جديد پاسپورٽ جي ڄمار فقط سئو سال آهي، جڏهن پهرين عالمي جنگ جي نتيجي ۾ جنگ کان متاثر لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ آبادڪاري جو مسئلو پيش آيو ته ليگ آف نيشنز جي 1920ع جي هڪ خاص اجلاس ۾ رڪن ملڪن ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ راهداري اجازت نامي بابت طرح طرح جون تجويزون پيش ڪيون. طئي ڪيو ويو ته هڪ اهڙو دستاويز رياستي سطح تي متعارف ڪرايو وڃي، جنهن کي ليگ جا سمورا ملڪ گڏيل طور قبول ڪن. ان سفري دستاويز تي شهريءَ جي تصوير ۽ بنيادي معلومات لکيل هجي ۽ ان ۾ ايترا پنا هجن جو اچ وڃ جي رڪارڊ لاءِ مهر هڻڻ يا لکت درج ڪرڻ جي گنجائش هجي.
ائين آمريڪا 1924ع ۾ اميگريشن ايڪٽ تحت پهريون ملڪ بڻجي ويو، جنهن جديد پاسپورٽ ٺاهيو. ان اڳرائي جو هڪ سبب اهو به هو ته ڪنهن به بحران جي ڪري يا بهتر زندگي جي ڳولا ۾ سڀ کان وڌيڪ پناهگيرن آمريڪا جو رخ ڪيو. قسمين قسمين ماڻهن جي باري ۾ اندازو نه هو ته ڪيترا ڏوهاري آهن ۽ ڪيترا قانون پسند. تنهنڪري نه رڳو آمريڪا پنهنجن شهرين لاءِ بلڪه پرڏيهين لاءِ به اهڙي دستاويز تي شرط لاڳو ڪيا جيڪي ان جي رياست جاري ڪيا هجن. جيڪو به اهو دستاويز ڏيکاريندو، ان تي نيويارڪ ۽ سان فرانسسڪو سوڌو ڪنهن به اميگريشن لاءِ نامزد بندرگاهه يا سرحدي رستي تي پهچندي ئي آمد جو ٺپو لڳايو ويندو هو. شروع ۾ ايندڙن جي ٽڪڻ جو مدو گهڻو هوندو هو. آهستي آهستي ويزا جاري ٿيڻ لڳو.
ان کان اڳ هزارين سالن کان انسان سرحدن جي وچ ۾ آزادي سان لڏپلاڻ ڪرڻ جو هيراڪ هو. گهمڻ ڦرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو ڪو تصور نه هو. پنڌ ڊگها ۽ اڄاڻ هئا، قومون هڪٻئي جي باري ۾ گهڻو ڪري ٻڌ سڌل ڄاڻ رکنديون هيون. واپاري طبقو سرڪاري عهدي، ظلم ستم جا ستايل ۽ پوءِ فرار ٿيل ماڻهو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ايندا ويندا رهندا هئا. انهن جي باري ۾ ڄاڻ لاڳاپيل ٿاِڻي يا ناظم وٽ درج ٿيندي هئي ۽ ائين انهن کي ٽڪڻ ۽ پناهه جو حق ملي ويندو هو. پاسپورٽ اصل ۾ 20هين صديءَ ۾ انسان جي انسان تي شڪ شبهن ۽ عالمي قومي بدنظمي جي دستاويزي پيداوار آهي. پر پاسپورٽ تي سفر ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين گهڻو سولو هو. ويزا لاءِ ايترا گهڻا ڪاڳر پٽ ڪونه ڏيڻا پوندا هئا. زبان تي گهڻو اعتبار ڪيو ويندو هو ۽ ويزا اڳ وٺڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هوندي هئي.
پاڪستان پاسپورٽ 1965ع جي جنگ تائين سواءِ سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي ڪميونسٽ رياستن جي ڀارت سوڌو هر ملڪ لاءِ اڳواٽ ويزا کان سواءِ بنا سفر ڪيو ويندو هو. 65ع واري جنگ کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجن پنهنجن شهر لاءِ اڳواٽ ويزا ماڻڻ جو شرط لاڳو ڪيو ۽ وقت سان گڏوگڏ شرط به سخت ٿيندا ويا. 1970ع ۾ آمريڪا پاڪستاني پاسپورٽ تي آن ارائيول ويزا شرط ختم ڪري اڳواٽ ويزا ماڻڻ جو شرط لاڳو ڪري ڇڏيو.
1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت عام ماڻهو لاءِ پاسپورٽ جي حاصلات جو طريقو سولو ڪري ڇڏيو. ان جي ڪري خليجي ملڪن ۾ روزگار جي حاصلات لاءِ عام پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ سفر ڪرڻ جي قابل ٿي ويو. ڀٽي کان اڳ ۾ عام شهري کي عالمي پاسپورٽ ايتري سولائي سان جاري نه ٿيندو هو. ان کي فقط حج پاسپورٽ آسانيءَ سان ملي ويندو هو. 1974ع ۾ پاڪستاني پاسپورٽ تي هڪ واڌو مهر لڳڻ شروع ٿي وئي ته اهو دستاويز سواءِ اسرائيل ۽ اتر آفريقا جي هر ملڪ جي سفر لاءِ ڪارائتو آهي۔ (اڄ اسرائيل واحد ملڪ آهي جتي پاڪستاني پاسپورٽ تي وڃڻ جي اجازت ڪانهي.)
1979ع ۾ افغان گهرو ويڙهه دوران اولهه جي ملڪن ۽ ضيا حڪومت ۾ هڪ پاسي ياريون وڌيون ته ٻئي پاسي 1983ع ۾ برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن پاڪستاني پاسپورٽ تي سفر ڪرڻ لاءِ آن ارائيول ويزا جي سهولت ختم ڪري ڇڏي ۽ پوءِ آهستي آهستي اها سهولت برادر خليجي ملڪن به واپس وٺي ڇڏي. نائن اليون کان پوءِ اها بي توقيري وڌي وئي. جيئن جيئن عالمي سطح تي دهشتگرديءَ ۾ پاڪستاني شهرين کي ملوٽ هجڻ يا انساني اسمگلنگ ۽ منسيات جي گذرگاهه جو تاثر پاڙ پڪڙيندو رهيو ته پاڪستاني پاسپورٽ جو اثر به سسي ويو.
اهو پاسپورٽ چاليهه سال اڳ ڪنهن به ترقي يافته ملڪ جي پاسپورٽ برابر هو، اڄ ان جو حال اهو آهي ته ان تي هڪ سئو نانوي ملڪ مان فقط ٽن ملڪن لاءِ اڳواٽ ويزي جو سفر ممڪن آهي. جڏهن ته بنگلاديش جي پاسپورٽ تي 41 ۽ ڀارت جي پاسپورٽ تي 61 ملڪن جو بنا اڳواٽ ويزا سفر ممڪن آهي.
پاڪستان کان گهٽ فقط شام، عراق ۽ افغانستان آهن، جن جا شهري ترتيبوار، ٽيهه، 19 ۽ 27 ملڪن ۾ اڳواٽ ويزا جي داخل ٿي سگهن ها. 2018ع جي فهرست ۾ اسين هيٺيان کان پنجين نمبر تي هئاسين پر هڪ ٻئي ملڪ اڳواٽ ويزا جي سهولت واپس ورتي ۽ هاڻ اسين هيٺ کان چوٿين نمبر تي آهيون ۽ اها ريٽڪنگ لڳ ڀڳ 2016ع کان پوءِ لاڳيتو برقرار آهي.
پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ هڪ وقت 28 ملڪن مان اڳواٽ اي ويزا لاءِ آن لائين اپلاءِ ڪري سگهن. (ايندي گوا اينڊ باباڊوش، سورينام، بوليويا، سينٽ ڪٽس اينڊي نيوس، سائوٿ تومين اينڊ پرنسپي، ايٿوپيا، ڪانگو، ڊي آرسي، آئيوري ڪاسٽ، گني، ڏکڻ آفريڪا، زميبيا، زمبابوي، بينن، ڪينيا، مداگاسڪر، روانڊا، ليسوٿو، ملاوي، يوگنڊا، ڪرغستان، تاجڪستان آزربائيجان، مليشيا، ميانمار، ڪمبوڊيا، يو اي اي، بحرين)
30 ملڪن ۾ اي ويزا سان گڏ ويزا آن آرائيول جي سهولت آهي. (بينن، ڪينيا، مداگاسڪر، روانڊا، يوگنڊا، برونائي، برونڊي، ڪيب ويردي، ڪموروز، گني بسائو، مالديپ ماريطانيه، نيپال، سشلز، سيراليون، صوماليه، ٽوگو، توالو، بوليويا)
جڏهن ته ڏهن ملڪن ۾ پاڪستاني ويزا فري داخل ٿي سگهن ٿا. (قطر، بيلاروس، ڊيمينڪا، ڊمنيڪن ري پبلڪ، هيٽي، مائيڪرونيشيا، سنيٽ وسنٽن ايند دي گريناڊائز، سمووا، ٽينڊاڊا ايندا ٽوباگو، ونوتو)
دل تي هٿ رکي ٻڌائجو ته ڄاڻايل فري ويزا ڏهن مان سواءِ قطر جي ڪيترا پاڪساني باقي نو جاين تي سير، روزگار يا تعليم لاءِ وڃڻ چاهيندا. جڏهن ته پاڪستان ۾ 65 ملڪن جا ماڻهو ويزا آرائيول جي سهولت مان مستفيد ٿي سگهن ٿا ۽ اسين آهيون جو پنهنجن ماڻهن لاءِ انهن 65 ملڪن کان به ويزا آن آريئول جي سهولت نه مڃرائي سگهياسين.