ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

روس ـ يوڪرين جنگ ۽ عالمي امن

Editorial-Article-Yousif Bhutto

ڪنھن کي خبر ھئي ته سال 2022ع جي شروعاتي ٻئي مھيني يعني فيبروري ۾ روس ۽ يوڪرين ۾ باقاعدہ جنگ ڇڙندي ۽ دنيا ۾ معيشت جي حوالي سان ڀونچال مچي ويندو، يعني تيل ۽ گئس سميت کاڌي ۽ پيتي جي شين سميت کاڄرو تيل جي اگھن کي ھڪدم پَرَ لڳي ويندا؟ نيٺ اھو ئي ٿيو جنگ کانپو دنيا ۾ مهانگائي جو ھڪ طوفان مچي ويو.
ڪمزور معيشت وارن ملڪن کي ته ھن طوفان ٿرٿلي ۾ آڻي ڇڏيو آھِي. ھن جنگ جي سڌي يا اڻ سڌي اثرن کان ڪوبه ملڪ بچي نه سگھيو. روس ـ يوڪرين جنگ جون تياريون ته گذريل سال ئي زورن تي پھچي ويون هيون پر جنگ جي ڪنهن کي اميد ڪانه ھئي. آمريڪا ۽ يورپ روس کي سوڙھو ڪرڻ لا ان جي پاڙيسري ملڪ يوڪرين کي نيٽو جو اتحادي بنائڻ لاءِ ڪافي سالن کان ڪوششن ۾ رڌل ھئا ۽ عالمي ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب يوڪرين ۾ پنھنجا هٿيار به گڏ ڪري رھيا ھئا، جنھن عمل کي روس پنھنجي سلامتي جي خلاف ڀانيو ۽ يوڪرين کي بار بار خبردار به ڪيو پر يوڪريني صدر ان کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو. روس نيٺ يوڪرين تي حملي ڪرڻ لاءِ زمين، فضا ۽ سمنڊ ھڪ ڪري ڇڏيا. روس زمين کان زمين تي مار ڪندڙ ميزائيل ۽ ٻين بيلسٽڪ ميزائيلن سميت Multiple Rocket System ۽ انهن کانسوا ڪاري سمنڊ (Black Sea) ۾ تعينات پنھنجن خطرناڪ بحري جنگي جھازن War Ships مان ڪيليبر ۽ ڪروز ميزائيلن سان يوڪرين تي وسڪارو ڪري ڏنو.
اطلاع آهن ته روس اوڀر يوڪرين ۽ ڏکڻ يوڪرين تي مڪمل قبضو ڪري ورتو آهي. روس، يوڪرين جي شھرن ڪريميا ۽ سيوسٽاپول، لوھانسڪ، ڊونيسڪ، خارڪيف، خيرسن، ماريوپول ۽ اوڊيسا سميت ڪئين شھرن تي قابض ٿي ويو. نه رڳو اھو بلڪه يوڪرين جي ڏکڻ ۾ واقع ڪاري سمنڊ واري يوڪريني ساحلي پٽيءَ تي گذريل مھيني جون ۾ ئي مڪمل قبضو ڪري ورتو هو. يوڪرين تي حملي کانپو آمريڪا، يورپ، نيٽو ۽ آمريڪي حامي ملڪن روس تي تمام گھڻيون پابنديون مڙي ڇڏيون آهن. ان باوجود جنگ پنهنجي زورن تي آهي ۽ 6 مھينا ٿي چڪا آهن. روس تي انھن پابندين جو ڪو خاص اثر نه ٿيو، جو روس تيل ۽ گئس جي دولت سان مالامال آھي. يورپ جو گذارو ئي روسي تيل ۽ گئس تي آھي. جنھن ڪري روس ھن سال ان مان اڳ کان بنهھ وڏي آمدني حاصل ڪئي ۽ روسي ڪرنسي روبل اپريل ۾ دنيا جي چئين وڏين مضبوط ڪرنسين ۾ شامل ٿي وئي. يوڪرين جيڪو دنيا جو زرخيز ترين ملڪ آهي جيڪو پوري يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا پر خاص ڪري ايشيا جي وچ اوڀر جي ملڪن کي اناج کاڄرو تيل ۽ گوشت برآمد (Export) ڪندو هو، ھنن ڄاڻايل ملڪن جي کاڌ خوراڪ جو دارومدار يوڪرين کان گھرايل شين تي ھوندو هو. روس پاران ڪاري سمنڊ واري گذرگاهه تي قبضي کانپوءِ دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جي نه فقط کوٽ ٿي وئي بلڪه ان جون قيمتون آسمان تي پهچي ويون آهن. ڪمزور معيشتن وارا ملڪ ته ٺھيو پر سگھاري معيشتن وارا ملڪ به لوڏن ۾ اچي ويا. دنيا جي ڪئين ملڪن ۾ مھانگائي خلاف احتجاج ڏسڻ لاءِ مليا. روس بحري گذرگاھن کي کولڻ لاءِ پاڻ مٿان لڳل پابندين کي ھٽائڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي. يوڪرين دنيا جو اهو ملڪ آهي جنهن کي يورپ جي کاڌي جي ٽوڪري Food Basket Of Europe چيو وڃي ٿو. عالمي ميڊيا ۾ ته ايترو به ٻڌڻ ۾ آيو ته “دنيا جي ٿالھيءَ ۾ سَئو مانين نَوَ مانيون يوڪرين جون ھونديون آھن. دنيا ۾ ڀلو سورج مکي 50 سيڪڙو يوڪرين ۾ پيدا ٿئي ٿو.” سو اڄ اھو خوبصورت ملڪ آمريڪا ۽ نيٽو جي ڳالھين ۾ اچي عاقبت نا انديشيءَ کان ڪم وٺي روس سان جنگ ۾ الجھي ويو ۽ اڄ اھو کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ان جا لکين سھڻا يوڪريني ماڻهو يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پناهگيرن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. حالتن مان پتو پوي ٿو ته يوڪريني صدر زيلنسڪيءَ کي اھڙي صورتحال جي بلڪل به توقع نه هئي فقط 2 لک فوج رکندڙ يوڪرين جو صدر عالمي مغربي سامراجي طاقتن جي ھٿن ۾ کيڏڻ تي راضي ٿي ويو ۽ ھاڻي نيٽو کان ملندڙ مفت جي فوجي هٿيارن تي مزاحمت ڪري پيو.
ھن وقت دنيا خاص ڪري يورپ ۾ روس ـ يوڪرين جنگ کانپوءِ ھڪ خوف واري صورتحال نظر پئي اچي. عالمي ميڊيا تي نظر رکندڙ دوستن کي خبر ھوندي ته دنيا ۾ مختلف ھنڌن تي ڇڪتاڻ سبب ڪھڙي صورتحال آھي؟ ذري گھٽ ڪيترا محاذ کُلڻ وارا آھن؟ ھاڻي اھو دؤر نه رھيو آھي ته اڳ ۾ ڪن ٻن ملڪن ۾ جنگ ٿيندي ھئي ته باقي دنيا سڌي ريت متاثر نه ٿيندي ھئي. ھاڻي جيئن ته دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آھي، سو ھي اھو دؤر آھي جو ڪن ٻن ملڪن ۾ جنگ ٿئي ٿي ته متاثر سڄي دنيا ٿئي ٿي. ھنن ٻن يورپي ملڪن جي جنگ سڄي دنيا جي معيشت کي لوڏي وڌو آھي. توڙي جو ھن جنگ جي پويان نيٽو پر خاص ڪري آمريڪا جا مفاد نظر اچن ٿا.
يوڪرين 1920ع کان 1991ع تائين سوويت روس جو حصو رهيو. سوويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ يوڪرين آزادي جو اعلان ڪيو. روس ۽ يوڪرين ۾ اصل جهيڙو ڪرائيميا (پينيسوليا) واري سامونڊي لنگهھ تان 2013ع ۾ شروع ٿيو، جنهن تي روس 2014ع ۾ قبضو ڪري ورتو. ان کانپوءِ ٻيو جهيڙو روسي آبادي جي اڪثريت وارين ٻن رياستن لوهانسڪ ۽ ڊوسينڪ ۾ ٿيو. جن 2014ع کان ڪرائيميا کان آزادي لاءِ گوريلا ويڙهه ڪئي.
روس يوڪرين ۾ وڙهندڙ آزادي پسند گوريلن جي مدد جو اعلان ڪندي يوڪرين جي ٻن رياستن لوهانسڪ ۽ ڊوسينڪ کي آزاد رياستون قرار ڏئي ۽ آزاد قرار ڏنل ٻنهي رياستن ۾ پنهنجي فوج اندر موڪلي.
آمريڪا ۽ برطانيا سميت يورپي ملڪن روس جي اڳڀرائي کي يوڪرين تي حملو قرار ڏنو ۽ روس تي معاشي پابنديون به مڙيون.
ھن وقت روس يوڪرين جي اتر ۾ بيلا روس کان ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ڪريميا ۽ ڪاري سمنڊ (Black Sea) کان يوڪرين تي حملا ڪيا. عالمي ميڊيا موجب يوڪرين جا ھيستائين 40 کان وڌيڪ خوبصورت شھر کنڊر بڻجي چڪا آھن. جن ۾ مشھور بندرگاھي ۽ وڏو صنعتي شھر ماريوپول به شامل آھي. .يوڪرين اندر يا ٻاھر سرحد تي اندازن ٽي لک روسي فوج پھتل آهي. خود يوڪرين روس کي به ڳري جاني نقصان پھچائڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ۽ روس جي فوجي ساز سامان جي تباھي جي به دعويٰ ڪئي آھي.
ھن سڄي منظرنامي ۾ جنگ جي پويان جتي اصل ۾ ڪجھ ٻيا مقصد ٿا نظر اچن، اتي جنگي ھٿيارن جي واپار جي سوچ به آھي. اھو عالمي ميڊيا چوي ٿي. جيڪا ڳالھه سوچڻ جوڳي آھي. يورپي ملڪ جنگي بجيٽ وڌائين پيا. ھٿيارن جون ڪمپنيون ۽ ملڪ خوب پيسا ڪمائين پيا، جن ۾ سرفھرست آمريڪا آھي. جنھن، روس ـ يوڪرين جي ھلندڙ جنگ ۾ ننڍن وڏن يورپي ملڪن کي روسي حملي جو ڊپ ڏياري انھن کي ھٿيار وڪڻي خوب پيسا ڪمايا.
اطلاع آھن تہ روس 10 سالن کانپوءِ پنھنجي جديد ترين surmat missile جي رونمائي ڪري ڇڏي جنھن کي آمريڪا شيطان ٽو جو نالو ڏنو آھي. روس جي ھن ميزائل کي آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن جو ڪو Radar ٽريڪ نه ٿو ڪري سگھي. ھوڏانھن روسي پرڏيھي وزير سرگئي لاروف ته اھو به چئي چڪو آھي ته “روس کي روڪڻ لاءِ مغربي ملڪن چؤڻي طاقت لڳائي. روس ۽ مغرب جي وچ ۾ Total war شروع ٿي چڪي آھي.”
ھوڏانھن چين ـ تائيوان واري معاملي تي مغربي ملڪن (۽ ھاڻ نيٽو به) چين خلاف اٿي پيا آھن، چين سالن کان تائيوان واري معاملي تي ڪنھن جي به نه ٿو ٻُڌي ۽ ھو تائيوان کي پنھنجو حصو مڃي ٿو. ياد رھي ته تائيوان اھو ھڪ ننڍڙو ملڪ (ٻيٽ) آھي جيڪو دنيا ۾ چِپَ ٺاھڻ سبب خاص حيثيت رکي ٿو. چِپ اھو ننڍڙو ۽ حساس اوزار (Device) آھي، جيڪا دنيا جا ملڪ ان کان خريد ڪن ٿا ۽ انھن چِپن کي ڪمپيوٽر، موبائلز يا ٻين مختلف ڊوائيسز ۾ لڳائي ڪاروباري شعبي توڙي جاسوسي سميت ٻين ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال ڪن ٿا. عالمي ميڊيا اھو به ٻڌايو آھي ته دنيا ۾ 90 سيڪڙو چِپون تائيوان ۾ ٺھن ٿيون ان ڪري تائيوان تي اولهه جي ملڪن جي خاص نظر آھي.
هڪ خبر موجب چين خاص تارپيڊو ٺاھڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. 10 ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ خطرناڪ ترين تارپيڊو جو چين تجربو ڪيو آھي. اھو سڄي برمودا ٽڪنڊي جيڏي ٻيٽ کي تباهه ڪري سگھي ٿو. جيڪو ڊسپوزايبل نيوڪليئر ري ايڪٽر وانگر ڪم ڪندو. ھن خبر چين مخالف ملڪن خاص ڪري آمريڪا ۽ انڊيا کي ڇِرڪائي وڌو آھي. ھيءَ سڄي ذميواري عالمي طاقتن بالخصوص گڏيل قومن تي اچي ٿي ته اھا فورن خاموش تماشائي جو ڪردار ختم ڪري روس ۽ يوڪرين جنگ کي روڪرائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري ۽ وچ اوڀر، ڏکڻ چين سي ۽ ٻين ھنڌن تي ٻرندڙ معاملن کي حل ڪرائڻ ۾ اڳتي اچي ته جيئن امن جي ھڪ نئين دور جي شروعات ٿي سگهي ۽ انسانيت ڪو سک جو ساهه کڻي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button