ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حمزه شريف ۽ ڳرو پير

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

سنڌيءَ جي هڪ لوڪ گيت ۾ پير پنج سير جو ذڪر ملي ٿو. خبر ناهي خوش لباس سمارٽ حمزه شريف جو پير پنج سير آهي، الائي نه، پر ڏٺو وڃي ته سندس پير ڳرو ضرور هئس. چون ٿا ته ميان شهباز شريف وزير اعظم ٿيڻ جي باوجود پنهنجي مسماتن جي حوالي سان خاتون اول لاءِ ڪو فيصلو ڪري نه سگهيو هو. ڪجهه ڏينهن ميڊيا ۾ تهمينه درانيءَ جو خاتون اول قرار ڏيڻ واريون ڳالهيون به رپورٽ ٿيون. پر پوءِ آخر گهر ۾ ان تي اختلاف هجڻ سبب اهو واضح فيصلو سامهون نه اچي سگهيو.
چون ٿا ته ميان شهباز شريف وڏي گهر واريءَ کي ان سلسلي ۾ راضي رکڻ لاءِ حمزه شريف کي پنجاب جو وڏو وزير بنائڻ جو فيصلو ڪيو هو. يا ڪو ٻيو به سبب هجي، پر ميان شهباز شريف جي حڪومت تي هڪڙي خاندان جي حڪومت، پيءُ وزير اعظم ۽ پٽ وڏو وزير ۽ اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي فرد جرم کان بچڻ لاءِ هڪڙو وزير اعظم ۽ ٻيو وڏو وزير ٿي ويو. شنوائيءَ تي پيءُ ۽ پٽ جو عدالت ۾ بينچ تي ويهڻ وارن فوٽيج ذريعي ٻئي پيءُ ۽ پٽ سخت تنقيد ۾ ايندا رهيا. سريلنڪا جي ڊي فالٽ ٿيڻ کان پوءِ سريلنڪا تي هڪڙو ئي خاندان، صدر، وزير اعظم، خزاني جو وزير ۽ اسپيڪر هئڻ واريون ڳالهيون به هن پيءُ پٽ تي تنقيد واري زمري ۾ ٿينديون رهيون.
پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف جو پير ڪو ايڏو ڳرو هو، جو ڏٺو وڃي ته هن جي وڏي وزير ٿيڻ کان وٺي هن جي خلاف ممڻ متو، جيستائين هن کي لاٿو نه ويو. حمزه شريف کي تخت لاهور تان لاهڻ واري ڪيس جا ڪيترائي قانوني ۽ سياسي پهلو ۽ اصطلاح سامهون ايندا. پر ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ ان جو تز نتيجو اهو نڪرندو ته حمزه جو پير ڳرو هو. اسان جي ملڪ ۾ سياست جو سڄو محرڪ عوامي اڀار ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي پهلوئن بدران فقط اسٽيبلشمينٽ سان ڪنهن جو ٺاهه ۽ ناراضگي واري رخ سان ڏٺو ويندو رهيو آهي. ان ڪري حمزه شريف جي حڪومت ختم ٿيڻ بابت هڪڙيون چيمگويون هي به هلندڙ آهن ته جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ قومي اسيمبليءَ ۾ لاٿي وئي هئي. ان کان اڳ ۾ بند ڪمري ۾ جيڪو ايندڙ نئين حڪومت لاءِ خاڪو پيش ڪيو ويو هو، ان ۾ پنجاب (ن) ليگ جي حوالي ٿيڻو نه هو. (ان ڪري اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ پاران عدم اعتماد لاءِ حمايت وٺڻ لاءِ چوڌرين کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ جي آفر پڻ ان زمري ۾ سمجهي وڃي ٿي). ان ڪري بند ڪمرن جو خبرون ظاهر ڪندڙ اهڙن “پهتل” صحافين جو چوڻ آهي ته ان بند ڪمري واري فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪري (ن) ليگ ۽ اتحادين پي ٽي آءِ جي پنجاب مان حڪومت ڪرائي. چوڻ وارن جو چوڻ آهي ته باقي اسٽيبلشمينٽ جو (ن) ليگ ۽ اتحادين سان ساڳيو معاهدو موجود هوندو.
پنجاب ۾ بوزدار حڪومت ڊاهڻ ۽ وري حمزه شريف کي جنهن انداز ۾ لوٽن جي مدد سان حڪومت ۾ آندو ويو. سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي 25 منحرف ميمبرن جي خلاف ڊي سيٽ واري ڏنل فيصلي کان پوءِ به (ن) ليگ هٿيار ڦٽا نه ڪيا. منحرف ميمبرن ۾ پنج مخصوص سيٽن تي نون ميمبرن جي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي وڏي مهم هلائڻي پئي. پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن تي سخت الزام مڙهيو ته حمزه شريف کي بچائڻ لاءِ مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري نه پيو ڪيو وڃي. ڳالهه ان کان به اڳتي وڌي، 20 تڪن تي ننڍي چونڊ ٿي. جنهن مان 15 تڪن تي پي ٽي آءِ ننڍي چونڊ کٽي ورتي. بظاهر ڏٺو ويو ته هاڻ (ن) ليگ لاءِ حمزه شريف جي وڏ وزارت برقرار رکڻ ممڪن نه هوندي. پر پوءِ به (ن) ليگ حمزه شريف جي وڏي وزارت کي برقرار رکڻ لاءِ هر قسم جون ڪوششون جاري رکيون. جن ۾ ميڊيا ذريعي ٻڌو ويو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ جي ميمبرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر منحرف ڪرڻ لاءِ 40 ڪروڙ، پنجاهه ڪروڙ ۽ آخر ۾ هڪ ارب رپيا في ووٽ تائين به اگهه لڳو.
وڏي وزير جي چونڊ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ جي ميمبرن سان هڪ هوٽل ۾ خطاب ڪيو ۽ دعوا ڪئي ته هنن جا سمورا ميمبرن ساڻن گڏ آهن. جيڪي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ثابت به ٿيا. پوءِ به (ن) ليگ ۽ اتحادي حڪومت پراميد نظر آئي. پنجاب ۾وڏي وزير جي چونڊ کان هڪ رات اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي (ق) ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت سان رات جو پنج ڪلاڪن جي ڊگهي گڏجاڻي ۽ ٻنهي اڳواڻن کي ٿڪل هئڻ وارا ٽيبلز تي پير ڊگها ڪري ليٽل فوٽيجز به ميڊيا ڏيکاريندي رهي. پر ان ڊگهي گڏجاڻيءَ جو انت ڊپٽي اسپيڪر جو ڳڻپ ڪيل ووٽن مان 10 ووٽن جو خارج ڪرڻ طور ظاهر ٿيو. جيڪو ڊپٽي اسپيڪر کيسي مان چوڌري شجاعت جو خط ظاهر ڪيو. جنهن ۾ (ق) ليگ جي ڏهن ئي ميمبرن جا سندن تڪن سميت نالا وٺي انهن جا ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنل هو. اهو وقت ۽ اها ڳالهه. چئن ڏينهن کان يڪو ڊپٽي اسپيڪر جي ڏنل رولنگ جج، قانوندانن، سياستدان، تجزيي نگارن وٽ بحث هيٺ هئي. جنهن جو ان رات دير سان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيل ٽي رڪني بينچ فيصلو ڏئي حمزه شريف کي پنجاب جي تخت تان لاهي ڇڏيو. ڏٺو وڃي ته (ن) ليگ حمزه شريف جي وڏ وزارت بچائڻ لاءِ هر قسم جو انداز استعمال ڪيو. پهرين ڪيس کي اينگهائڻ لاءِ 17 ججز جي فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ لاءِ وڪيلن ذريعي، سپريم ڪورٽ بار جي صدر ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر لطيف آفريدي به پٽيشن جو حصو ٿيا. سياسي طور تي سمورن اتحادين اڳواڻن جي اڳواڻي ڪندي (ن) ليگ جي نائب صدر مريم نواز ڪيس هلائيندڙ بينچ کي “فڪس بينچ” سڏيو. هن جي انهيءَ ڳالهه جي تائيد مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري به ڪئي. فل ڪورٽ بينچ واري درخواست رد ٿيڻ کان پوءِ ڪيس جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.
چمڪ جو اصطلاح:
پنجاب اسيمبليءَ ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي ڏنل رولنگ کان پوءِ مين اسٽريم ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي حق ۾ طوفان متل ڏٺو ويو. ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري کان وٺي زرداريءَ کي سمجهڻ لاءِ ڪيترن ئي پي ايڇ ڊيز جي ضرورت آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کان پوءِ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري جي گيٽ تي رات دير تائين 186 پنهنجي حمايتي ايم پي ايز کي گڏ وٺي چوڌري پرويز الاهي بيٺل هو. جنهن جون خبرون ميڊيا تي ڌڙا ڌڙ هلي رهيون هيون ته انهيءَ دوران اوچتو ملتان جي هڪ تقريب ۾ ٻهڪندڙ چهري سان خاص اسٽائيل سان مشڪندڙ آصف علي زرداري کي ميڊيا ۾ ڏيکاريو ويو. اها تقريب پ پ جي ايامڪاريءَ ۾ 2008 کان 2010ع تائين مذهبي مامرن جي اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظميءَ جي گهر ۾ ٿي رهي هئي. ان تقريب ۾ آصف علي زرداري تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو هو ۽ ڪاظمي صاحب جي ڪيس تي مختصر ڳالهايو ته، کيس اجايو حاجين جا پئسا کائڻ واري ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو هو، پر ڪاظمي صاحب سرخرو ٿي آزاد ٿيو آهي.
صحافيءَ پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کان لاهور رجسٽري ۾ ويل چوڌري پرويز الاهيءَ جي پٽيشن بابت سوال ڪيو ويو. جنهن تي اڳوڻي صدر ٺهه پهه جواب ڏنو، ان جو ڪو مسئلو ڪونهي ميان صاحب وارا “چمڪ” تي فيصلو وٺڻ ڄاڻن ٿا. انهيءَ ساڳئي سوال تي اڳوڻي صدر پاڻمرادو پنهنجي موجوده اتحادي ميان نواز شريف جو ذڪر ڪندي چيو ته ڏٺو ڪونه هو ته بي بي شهيد چيو هو، ته هي “چمڪ” تي ڪورٽن مان فيصلا وٺي وڃن ٿا. اڃان (ن) ليگ جي اڳواڻن سوشل ميڊيا ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ عدالتن جو پراڻو رڪارڊ ٻڌائڻ شروع نه ڪيو هو. پر سياست تي گهري نظر رکندڙن جو چوڻ هو ته ڪا نئين صفبندي ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. جنهن ۾ لاهور رجسٽري ۾ بحث ۾ آيل ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ۽ فل ڪورٽ بينچ تي اڃان ججمينٽ به نه آئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button