”پنجاب جو وڏو وزير حمزا شهباز نه پر پرويز الاهي چوڌري آهي“
ملڪ جي سڀ کان اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ پاران اهو فيصلو گذريل رات پوڻين نائين وڳي ٻڌايو ويو. فيصلو جنهن جو انتظار ٻن ڏينهن کان وٺي جاري هو. فل بينچ وارو حڪومتي اتحاد جو مطالبو مسترد ٿيڻ ۽ حڪمران اتحاد جي وڪيلن پاران ڪورٽ جي ڪارروائيءَ جو بائيڪاٽ ڪرڻ باجود به پنجاب اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر جي ڏنل رولنگ تي ان فيصلي جي انتظار جي آزمائش ۾ صرف حڪمران ڌر ۽ مخالف ڌر نه پر سياسي، صحافتي حلقن کان وٺي ملڪ جو عوام به هو. اهو فيصلو جنهن تي سوشل ميڊيا سياسي ماڻهن جي تبصرن سان سٿيل هو. جنهن کي جيئن وڻيو، ان ائين پنهنجي راءِ جو اظهار ٿي ڪيو. جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته اهو ”اظهار جي آزاديءَ جو ڏينهن“ هو ته غلط نه ٿيندو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جهڙي ملڪ جي اعليٰ انصاف واري فيصلي تي ايترا گهڻا تبصرا ملڪي تاريخ ۾ مشڪل ٿيا هجن. پر جهڙي طرح اردوءَ ۾ چوندا آهن ته ”ڪفر ٽوٽا خدا خدا ڪرڪي“ تهڙي طرح اهو فيصلو به تمام گهڻي تڪليف واري انتظار کان پوءِ منظر عام تي آيو. مخالف سياسي پارٽين جا اڳواڻ انتظار جي اذيت دوران هڪ ٻئي مٿان ٽوئٽر تي سخت تنقيدي حملا به ڪندا رهيا. پر جڏهن گهڙيال جي ڪانٽن 8 وڄي 55 منٽ وقت جو گهنڊ وڄايو، تڏهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اهو فيصلو صادر ڪيو ته حمزا شريف پنجاب جو وڏو نه پر پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي آهي. سپريم ڪورٽ اهو به حڪم ڏنو ته اڄ رات پرويز الاهيءَ کان پنجاب جي وڏ وزارت جو حلف ورتو وڃي. اهو هڪ تمام وڏو فيصلو آهي. اهو فيصلو جنهن جو انتظار پوري ملڪ کي ٻن ڏينهن کان وٺي شدت سان هو. پرويز الاهيءَ جي وڏي وزير ٿيڻ کان پوءِ وفاقي حڪومتي اتحاد ڪهڙو قدم کڻندي؟ ان جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڪيو ويندو.
اها انساني فطرت آهي ته جيڪو فيصلو جنهن جي مفاد ۾ هوندو آهي، اهو ته هن کي دل سان قبول هوندو آهي پر جيڪو فيصلو ان جي مفاد خلاف هوندو آهي، اهو عدل ۽ انصاف جي عين مطابق لڳندو آهي. پر سياسي پارٽين کان اها توقع ڪئي ويندي آهي ته انهن جو ردعمل هڪ عام انسان جي ردعمل جهڙو نه هجي. انهن جو ردعمل اهڙو هجي، جنهن مان عام ماڻهوءَ کي سبق ملي.
پاڪستان ۾ عدليا جي حوالي سان منڍ کان وٺي ڪي نه ڪي تڪرار رهندا آيا آهن. اقتداري سياست ڪندڙ ڌرين فردن انصاف جي اداري سان پنهنجي ٽڪراءَ جي صورت ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار به ڪيو آهي ۽ اهو اظهار ڪڏهن سرد ۽ ڪڏهن گرم رهيو آهي. جيڪڏهن هن مهل مسلم ليگ ن جو موڊ تمام گهڻو خراب آهي ته ان کي ماضيءَ جي مثالن سان ڀيٽي ڏسبو ته معلوم ٿي ويندو ته اها ڳالهه نئين ناهي. ڇو ته اهو وقت به هو، جڏهن ميان نواز شريف کي ڪرپشن جي سزا ڏيندي اقتدار کان الڳ ڪيو ويو هو ۽ هو اسلام آباد کان لاهور تائين اهو چوندو آيو هو ته ”مجهي ڪيون نڪالا“ اهو سوال ته عمران خان جي چپن تي به آيو. اهو ساڳيو سوال پيپلز پارٽيءَ پنهنجي ماضيءَ ۾ پڇيو آهي. پر هن مهل سوال ان ڪرپشن جي سزا تي آهي، جنهن ڪرپشن جي حوالي سان ڪڏهن ڪهڙو ڪڏهن ڪهڙو موقف اختيار ٿيندو رهيو آهي.
ملڪ ۾ هن مهل جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، اهو جو بظاهر سبب ته پنجاب حڪومت آهي پر اصل ۾ ان بحران جي پاڙ تمام گهڻي اونهين ۽ تمام گهڻي پراڻي آهي. اهو بحران ان سبب جي ڪري پيدا ٿيندو رهيو آهي جو پاڪستان ۾ اقتدار پسند سدائين اهو چاهيندا رهيا آهن ته فيصلا انهن جي مرضيءَ مطابق هجن. جيڪڏهن انهن جي مرضيءَ مخالف فيصلا آيا ته پوءِ انهن لاءِ احتجاج جو ميدان ئي آخري آپشن طور تي نظر ايندو رهيو آهي. اسان کي سمورو الزام صرف موجوده حڪومت مٿان مڙهڻ نه گهرجي. ڇو ته اهو سمورو احتجاجي طوفان ڪڏهن ٻين طرف به نظر آيو هو. اهو نمونو نئون ناهي.
عمران خان جون اهي تقريرون ڪير ٿو وساري سگهي؟ جن ۾ هو بار بار اهو پڇا ڪندو هو ته اڌ رات جون عدالتون کولڻ جو آخر ڪهڙو سبب هو؟ پر ساڳي طرح جڏهن لاهور واري اقتداري بحران سبب رات جو عدالت کلندي ٻڌي وئي ته ساڳيو ردعمل ان اتحاد جو به هو، جنهن جو اڳ ۾ خيال هو ته اها انصاف جي عظمت آهي، جنهن آئين جي تحفظ خاطر آڌي رات جو سجاڳ ٿي اهو ثبوت ڏنو ته انصاف ڪنهن به وقت ڪري سگهجي ٿو. پر هاڻي ساڳي اتحاد کي ڪاوڙ آهي ۽ ان جون آڱريون ان اداري طرف اٿي رهيون آهن، جنهن اداري مٿان الزام ڪا نئين ڳالهه ناهي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ هن ڀيري اسان کي وڳوڙ جي صورت وڌيڪ ان ڪري به نظر اچي رهي آهي جو ماضيءَ ۾ ماڻهن جو ردعمل ميڊيا تائين محدود هوندو هو ۽ ميڊيا ته هن ملڪ ۾ منڍ کان وٺي مجبور رهندي آئي آهي. پر سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ ڪا حڪومت ماڻهن جي اظهار کي روڪي نه ٿي سگهي. ان ڪري ڪنهن قوت لاءِ اهو ممڪن نه رهيو آهي ته صرف هڪ هدايت سان پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد کي روڪي سگهي. اسان کي سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه نظر ايندو رهيو آهي، اهو ڪجهه ماڻهن جي دلين ۾ دٻيل اها ڪاوڙ به آهي، جيڪا گهڻي وقت کان وٺي انهن سانڍي رکي هئي. هونءَ به جڏهن وقت پنهنجي واٽ کي تبديل ڪندو آهي تڏهن اٿل پٿل ضرور ايندي آهي. هن مهل به پاڪستان جي صورتحال تمام گهڻي بيچينيءَ جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي ۽ اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه اڳ ۾ نظر نه آيو هو. هن وقت ڪجهه سوال پنهنجو پاڻ پيدا ٿي رهيا آهن. انهن سوالن ۾ هڪ اهم ترين سوال اهو آهي ته آخر هي ملڪ هن قسم جون حالتون ڪيستائين افورڊ ڪري سگهندو؟ ڇا انهن حالتن جو ڪو انت ايندو؟ ڇو ته بحران ڪڏهن به پنهنجو پاڻ ختم نه ٿيندا آهن. بحرانن کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي طور قدم کڻڻا پوندا آهن ۽ عملي قدم قدم کڻڻ جي سلسلي ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. پر جڏهن فيصلا تسليم نه ڪيا وڃن ته پوءِ انهن جو حل ڪهڙو آهي؟
ملڪ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ خبر هلي هئي ته اسٽيبلشمينٽ پاران نرم مداخلت پنهنجا مرحلا طئه ڪري رهي آهي. هن مهل سياسي پارٽين جو به موڊ ڪجهه اهڙو آهي. هو سڀ هڪ وڏي فيصلي يا جرڳي جي تمنا ڪري رهيون آهن. انهن جو خيال آهي ته انهن ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، انهن کي معاف ڪيو وڃي ۽ انهن جا ڏوهه گناهه بخش ڪري انهن کي اقتدار جو حصو ڏنو وڃي. ان حوالي سان اسان وٽ هميشه قومي حڪومت جو آپشن به پيدا ٿيندو رهندو آهي. هن مهل به ساڳي صورتحال آهي. هن وقت به ڪجهه حلقن پاران ورهايو ۽ سڀني کي گڏايو وارو فارمولو پيش ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ عمران خان کي اعتراض آهي.
عمران خان جي اعتراض کي سمجهڻ گهرجي ته آخر هو اهو اعتراض ڇو ڪري رهيو آهي؟ ان اعتراض جو سبب اهو آهي ته عمران خان هڪ تمام اصول پرست سياستدان آهي؟ عمران خان جو خيال آهي ته هن ايتري ڪرپشن نه ڪئي آهي، جيتري ٻين ڪئي آهي ته پوءِ انهن کي سزا ۽ سندس کي جزا ڇو نه ٿي ڏني وڃي؟ ان سوال جي سلسلي ۾ پاڪستان جي موجوده سياسي بحران کي ڏسي به سگهجي ٿو. پر جڏهن به ڪوئي معاهدو ٿيندو ته هر ڪنهن جي ڳالهه ٻڌي به ويندي ۽ هر ڪنهن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش به ٿيندي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪير واقعي به مطمئن ٿيندو يا نه ٿيندو؟
هيءَ حڪومت ايتري سگهاري هرگز ناهي جيڪا ان قسم جو الجهاءُ افورڊ ڪري سگهي. جنهن حڪومت جي بنياد تمام گهڻو ڪمزور هجي. جنهن حڪومت کان ٻه چار ميمبر الڳ ٿي وڃن ته حڪومت پنهنجو پاڻ ڦهڪو ڪري. اها حڪومت رياست جي ايڏي وڏي اداري کي ڪهڙي طور تي للڪاري ٿي سگهي؟ ان جا ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. هڪ ته حڪومت جي پٺ تمام گهڻي مضبوط هجي. ٻيو ته حڪومت کي اهو سمجهه ۾ اچي چڪو آهي ته هن کي وٽ وڃائڻ جي لاءِ ڪجهه ڪونهي پر حاصل ڪرڻ جي لاءِ اها سياسي ساک موجود آهي، جيڪا سرڪار ۾ اچڻ کان پوءِ انهن اتحادي پارٽين وٽ تمام ٿوري مقدار ۾ رهي آهي، جيڪي اتحادي پارٽيون هڪ پاپولر مخالف ڌر سان مقابلو ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ان سلسلي ۾ ڪير ٿو ڄاڻي ته سڀاڻي ڇا ٿئي؟ پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته هن مهل جيڪي ملڪ جون سياسي حالتون آهن، اهڙيون حالتون اڳ ڪڏهن به هن ملڪ جي مقدر جو حصو نه بڻيون هيون.
پاڪستان هڪ مخصوص سياسي صورتحال ۾ رهندڙ ملڪ جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو. پاڪستان جي لاءِ اهو مشهور آهي ته هن ملڪ ۾ اقتداري سياست ڪڏهن به آزاد نه رهي آهي. ملڪي سياست جي سفر ۾ ته اهو به نظر آيو آهي ته ڪنهن ڪنهن وقت جڏهن اقتدار لاءِ بيچين ۽ بيقرار قوتون تمام گهڻيون پريشان هونديون آهن، تڏهن انهن کي پنهنجي اها غلامي ياد ايندي آهي، جنهن ۾ انهن اقتدار انهن جي قريب هو. پاڪستان ۾ اقتدار لاءِ وڙهندڙ سياسي پارٽين جو اسٽيبلشمينٽ سان عجيب تعلق به نظر ايندو رهيو آهي. آزاد سياست لاءِ پڪاريندڙ قوتن کي ڪڏهن ايئن به ڏٺو ويو آهي، جيئن هڪ اردو شاعر لکيو آهي:
”اتني مانوس صياد سي هوگئي
اب رهائي ملي بهي تو مر جائين گي“
اهو ئي سبب هو ته جڏهن اقتدار ڏيڻ واري قوت جو اڳوڻي مخالف ڌر جي مٿان ڏمر هو، تڏهن اهي صرف ۽ صرف ڌيان ڇڪائڻ لاءِ شڪايتون به ڪندا هئا ۽ مارچون به منعقد ڪندا هئا. ان وقت هو اهو به چوندا هئا ته صرف چانهن سان ڪم نه هلندو. اسان کي برياني به گهرجي. اهو سمورو تماشو پاڪستان جي اقتداري سياست ۾ ٿيندو رهيو آهي. هن مهل به اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي. پر ڇا اهو ڪجهه ائين ئي ٿيندو رهندو؟