميد سان آيل مائي جي لوڏ لکي ٻڌائيندي هئي هِن کي ڌيءَ آهي يا پُٽ. ۽ پوءِ اهو ئي ٿيندو هو جيڪو امان ڀوپي ٻڌائيندي هئي. سندس گودڙي ۾ پٿر جا ٻه ڍارا هوندا هئا. پراڻي ميري پٿر جا ڍارا، هڪڙو ٽن ڪڙين وارو ۽ ٻيو پنجن ڪڙين وارو ڍارو. جن تي عجيب نقش چٽيل هوندا هئا. الاهي ڇا هو انهن نقشن ۾!! جن جي باري ۾ رڳو هُوءَ ئي ڄاڻندي هئي. ۽ پوءِ وستي وارا پيا امان ڀوپيءَ کان قسمت جو حال پڇندا هئا ۽ هو پئي کين ايندڙ خوشين توڙي خطرن کان آگاهه ڪندي هئي. هوءَ ڄڻ ته وستي جي گُرو هئي، مرشد هئي. امان ڀوپي جو جيڪو سڀ کان وڏو قصو ان وستي ۾ مشهور هو، سو اهو ته هڪ شام هُن وستي مٿان چڙهي آيل هڪ وڏو ڪارو اوٿر ٽاريو هو.
ٿيو هيئن جو هڪ شام وستي مٿان اولھه ۽ اُتر جي ڪُنڊ کان هڪ گُهپ اونداهي وارو ڪارو اوٿر – طوفان چڙهڻ لڳو. اوٿر ۾ قيامت جهڙي دهشت هئي. مائرون پنهنجا ٻار سنڀالڻ لڳي ويون ۽ هر پاسي ڀڄ ڀڄان ٿي وئي. جنهن گهر جي اڱڻ تي امان ڀوپي ويٺل هئي، تنهن گهر وارن کي ھڪل ڪري چيو ته ڊڄو نه، بنادير پاڻي جو هڪ وٽو ڀري اچو ۽ ان ۾ ٻه ڳڙيون لوڻ به وجهي ڏيو ۽ ٻيو ڏسو ته هي هتي جيڪي ٻار موجود آهن، تِن مان پُڻيٺي جو ڪو ٻار هجي ته اُن کي سڏي وٺو. ۽ پوءِ اوئين ئي ڪيو ويو ۽ امان ڀوپي لوڻ – پاڻي واري انهي وٽي ۾ پنهنجو هٿ ڪڙو ٻوڙي، ٻار کي چيو هي پاڻي زور سان ان پاسي مٿي اُڇلاءِ، جنهن پاسي کان اوٿر اچي رهيو آهي. هاڻ هڪ پنجن ڇهن سالن جي ٻار جي اُڇل ڪيتري هوندي!؟ بس رڳو هڪ لقاءُ جُڙيو، جنهن ۾ ٻار پاڻي مٿي اڇلايو، جيڪو اتي ئي ڪريو پر اتي موجود وستي واسين لاءِ جيڪا حيرت جي ڳالھه هئي، سا اها ته هِتان ٻار جو پاڻي اڇلائڻ هو ۽ هُتان ڪاري اوٿر جو ٻن حصن ۾ ٽُٽَڻ هو. ايئن اهو ڪارو طوفان، اوٿر وستي تان ٽري ويو ۽ هر طرف امان ڀوپي جي شڪتي جو ويساهه ڇائنجي ويو.
اهڙيون ڪئين ڪهاڻيون ۽ قصا آهن ان وستي جا پر وقت سان گڏ اها ضعيف الاعتقاد وستي الوپ ٿيندي وئي. اڄ اتي هڪ وڏو شهر مثال ڳوٺ آهي. جنهن جي آبادي جو اسي سيڪڙو پڙهيل لکيل آهي. ۽ ان آبادي کي اها ڄاڻ ملي چُڪي آهي ته ڌرتي ڍڳي جي سِڱ ته بيٺل نه پر خلا ۾ رُلندڙ هڪ سيارو آهي. پر الميو جيڪو آهي سو اهو ته هاڻ ان وستي مٿان چڙهي آيل اوٿر ٽارڻ وارو ڪوبه ناهي بس!!