ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بجلي اگهن ۾ واڌ، عوام تي معاشي بار

Editorial

پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت وانگر پي ڊي ايم جي حڪومت به اهو طئي ڪري ورتو آهي ته عوام تي مهانگائيءَ جو بار وجهي ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش وڃي. پر ملڪ جي معيشت ڪڏهن به مهانگائي وڌائي بهتر نٿي ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ان سان اڃا به معاشي معاملا بگاڙ جو شڪار ٿي ويندا آهن. پي ڊي ايم جي حڪومت ايندي ئي پيٽرول جا اگهه وڌايا ويا، ان کان پوءِ گيس توڙي بجليءَ جي اگهن ۾ لاڳيتي واڌ ٿيندي پئي رهي. جيڪڏهن ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ناهي ڪرڻو ۽ حڪومت رڳو عوام جي مٿان ٽيڪس مڙهي معيشت کي بهتر ڪرڻ ٿي چاهي ته پوءِ ان سان ڪڏهن به ملڪي معيشت کي سهارو ڪونه ملي سگهندو. ڇا حڪومت کي اهو اندازو ناهي ته عوام هاڻ ايتري مهانگائي ۽ اجاين ٽيڪسن جا بار نٿو سگهي ٿي. عوام ۾ هاڻ ايتري سگهه ئي ناهي رهي ته هو وڌيڪ مهانگائي برداشت ڪري سگهي. تنهنڪري حڪومت جيڪي ڪجهه عوام سان ڪري رهي آهي، اهو ڪنهن به ريت جائز ناهي. ان سان نه رڳو معيشت جي تباهه حالي ختم نه ٿيندي پر ملڪ کي ڪنهن به ريت پنهنجن پيرن تي نٿو بيهاري سگهجي.
هڪ ڀيرو وري حڪومت بجليءَ جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته عوام اڳ ۾ ئي مهانگي بجلي استعمال ڪري رهيو آهي. اها بجلي ايتري مهانگي آهي جو عوام هر مهيني ڳرا بل ڀري ٿو ۽ ان کان سواءِ لوڊشيڊنگ کي به منهن ڏيندو رهي ٿيو. توانائي واري وزير خرم دستگير ٻڌايو ته بجليءَ جا اگهه وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ان واڌ جو وڏو حصو فيول سرچارج بڻجي اچي رهيو آهي. بجليءَ جي قيمت ۾ 26 جولاءِ کان ساڍا ٽي رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. ٽن مهينن جي اندر بجليءَ جي قيمتن جي واڌ ٿيندي. خرم دستگير جو چوڻ هو ته ٽي مهينا مشڪل آهن نومبر کان گهٽتائي اچي ويندي. اسان کي ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ کي منهن ڏيڻو پيو پوي. حڪمرانن لاءِ ڪنهن به اسم جا اگهه وڌائڻ ڪو مسئلو ناهي پر اصل مسئلو ته عوام لاءِ آهي، جنهن جي کيسي تي بار پوندو رهندو آهي. هن وقت نه رڳو ملڪ جون معاشي حالتون خراب لڳيون پيون آهن پر عوام جون معاشي حالتون به تمام گهڻيون خراب آهن، جن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ظاهري طور حڪومت وٽ ڪو پلان ڪونهي. پر ڇا عوام تي معاشي بار وجهڻ جو سلسلو جاري رهندو ۽ ائين ئي حڪومت واحد هلي سمجهي ٿي. حڪومت بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي بهتر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اها متبادل توانائي جي ذريعا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جن سان عوام کي وڏو رليف ملي سگهي ٿو ۽ ان کان سواءِ اها سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن وقت تائين جيتري تيزيءَ سان عام استعمال جي اسمن جي قميتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ ائين ٿو لڳي ته حڪومت ان ڪري آئي آهي ته جيئن اها مهانگائي ڪري سگهي ۽ هر حوالي سان عوام کي تڪليف ڏيندي رهندي. پر ان سان اها عوام جو پلو ڪونه ڪري رهي آهي.
هن صورتحال ۾ جڏهن عوام اڳواٽ ئي معاشي طور ڏتڙيل آهي ته مٿان وري مهانگي بجليءَ جو فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو عوام کي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. هاڻوڪي فيصلي کان پوءِ اهي ماڻهو جيڪي پگهار تي گذارو ڪن ٿا، اهي پنهنجي آمدنيءَ جو وڏو حصو بجليءَ جي بلن جي مد ۾ ادا ڪندا هوندا. تنهنڪري ان پاسي به حڪومت کي سوچڻ گهرجي. پي ڊي ايم جي حڪومت هن وقت تائين اهڙُو ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن سان عوام کي ڪو رليف ملي سگهيو هجي. هر وزير اها ڳالهه ڪندو آهي ته ڪجهه مهينا ڏکيا آهن، ان کان پوءِ هر مسئلو حل ٿي ويندو ۽ سکيو وقت اچي ويندو. آخر اهي ڪجهه ڏکيا مهينا ڪڏهن گذري دنگ ڪندا ۽ ڪڏهن عوام سکيا ڏينهن ڏسندو ۽ اهي سڀ ڏکيا ڏينهن عوام لاءِ ئي ڇو آهن. حڪمرانن پنهنجو مراعتون گهٽائڻ ۽ شاهي خرچ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڇو تيار ڪونه آهن.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ عوام دشمن فيصلو آهي، جنهن جي جيتري به نندا ڪجي سا گهٽ آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ترت اهو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ان کان سواءِ ايندڙ وقت ۾ بجليءَ جو قيمتون مرحليوار گهٽايون وڃن ته جيئن عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي ۽ عوام جي معاشي حالت ڪجهه بهتر ٿي سگهي. بجليءَ جون قيمتون ايترو تيزيءَ سان وڌائڻ کان پوءِ عوام جون مالي حالتون خراب ٿي رهيون آهن. تنهنڪري حڪومت عوام تي هر ڀيري بار وجهڻ بدران ادارن کي بهتر ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button