ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچيءَ ۾ سنڌ حڪومت جي ‘ڳوٺ مسمار’ مهم

Editorial

سنڌ ۾ ڪجهه عرصي کان وٺي حددخلين خلاف آپريشن هلندڙ آهي. اهو آپريشن نه رڳو وڏن شهرن ۾ پر ننڍن شهرن ۾ به هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تان قبضا ڇڏايا به ويا آهن، جنهن جي ڪري شهرين لاءِ آسانيون به پيدا ٿيون آهن. پر ڪراچي واري پاسي جيڪا صورتحال آهي، سا بنهه خراب نظر اچي رهي آهي. سنڌ حڪومت انهن ڳوٺن کي به غيرقانوني ڄاڻائي ڊاهي پٽ ڪري رهي آهي، جتي ماڻهو سوين سالن کان آباد آهن. جڏهن ته سنڌ حڪومت ڌاري آبادڪاريءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ انهن کي مالڪاڻا حق ڏئي رهي آهي، جن ۾ افغاني پٺاڻ ۽ ڪي پي ڪي جا پٺاڻ شامل آهن. هن وقت سنڌ حڪومت جي سموري انتظامڪاري پيپلز پارٽيءَ جي هٿ وس آهي ۽ اها ئي ان قسم جا فيصلا ڪري ڌرتي ڌڻين لاءِ عذاب پيدا ڪري رهي آهي، جڏهن ته اهو حق ته ڪراچيءَ ۾ آباد سنڌي وسندين جو آهي، جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان سهولتن کان وانجهيل آهن ۽ گذريل ڪئين سالن کان اهي مطالبو ڪنديون رهيون آهن ته انهن کي پڪو ڪيو وڃي، ان سان گڏ انهن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن پر هيستائين سنڌ حڪومت سنڌين وسندين لاءِ ڪو به اهڙو ساراهه جوڳو اپاءَ نه ورتو آهي. جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ته سنڌ حڪومت واقعي سنڌ واسين کي پنهنجو سمجهي ٿي ۽ انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڪجهه ڏينهن کان سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ ڳوٺ ڊاهڻ مهم شروع ڪري ڏني آهي.
ڪراچيءَ ۾ انتظاميا ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ لا پهچي وئي،مزاحمت ڪندڙ علائقي واسين تي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي وئي،3 عورتون زخمي ٿي پيون. ڳوٺاڻن حڪومت کان معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ کي غيرقانوني قرار ڏئي عمارتون ڊاهڻ دوران عملي ۽ ڳوٺاڻن ۾ چڪريون ٿي پيون، ائنٽي انڪروچمينٽ عملي پوليس جي مدد سان عمارتون ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته رهواسين مزاحمت ڪئي، پوليس ڳوٺاڻن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن دوران 3 عورتون زخمي ٿي پيون، علائقي واسين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ائنٽي انڪروچمينٽ عملو ۽ پوليس بنا جواز تنگ ڪري رهيا آهن، پهرين دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا. علائقي واسين موجب هاڻي وري رهائشي عمارتون به ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڳوٺ ۾ ورهين کان رهندڙ سوين خاندانن کي بيگهر ڪرڻ نه ڏنو ويندو. علائقي واسين حڪومت کان معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي آهي. هي بنهه شرم جوڳي ڳالهه آهي جو سنڌ حڪومت سنڌين جي وسندين ۽ ڳوٺن کي ڊاهڻ لاءِ سندرو ٻڌيو بيٺي آهي، جڏهن ته اتان جا ڳوٺاڻا لاڳيتو احتجاج پڻ ڪري رهيا آهن. ڇا سنڌ حڪومت کي ڪراچيءَ ۾ اهي وسنديون ۽ گهر نظر نٿا اچن جيڪي برساتي وهڪرن ۽ گٽر نالن تي ٺاهيا ويا آهن. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۾ ٿوري به همت آهي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪري ڏيکاري. ڇاڪاڻ ته اتي ماڻهو احتجاج ڪندي دير نه ڪندا آهن ۽ سنڌ حڪومت جا هٿ انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان سڙڻ ٿا ان ڪري اها اتي اهڙي ڪارروائي ڪڏهن به نه ڪندي. تنهنڪري اها سنڌي ماڻهن کي ننڌڻڪو سمجهندي، انهن جا ڳوٺ ڊاهڻ ۽ انهن خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت پاران ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۾ سوين سالن آباد ڳوٺ ڊاهڻ واري مهم ڪنهن به ريت قانوني ۽ جائز ناهي، تنهنڪري اهو سلسلو ترت بند ٿيڻ گهرجي. هن وقت تائين جيڪي ڳوٺ ڊاٺا ويا آهن، انهن جو ازالو سنڌ حڪومت ڪري، انهن جو جيڪو به نقصان ٿيو آهي، اهو سنڌ حڪومت ڀري ڏي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڌاري آبادڪاريءَ کي مستقل ڪرڻ بدران سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن کي مستقل بنيادن تي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن ته جيئن اهي بهتر زندگي گذاري سگهن ۽ اهي برابر جا شهري ٿي سگهن. ٻي صورت ۾ انهن جي احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button