ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪمران طبقن جي ويڙهه

Editorial-Article-Asar Imam

جڏهن ٻاهرين دشمنن جو ڊپ نه هجي ته پوءِ گهر جا جهيڙا اڀري سامهون ايندا آهن. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي گهر جو جهيڙو به اڄ ڪلهه ائين ئي اڀري سامهون اچي ويو آهي. پنجاب جي وڏ وزارت تي اوهان جيڪا پارليامينٽ ۽ عدالت وچ ۾ جنگ ڏسي رهيا آهيو سا اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ٻن ڌرين جي اندروني جنگ آهي جيڪا ڪڏهن سرد ته ڪڏهن گرم ٿي وڃي ٿي. ڪڏهن هڪڙو ته ڪڏهن ٻيو پاسو ڳرو ٿي پيو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ان اندروني ڇڪتاڻ ۽ جنگ جو اولڙو آهي. ان جهيڙي جو نتيجو ئي آهي جو هاڻوڪي حڪومت کي اقتدار سنڀالئي 100 کان مٿي ڏينهن گذري چڪا آهن پر اڃان تائين سندس ڪارڪردگي پاڪستان تحريڪِ انصاف جي حڪومت کان ڪا خاص بهتر ڪانه بڻجي سگهي آهي. مشتاق سرڪيءَ جي بقول حڪومت آڏو به اهو سوال آهي ته اسان پاڻ کي بچايون يا توهان کي بچايون؟ اسٽيبلشمينٽ جي ان جنگ جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت کي سنڀالڻ لاءِ مهلت ئي ڪانه ٿي ملي.
2018 ۾ ميان نواز شريف کي اقتدار کان محروم ڪرڻ لاءِ عمران خان جو سهارو ورتو ويو ۽ 2022 ۾ عمران خان کي اقتدار کان محروم ڪرڻ لاءِ ميان نواز شريف جي پارٽيءَ جو سهارو ورتو ويو. عجيب ۽ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته ٻنهي وقتن تي سهارو ڏيندڙن اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجون ايجنڊائون مڪمل ڪرڻ لاءِ مڪمل طرح سهارو ڏنو. ان منجهان اهو ثابت ٿي ويو آهي ته اسان جي ملڪ جون سياسي جماعتون توڙي اڳواڻ اڃان تائين ذهني ۽ سياسي بلوغت جو اظهار ڪرڻ ۾ ڪامياب نه پيا ٿين. اڃان تائين اسٽيبلشمينٽ جي هٿ جا مُهرا يا گڏا بڻجڻ لاءِ هر ڪوئي جهٽ پٽ تيار ٿي وڃي ٿو. پنهنجي مختصر مدي واري اقتدار يا معمولي لالچن عوض سموري سرشتي کي ڪرپٽ ڪرڻ، اپاهج بڻائڻ ۽ ناڪاره ڪري ويهاري ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. جيسيتائين ائين ئي هلندو رهندو، نتيجا به ساڳيا پيا سامهون ايندا. اسٽيبلشمينٽ جو هڪڙو ڌڙو پي ڊي ايم جي حڪومت کي ٽيڪ ڏئي رهيو آهي ته ٻيو وري عمران خان جي مدد ڪري حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. اها جنگ خاص ڪري نئين آرمي چيف جي مقرريءَ وارو مامرو نبرڻ يعني هلندڙ سال نومبر مهيني تائين جاري رهڻي آهي. نواز ليگ کان پنجاب کسڻ جي ڪوشش چوٽ چڙهيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت نواز ليگ وٽ هوندي به پنجاب جون ضمني چونڊون نواز ليگ بدران تحريڪِ انصاف کٽي ورتيون. اهو ئي سبب آهي جو عدالت سڳوري پهريون ڀيرو “محدود اختيارن وارو وڏو وزير” جو محاورو متعارف ڪرائي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پارليامينٽ بدران عدالت سڳوري آئين ۾ ترميم ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اوهان کي اُٺُ ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي پاسي ويهندي نظر اچي رهيو آهي. في الحال ته نواز ليگ کان پنجاب ڦُري وٺڻ واري ڪوشش ڪامياب ٿي آهي پر اها سدائين اهڙي نموني ڪامياب نه رهندي. پر نواز ليگ جيڪڏهن پنجاب جي صوبائي حڪومت پاڻ وٽ نه رکي سگهي تڏهن به آئيني طرح مرڪزي حڪومت نواز ليگ جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيل اتحاد وٽ ئي رهندي يا رهڻ گھرجي جيسيتائين اها مرڪز ۾ به پنهنجي اڪثريت نه ٿي وڃائي.
حڪمران اشرافيه جو جهيڙو پنهنجي جاءِ تي پر حڪومت ڪرڻ واري صدين جي رياض جو نتيجو اهو آهي جو اهي اڄ به عوام کي ان تماشي ۾ خوش رکيون ويٺا آهن. هن ملڪ جو معاشي توڙي سياسي ۽ سماجي حوالي سان ٻيڙو ٻڏڻ وارو آهي پر پوءِ به عوام انهن خبرن چارن کي ٻڌي ڏسي ۽ انهن تي ٿيندڙ تبصرا ٻڌي خوش ٿي رهيو آهي ته فلاڻي هيئن چيو، فلاڻي هونءَ چيو. ٽي ويءَ تي اچي فلاڻي اڳواڻ فلاڻي اڳواڻ جي مٽي پليد ڪري ڇڏي.
اسان جي ملڪ جا ٽيلي ويزن چينل ججن جا ريمارڪس ۽ ٽاڪ شوز ۾ ٿيندڙ خبرون ۽ تبصرا ايتري تيزيءَ سان هلائي رهيا آهن جو رڳو ڪرڪيٽ ميچن جي سڌي سنئين نشريات ئي انهن سان ڪلهو هڻي سگهي ٿي ٻئي ڪنهن جي جاءِ ڪانهي. اهو سڀ ڪجهه به ان ڪري ٿي رهيو آهي جو جديد سرمائيداري ميڊيا جي ذريعي عوام جي سوچ ۽ سوچڻ جي طريقي کي به پنهنجي ضابطي ۾ رکيون ويٺي آهي. پوري ملڪ اندر مِينهن راڱا لاهي ڇڏيا آهن پر مجال آهي جو حڪمران طبقن کي مِينهن جي ڪري ٿيندڙ جاني مالي نقصان جو ڪو اونو هجي. اسان جو هڪڙو دوست سچ چوندو آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جا پنج ڪروڙ ماڻهو اوچتو مارجي وڃن تڏهن به هتان جي حڪمران طبقن کي ڪوئي فرق نه پوندو. هن ملڪ جي مشينري ۽ اميرن جون عياشيون جيئن جو تيئن برقرار رهنديون.
پڙهندڙن کي خبر آهي ته پنجاب اسيمبليءَ اندر 22 جولاءِ تي ڇا ٿيو هئو. پر اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته سياست ۽ عدالت جي وچ ۾ هلندڙ اهو تڪرار به اسٽيبلشمينٽ جي اندروني لڙائيءَ جو اولڙو آهي. دنيا جي هن عجوبي ملڪ (جنهن کي سنڌي قوم پرست غير فطري ملڪ يا رياست ڪوٺيندا آهن، ڄڻ باقي سڀ رياستون ۽ ملڪ اتان جي رهاڪن نه پر فطرت ٺاهيا هجن) ۾ 187 ووٽن وارو 179 ووٽن واري جي هٿان هارائي ويندو آهي. اهو اعزاز دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ کي حاصل ڪونهي پر ماضيءَ ۾ جڏهن اسٽيبلشمينٽ هڪڙي پيج تي هوندي هئي تڏهن اهڙيون مسخريون ڦٻي وينديون هيون. عوام کي ٻڌايو ويندو هئو ته کين اهڙو وزيرِ اعظم ٿا ڏيون جنهن جو ووٽ هاڻي هاڻي داخل ڪرايو آهي. جنهن کان پوءِ عوام جي لاءِ هزار طرح جا ڏچا پيدا ڪندڙ اهو شوڪت عزيز ملڪ منجهان ائين گم ٿي ويندو هئو جيئن گڏهه جي مٿي تان سِڱ. ڪوئي ڪجهه نه ڪڇندو هئو. ان جي ابتڙ هن ڀيري جيئن ته اسٽيبلشمينٽ پاڻ متحد ڪانهي ان ڪري هڪڙو هڻي ته ٻيو کڻي وانگر هڪڙي ڌر عمران خان کي ٻاهر ٿي ڪڍي ته ٻِي وري کيس ايوان ۾ موٽائي آڻڻ لاءِ سرگرم آهي. هاڻي جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جو فيصلو به عمران خان جي حق ۾ اچي چڪو آهي. عدالت سڳوري پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي قبوليو ۽ قرار ڏنو آهي پر ان سان به بحران ختم ڪونه ٿيو آهي نه وري جلدي ختم ٿيڻ وارو آهي. اسٽيبلشمينٽ جا ٻئي ڌڙا پنهنجي ٻانهن جو ٻَلُ آزمائيندا رهندا. سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ئي اپيل ٿي سگهي ٿي جيڪا پي ڊي ايم پاران فل ڪورٽ جوڙڻ واري پراڻي مطالبي سميت ڪئي ويندي. يا وري قاف ليگ يا پاڻ تحريڪِ انصاف جا ڪجهه ايم پي اي استعفائون ڏئي بحران پيدا ڪري سگهن ٿا. جنهن کان پوءِ پنجاب جي وڏ وزارت جو فيصلو ۽ اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ ٻيهر ڊوڙ شروع ٿي ويندي. اهي امڪان به آهن ته پنجاب ۽ پختون خواه جون اسيمبليون ٽوڙائي مرڪزي حڪومت لاءِ نئون بحران کڙو ڪيو وڃي. هاڻي معاملو رڳو ايڪسٽينشن جو ڪونهي. هاڻي معاملو ايندڙ آرمي چيف جي مقرريءَ جو به آهي. اهو ان اداري جو نظم و ضبط آهي جو هن وقت تائين هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي جهيڙو نه پيو ڪيو وڃي پر اڻ سڌو جهيڙو به ايترو تيز ٿي چڪو آهي جو ايندڙ آرمي چيف جي مقرري موجوده آرمي چيف ۽ وزيرِ اعظم جي راضپي سان مشروط هئڻ ڪري اهڙي ڪنهن ماڻهوءَ جي مقرريءَ کي بهرحال آخر تائين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي جيڪو هن وقت پيدا ٿيل بحران جو ماسٽر مائينڊ آهي. اهڙي نموني اُهو به سمجهي ٿو ته ڳالهه ايتري پري وڃي پئي آهي جو هاڻي خاموش ٿيڻ ۽ اطاعت واري واٽ وٺڻ جو مطلب خود ڪشي ڪرڻ هوندو.
ان سموري هڻ هڻان ۾ جنهن پاسي ڪنهن جو به ڌيان ڪونهي يا وڃڻ ڏنو ئي نه ٿو وڃي سو آهي ملڪي معيشت. پاڪستاني روپيو تاريخ جي بدترين لاٿ جو شڪار ٿي ويو آهي. زرِمبادله جا ذخيرا ڏيڍ مهيني تائين ملڪ هلائڻ جيترا به نه بچيا آهن. هلندڙ مالي سال دوران ملڪ کي 12 ارب ڊالر رڳو قرض جي ادائيگيءَ لاءِ گھرجن. واپاري خسارو پورو ڪرڻ لاءِ به تقريبن ايتري ئي رقم گھربل آهي جڏهن ته 30 ارب ڊالرن تائين مختلف ادائيگيون ڪرڻيون آهن جن ۾ اهي مالي جرمانا به شامل آهن جيڪي دنيا جي مختلف ڪمپنين سان ڪيل معاهدا ٽوڙڻ يا شرط پورا نه ڪري سگهڻ ڪري ادا ڪرڻا پوندا. اهڙي نموني آئي ايم ايف هڪ ارب ڊالر روڪ ڏيڻ جي منظوري ته ڏني آهي پر اها غير مشروط ڪانهي. ان اهو شرط رکيو آهي ته سعودي عرب اوهان جي ضمانت کڻي ته پوءِ پيسا ملندا. ڇاڪاڻ ته پاڪستان پنهنجي طئي ٿيل ڪوٽا کان به وڌيڪ قرض کڻي چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ سياسي، سماجي، عدالتي ۽ ادارا جاتي گھوٽالن ۾ جڪڙيو پيو هجي. هڪڙو ئي مضبوط ادارو به هڪ ٻئي جي ڳلي کان جهليون بيٺو هجي ته پوءِ پاڪستان کي سريلنڪا بڻجڻ کان ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button