ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مالي مدد جا طلبگار سنڌ جا آبادگار

Editorial

سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، موسم جي ماهرن جي چوڻ آهي ته امڪاني طور هاڻوڪيون برساتون آگسٽ تائين جاري رهي سگهن ٿيون. هونئن ته برساتن جو وسڻ هر حوالي سان بهتر هوندو آهي، ان سان نه رڳو پاڻيءَ جي مقدار ۾واڌ ٿيندي آهي پر جر به مٺو ٿيڻ لڳندو آهي ۽ ان کان سواءِ ٿر ۽ ڪاڇي جا علائقا به پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا آهن، جنهن جي ڪري اتان جا ماڻهو پاڻيءَ مان لاڀ ماڻيندا آهن، فصل پوکيندا آهن ۽ پنهنجي معاشي حالت بهتر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا آهن. پر ان جو هڪ ٻيو پاسو به آهي، جنهن کي بلڪل به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، اهو آهي برسات سبب پوندڙ آبادگارن کي نقصان. سنڌ جو آبادگار هونئن به ننڌڻڪو آهي، ڪڏهن هو پاڻيءَ جي کوٽ خلاف دانهيندو رهندو آهي، ڪڏهن هو نقلي ٻج خلاف احتجاج ڪندو رهندو آهي ته ڪڏهن وري فصلن جي اگهن لاءِ هو روڊن رستن تي هوندو آهي، پر هن جا مسئلا بلڪل به حل نٿا ٿين. برساتن کان اڳ سنڌ جا آبادگار پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، هاڻ جڏهن سنڌ ۾ برساتون سٺيون وسيون آهن ته هاڻ آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي ان ڪري اچي ويا آهن جو انهن جا فصل برساتن سبب سخت متاثر ٿيا آهن ۽ ان ڪري انهن کي فصلن جا بهتر اگهه نه ملي سگهندا.
سنڌ ۾ طوفاني برساتن سبب وونئڻن ۽ مرچن جي فصل سميت کجيءَ کي پڻ سخت نقصان پھتو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آبادگارن جو ڪيل خرچ نڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آھي. برساتن سبب ڦٽين کي وڏو نقصان پھتو آھي، ان سلسلي ۾ آبادگارن سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت کان رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي. ايوان زراعت سنڌ جي سيڪريٽري زاھد حسين ڀرڳڙيءَ جو چوڻ آهي ته طوفاني برساتن سبب ڪپھه جي فصل کي وڏو نقصان پھتو آھي ۽ آبادگارن لا ڳڻتي واري صورتحال آھي. آبادگار نبي بخش سٺيو چيو ته وونئڻن سميت مختلف فصل تيز برساتن سبب سخت متاثر ٿيا آھن جنھن سبب آبادگارن جو ھزارين رپين جو نقصان ٿيو آھي. آبادگار اڳواڻ محمد خان ساريجي چيو ته متاثر ٿيل آبادگارن جي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار مالي مدد ڪري ته جيئن آبادگارن طرفان فصلن تي ڪيل خرچ جو پورائو ٿي سگھي. آبادگار عبدالڪريم ٽالپر چيو ته کجيءَ کي به تمام وڏو نقصان پھتو آهي، جنھن سبب کجي جي پيداوار گھٽجي وئي آهي ۽ آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان پھتو آھي، حڪومت کي آبادگارن جي مدد ڪرڻ گھرجي.
آبادگارن جون اهي ڳالهيون صحيح آهن ته انهن کي هاڻوڪين برساتن سبب سخت نقصان پهتو آهي، جنهن جي ڪري انهن کي فصلن جي اپت نه ملي سگهندي پر جيڪي پئسو انهن خرچ ڪيو آهي، اهو به نه نڪري سگهندو. تنهنڪري اهي جيڪي مطالبا ڪري رهيا آهن، اهي جائز آهن. سنڌ جي زراعت کاتي ۽ سنڌ حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پهرين ته انهن علائقن جي سروي ڪئي وڃي جتي ماڻهن جا فصل ٻڏا آهن ۽ جتي انهن کي وڌ کان وڌ نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ان کان پوءِ انهن آبادگارن کي سندن نقصان جي حساب سان مالي مدد ڪئي وڃي. ظاهر آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڦٽي، مرچن ۽ کجين جي کوٽ مارڪيٽ ۾ ضرور محسوس ڪئي ويندي تنهنڪري انهن اسمن جا اگهه به وڌي سگهن ٿا. زراعت کاتي کي ان ڳالهه جو اندازو هجڻ گهرجي ها ته سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو وڏي وقت تائين جاري رهندو، تنهنڪري ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري به ان قسم جي ڪرڻ گهرجي ها. پر هن وقت تائين اهڙي تيار نظر نه اچي رهي آهي. پر اڃا به وقت آهي، انهن ڪري انهن آبادگارن جي هر حال ۾ مدد ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته آبادگار هر سال پنهنجي سڄي لاڳت فصلن تي لڳائي ڇڏيندا آهن ۽ انهن کي اهو آسرو هوندو آهي ته فصل پچي راس ٿيڻ کان پوءِ انهن جي ڪجهه آمدني ٿي ويندي پر موسمي لاهن چاڙهن ۽ برساتن سبب انهن کي سدائين نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر ان نقصان جو ازالو ٿيڻ لازمي آهي. اهو نقصان جو ازالو ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو، جڏهن حڪومت آبادگارن جو ساٿ ڏيندي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي برساتن سبب آبادگارن واقعي به گهڻو ڀوڳيو آهي، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي، انهن جي مطالبن کي مانُ ڏنو وڃي. انهن جي هر قسم جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ زراعت کاتو مدد ڪن ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button