انگريزي ادب جي نئين سري سان شروعات ته چوڏھين صديءَ جي وچ ڌاري جيافري
چاسر(Chaucer Geoffrey) کان ٿي، جنهن جو شاهڪار ڪينٽربري ٽيلز (Tales Canterbury) اڄ به عالمي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. چاسر هڪ غير معمولي اديب هو، جنهن وٽ ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ سان گڏوگڏ اظهار جي سگهه، موضوعاتي وسعت، نکار ۽ جاندار لهجو به رهيو.
انهيءَ دور (چوڏھين صدي) ۾ ئي فرينچ ٻولي ۽ ادب جون صنفون انگريزي ادب ۾ رائج ٿيون. ائين انگريزي ادب کي هٿي ملي ۽ ٻولي پڻ ترقي ڪئي. جيافري چاسر کي انگلستان جو قومي شاعر هئڻ جي حيثيت پڻ حاصل هئي. چاسر سان گڏ سندس ڪجهه همعصر ليکڪ به هئا، جن ڪافي شهرت ماڻي. مثال طور جان گاور (John Gower) جيڪو پڻ شروعاتي انگريزي ادب ۾ وڏي جاءِ والاري ٿو. جان گاور کي عوامي شاعر پڻ چيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ جان وئڪلف (John Wycliffe) به شروعاتي انگريزي ادب ۾ هڪ اهم نالو آهي جنهن انگريزي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انجيل پاڪ (Holy Bible) جو انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجو پاڻ مڃايو، پر جيافري چاسر کي انهن سڀني کان مٿاهون درجو حاصل آهي. جيافري چاسر کي ان ڪري به وڌيڪ اهميت حاصل آهي جو هو پنهنجي دور جي مڪمل نمائندگي ڪري ٿو. ان کان پوءِ انگريزي ادب جي تاريخ ۾ هڪ وڏو نالو وليم شيڪسپيئر جو آھي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته شيڪسپيئر کي فقط انگريزي ٻوليءَ جو ئي نه پر دنيا جي وڏن تخليقڪارن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. وليم شيڪسپيئر جي ڄمڻ جي تاريخ جي ڪا پڪي خبر ته ناهي پر ڪن شاهدين موجب هو 23 فيبروري 1564ع ۾ واروڪشائير (Warwickshire) شھر جي ڳوٺ ايون اپون اسٽريٽفورڊ (Avon Upon Stratford) ۾ ڄائو.سندس ننڍپڻ اتي ئي گذريو. پوِءِ ڪن سببن جي ڪري هي لنڊن لڏي آيو جتي هن ادبي دنيا ۾ پير پاتو.
سڀ کان پهرين هن پنهنجي تخليقي ڪم جي شروعات شاعريءَ کان ٻن نظمن ” ايڊونس اينڊ وينس ” (Adonis and Venus)۽ لڪريس آف ريپ (Lucrece of Rape)سان ڪئي، ان کان پوِءِ هن مجموعي طور 154 سانيٽ به لکيا. هي شاعريءَ جو مجموعو نئين جاڳرتا (Renaissance) جي انگريزي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ تمام گھڻو اضافو آهي. سندس سانيٽ انگريزيءَ جي بهترين سانيٽس ۾ شامل ٿين ٿا. هنن سانيٽس ۾ اسان کي خلوص ۽ سچي جذبي جو احساس ملي ٿو. هنن ۾ هر هڪ مضمون کي ڪيترن ئي رنگن سان رنگيو ويو آهي ۽ هر رنگ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. شيڪسپيئر جي شاعري سگهاري ۽ ڪلاسيڪل آهي، جنهن جو احساس هن جي سانيٽس مان به ٿئي ٿو.
وليم شيڪسپيئر جي خاص صنف ڊراما نگاري آهي. هن پنهنجي ڊراما نگاريءَ جي
شروعات 27 ورهين جي ڄمار ۾ لاسٽ وز ليبرز لو (Last Labor’s Love) کان ڪئي ۽ اهڙي ريت ھن ويهن ورهين جي ننڍڙي عرصي ۾ 38 ڊراما لکي ورتا. شروع شروع ۾ هن پنهنجي دور جي مشهور ڊراما نگارن جو نقل ڪيو. ان خيال کان ڏٺو وڃي ته سندس شروعاتي ڊرامو ٽائٽس ايندرونيڪس (Titus Andronicus) ڪڊ ۽ مارلو جي جيو آف مالٽا (Jew of Malta) جو نقل آهي. آخر ۾ شيڪسپيئر ٽي اهڙا ته ڊراما لکيا جو اهي ان وقت جي سماج لاءِ بلڪل نوان هئا، جنهن کي رومان (Roman) چيو ويو، انهن ڊرامن ۾ دلڪش فضا نظر اچي ٿي. جنهن ۾ (The Winter’s Tale) ۽ (The Tempest) اهم آهن. هنن ڊرامن ۾ بيباڪيءَ جي هڪ عجيب فضا آهي، امن ۽ رومانوي خوشيءَ جي پڌرائي به تمام سنجيدگيءَ سان ڪيل آهي.
تقريبن 1592ع کان شيڪسپيئر پنهنجو هڪ الڳ رخ اختيار ڪيو ۽ هن ۾ نيون
صلاحيتون اڀري آيون. 1601ع تائين هن اهڙا ته تاريخي ڊراما لکيا جو اهي ڊرامائي دنيا ۾ اڄ تائين به بي مثال آهن. شيڪسپيئر وڌ ۾ وڌ پنهنجو تخليقي ڪم 1589 ۽ 1613ع جي وچ واري عرصي ۾ ڪيو. هن جي شروعاتي ڊرامن جا خاص موضوع طنز ۽ تاريخون هئا ۽ اهي لکڻيون ان صنف ۾ لکيل بهترين تخليقي ڪمن ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. هن جا ڪيترائي ڊراما هن جي حياتيءَ ۾ ئي شايع ٿي چڪا هئا، باقي رهيل ڊراما مختلف وقتن تي شايع ٿيندا رهيا. هن جا ڊراما گھڻو ڪري سڀ شاعراڻا آھن. اهڙن ڊرامن ۾ “مڊ سمر نائيٽس ڊريم” قابل ذڪر آھي. هن ڊرامي ۾ ھڪ ئي وقت ٽي پلاٽ گڏ ھلن ٿا. هن هڪ ئي وقت مختلف پلاٽن کي اهڙي ته نموني منظم ڪيو آهي جو پڙهندڙ دنگ رهجيو وڃي. دنيا ۾ شايد ئي ڪنهن ٻئي اديب ايتري شھرت ماڻي هجي جيتري شيڪسپيئر ماڻي آهي.
شيڪسپيئر عالمي ادب ۾ بي مثال مقام رکي ٿو. شيڪسپيئر جي عظيم هجڻ جا ڪافي سبب آھن جن جي ڪري هن ماڻھن جي دلين تي راڄ ڪيو آھي. مثال طور سڀ کان اول ته شيڪسپيئر راڻي ايلزبيٿ واري ٻوليءَ ۾ لکيو. جيڪا ان دور جي شاهي زبان هئڻ سان گڏ بادشاهه جيمس واري بائيبل جي ٻولي پڻ ھئي. بهرحال ان وقت ڪجهه ماڻھو ته اهو به چوڻ لڳا ته راڻي ايلزبيٿ جي زبان خدا جي زبان آھي. پر اهو الميو دنيا جي مڙني خطن جي ماڻھن سان گهڻي وقت کان وٺي رهيو آھي ته هو موقعو ملڻ تي هروڀرو به پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت يا وري ادب کي مٿاهون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ ان کان سواءِ هي اهو دور هو جو انگريز پاڻ کي ٻين سڀني قومن کان اعليٰ سمجهندا هئا ۽ انگريزي ادب جو به عروج هو. تنهنڪري شيڪسپيئر انهيءَ صورتحال مان ڀرپور فائدو ورتو، پر اها به هڪ چٽي حقيقت آھي ته اڄ به انگريزي ٻوليءَ کي دنيا ۾ اعليٰ حيثيت حاصل آھي ۽ اهو ان ڪري به جو برطانيه دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ پنهنجون بيٺڪون (Colonies) قائم ڪيون ۽ جتي جتي به انهن اهي بيٺڪون قائم ڪيون، انهن اتي جي اصلوڪن تي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اهڙو ئي هڪ مثال اسان وٽ ننڍي کنڊ جو به آهي، ڏٺو وڃي ته ننڍي کنڊ ۾ انگريزي ٻولي ۽ ادب سان ماڻهن جو وڏو چاهه آهي. گھڻو ڪري ان سڄي پسمنظر ۾ اهي بيٺڪيتي اثر به موجود آهن. وليم شيڪسپيئر کي اڄ به انهيءَ چاهه سان پڙھيو وڃي ٿو جنهن سان کيس اڄ کان تقريبن پنج سئو سال اڳ پڙھيو ويندو هو.
ان جا ڪجهه سبب هي به آھن جو هن پنهنجي دور جي ماڻھن جي ذهني ڪيفيت کي سمجهندي انهيءَ مطابق پنهنجا ڊراما لکيا ۽ انهن ۾ هو زندگيءَ جي چٽي نموني عڪاسي ڪري ٿو، جن ۾ ڪا به ڦيرڦار نٿو ڪري جيڪو جيئن آهي تنهن کي تيئن پيش ڪري ٿو. انهيءَ ڪري ماڻھو کيس سندن زندگيءَ جو صحيح ترجمان سمجهي کيس بيحد مان ڏين ٿا.
ڪافي عرصي کان محقق ان ڳالهه جي تحقيق ڪندا رهيا آهن ته شيڪسپيئر سان لاڳاپيل هي هيترو سارو تخليقي ڪم حقيقت ۾ شيڪسپيئر جو آهي به يا نه! ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪاپي رائيٽ وارو نظام صحيح نه هئڻ ڪري ليکڪ مختلف ليکڪن جي مواد ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار ڪري پنهنجي نالي سان شايع ڪرائيندا هئا.
)هلندڙ)