ڪردار نگاريءَ جي ڳالهه ڪجي ته شيڪسپيئر مارلو کان تمام گهڻو اڳيان آهي. هن پنهنجي ڊرامن جا ڪردار عام رواجي زندگيءَ مان کنيا آھن، جن ۾ ڪو به وڌاُءُ ڪونهي ۽ سندس ڊرامن جا ننڍا ننڍا ڪردار به وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري پڙهندڙن کي حيران ڪريو ڇڏين ٿا. هر ڪردار پنهنجي الڳ اهميت رکي ٿو، اسان جيڪڏهن سندس ڊرامن مان ڪو به هڪ ڪردار ڪڍي ڇڏيون ته ڊرامي جي ڪا به اهميت نه رهندي ۽ هن اهڙا ته مهان ۽ ناياب ڪردار پيدا ڪيا جو اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به ٻئي ادب ۾ اهڙا ڪردار نٿا ملن ۽ اهو آھي ئي شيڪسپيئر جي ڪردار نگاريءَ جو ڪمال! ان ڪري هن جي هر هڪ ڊرامي جي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت آھي. هو هڪ عظيم دانشور، ڏاهو ۽ شاعراڻي طاقت جو ليکڪ آهي. هن جا ڪردار نه مڪمل طور سچا آهن نه وري مڪمل طور فرضي آهن ۽ اها ئي هن جي خاصيت آهي جو شيڪسپيئر جي ڊرامن جا ڪردار حقيقي لڳن ٿا. اسين سندس هيمليٽ (Hamlet) جو ئي مثال وٺون. شيڪسپيئر جي هن ناٽڪ ۾ اسان کي حقيقي زندگيءَ جون جھلڪيون نظر اچن ٿيون. هن سخت ۽ متحرڪ پيشيور زندگي گذاري ۽ اهي سڀ حالتون هن جي ڪم جي معيار ۽ رفتار تي اثرانداز به ٿيون. شيڪسپيئر انگلينڊ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ وڳوڙي دلسوز ۽ حسناتي دور مان گذريو.
اهو دور ڏڪار، فسادن، سياسي ۽ مذهبي تڪرارن جو دور هو. جيڪڏهن سندس تخليقي ڪم جو غور سان جائزو وٺبو ته ان مان سندس دور ۽ سندس زندگيءَ جو عڪس ملندو. اهي حقيقتون شيڪسپيئر جي قابليت کي ظاهر ڪن ٿيون. پر انهن حالتن مان اهو هرگز سمجهڻ نه کپي ته ڪو هن جو تخليقي ڪم انهن حالتن تائين محدود رهيو، شيڪسپيئر جي تخليقي دنيا تمام گهڻي وسيع آهي. هن هر دور لاءِ لکيو آهي. وليم شيڪسپيئر ان خيال جو هو ته اسان کي سدائين پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اظهار جي مختلف روپن کي ڳولهڻ گهرجي، جيڪي نيٺ اسان کي ڪنهن به وڏي يا وري نئين شيءِ ڏانهن وٺي وڃي سگھن ٿا.
وليم شيڪسپيئر جي اعليٰ ڪلاڪاريءَ جو سبب اهو به آھي جو هن پنهنجا ڊراما نظم جي صنف بلينڪ ورس (Verse Blank)۾ لکيا ۽ اهو ته دعوا سان چئي سگهجي ٿو ته انگريزي ادب ۾ بلينڪ ورس جي ترقيءَ ۾ ڪرسٽوفر مارلو سان گڏ وليم شيڪسپيئر جو به اهم ڪردار آھي. هن بلينڪ ورس کي نوان رنگ بخشيا. بلينڪ ورس جي استعمال سندس ڊرامن کي وڌيڪ وڻندڙ ۽ شاعراڻو بنايو. ان ڪري به شيڪسپيئر اڄ ھڪ شاعر طور به سڃاتو وڃي ٿو. اها ڳالهه ضرور حيران ڪندڙ آھي ته وليم شيڪسپيئر عام رواجي طور تعليم يافته هوندي به ڪيڏي نه ترقي ماڻي! هن وٽ ڪنهن به اداري کان ڪا ادبي ڊگري ته ڪانه هئي پر ان کان وڌيڪ هن وٽ ڏات هئي ۽ ان وٽ اهي سڀ اعليٰ گڻ ۽ صلاحيتون موجود هيون جيڪي هڪ اعليٰ درجي جي اديب ۽ دانشور ۾ موجود هجڻ گهرجن، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪڏهن وليم شيڪسپيئر هيءَ مقبوليت ماڻي ۽ فن ۾ مهارت حاصل ڪئي ته اهو انهيءَ ڪري جو هن پنهنجي جوانيءَ واري دور ۾ جڏھن هي گلوب ٿيئٽر ۾ ملازم جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو هو، تڏهن هن اسٽيج تي پيش ٿيندڙ ڊرامن جو انتهائي گهرائيءَ سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو ۽ پاڻ به انهن جي ادڪاريءَ ۾حصو وٺڻ سان گڏ ڊراما به لکڻ لڳو. اهڙي ريت ڏسندي ئي ڏسندي هن انگريزي ادب ۾ نوان الڙا متعارف ڪرايا.
وليم شيڪسپيئر جي لکڻ جو انداز به ڏاڍو منفرد آهي ته ڊرامن جي بناوت به. هو تجربن ۽ جدت کان پري هرگز ناهي، هن عظيم ليکڪ موجب هڪ ڪاروباري دنيا ۾ اسان کي بهادر ٿيڻو پوندو، ڪجهه نئون ڪرڻو پوندو ۽ خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو. خاص ڪري هن جي ٽريجڊي صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ هڪ جدوجھد آهي. وليم شيڪسپيئر ڊرامي جي پراڻن يوناني قاعدن قانونن ۾ تبديلي آندي، انهن ۾نواڻ آڻي ٽريجڊي ۽ ڪاميڊيءَ کي نئون روپ ڏنو ۽ انهيءَ تي مٿس تنقيد به ٿيندي رهي. شيڪسپيئر وٽ اهڙي ته ڏاهپ ۽ ڏات هئي جو ڪو به کيس مات ڏيئي نه سگهيو. هن انگريزي لغت ۽ جملن جي واڌ ويجهھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هن انگريزي ٻوليءَ کي رنگين ۽ مالامال بڻائي ڇڏيو. هن نه فقط نوَن لفظن جو ذخيرو ڏنو پر پهرين موجود لفظي معنائن ۾ پڻ تبديلي آندي. شيڪسپيئر جو اثر آرٽ، ادب، ٻولي ۽ تخليقي فن جي وسيح دنيا تي رهيو آهي. انگريزي ڊرامي جي تاريخ شيڪسپيئر جي لکڻين مان ظاهر آهي. شيڪسپيئر جي عظمت ان مان ئي ظاهر آهي ته هو فقط پنهنجي ملڪ جو ئي نه پر سڄي دنيا جو اديب آهي، پنهنجي دور جو ئي نه پر سمورن دورن جو آهي. شيڪسپيئر جهڙي همه گير دنيا جي گھٽ تخليقڪارن وٽ ملي ٿي، هي هڪ عظيم ڪلاسيڪل شاعر به آهي، ايپڪ شاعر به آهي، فلسفي شاعر به آهي، ته ڊراما نگار به آهي. هن کي فقط ڊراما نگاريءَ ۾ ئي نه پر هر صنف ۾ مهارت حاصل آهي. شيڪسپيئر جي تخليقن ۾ ڪائنات جا تمام جوهر نظر اچن ٿا. هن گھڻن خيالن ۽ نظرين کي آزمايو پر ڪنهن جي به طرف داري نه ڪئي.
شيڪسپيئر پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال واپس ڳوٺ ۾ اچي گذاريا. سندس آخري آرامگاهه درياهه ايون جي ڪناري تي آهي، جيڪا اڄ به سندس مداحن لاءِ زيارت گاهه جي حيثيت رکي ٿي. هن جي لکڻي ادب جي هر شعبي ۾ هڪ مثال آهي. وليم شيڪسپيئر جو ادبي ڪم هر دور ۾ هڪ جيتري اهميت رکي ٿو. دنيا جي ٻين ليکڪن وانگر شيڪسپيئر تي به تنقيد ٿيندي رهي آهي. خاص ڪري 17 هين ۽ 18 هين صديءَ ۾ هن جي ڪمن تي ڪافي تنقيد ٿي. مثال طور 18هين صديءَ ۾ سَموئِل جانسن ۽ 20هين صديءَ ۾ جارج برنارڊ شا جي تنقيد قابل ذڪر آهي.
ٽي ايس ايليٽ جي تنقيد شيڪسپيئر جي تخليقي ڪمن کي اڃان وڌيڪ مشهور ڪيو. هنن خاص ڪري اخلاقيات واري پاسي تي وڌيڪ زور ڀريو آهي. مذهبي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته شيڪسپيئر هر مذهب جو اهڙي طرح ته ذڪر ڪيو آهي جو ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هي آهي ئي ان مذهب جو پيروڪار. ان ڪري هر فرقي جا عيسائي توڙي هر مذهب جا ماڻهو هن کي پنهنجو ترجمان سمجھن ٿا. ڏٺو وڃي ته شيڪسپيئر هڪ تصوراتي ۽ روحاني دنيا جي ڪناري تي ته ضرور پهچي ٿو پر هو هن دنيا کان ٻاهر هرگز ناهي. هي بظاهر هڪ فلسفي ته ناهي پر سندس ڪلام ۾ اها گهرائي موجود آهي. سندس ڪلام ۾ فلسفياڻا رنگ اهو ثابت ڪن ٿا ته فن ۽ فنڪار هر لحاظ کان مٿانهان آهن.
)پورو ٿيو)