جڏهن تپندڙ اس لڱن کي ساڙي، ڪينال، واهه ۽ بئراج سڪل هجن، پري پري تائين پاڻيءَ جو نالو نشان نه هجي، سوڪهڙي جي ڪري انسان، جانور، جيت ۽ پکي تڙپندا هجن، تنهن وقت هر ساهواري شيءِ آسمان ڏانهن نهاري پئي اها دعا گهرندي آهي ته “مولا مينهن وساءِ” ۽ جڏهن اهي دعائون قبول ٿينديون آهن ۽ برسات جون پهريون ڪڻيون وسنديون آهن ته هر ساهواري ٻهڪي پوندي آهي. ماڻهو نچي ڪڏي تفريحي ماڳن تي گڏ ٿي خوشيءَ جو مظاهرو ڪندا آهن، واقعي مينهن ته خوشحاليءَ جي نشاني هوندي آهي، پر هتي اهڙو نظام ئي ناهي جو جڏهن برسات وڌيڪ پوي ته ان کي بهتر نموني سان منهن ڏئي سگهجي.
دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ برسات کي رحمت سمجهيو ويندو آهي ۽ اهڙو نظام تيار ڪيو ويو آهي جو هلندڙ برسات ۾ به انساني توڙي ڪاروباري زندگي متاثر ناهي ٿيندي. مجال آهي جو اتي ڪنهن جي گهر ۾ برساتي پاڻي داخل ٿئي، بلڪه برساتي پاڻيءَ کي گڏ ڪري ان سان زراعت کي فائدو رسايو ويندو آهي.
بدقسمتيءَ سان اسان وٽ بهتر رٿابندي نه هجڻ ڪري ٿورڙي برسات پوڻ سان انساني زندگي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي. برسات پوڻ شرط ئي روڊ، رستا ۽ چوڪ ته پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا آهن، پر برساتي پاڻيءَ سان گڏ گٽرن جو پاڻيءَ به ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويندو آهي، جنهن ڪري ڪيترائي گهر ڊهي پوندا آهن. برسات پوڻ ڪري هن وقت ته سڄي دنيا جي صورتحال خراب آهي، پر آئون هتي ڳالهه ڪندس سنڌ جي حڪمرانن جي مسلسل نظرانداز ڪرڻ جي نتيجي ۾ پٺتي پيل سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن جي، جتي برساتن ۽ سمنڊ جي چاڙهه تباهي ڪري ڇڏي آهي. هزارين ڳوٺ ۽ آباديون هن وقت پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي دنيا کان ڪٽجي ويون آهن، اتي رهندڙ ماڻهو ڄڻ سمنڊ جي ٻيٽن تي ويٺا هجن ۽ اهي ماڻهو سخت تڪليفن ۾ هوندي بي يارو مددگار ويٺل آهن. انهن ماڻهن جي ڪير به واهر ڪرڻ وارو ناهي، بک ۽ اڃ ۾ ماڻهو تڙپي رهيا آهن.
ٺٽي جي ساحلي پٽي جي سمورن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ پاڻي بيھي ويو آهي، جنهن ڪري اتي زندگيءَ جو نظام مفلوج بڻجي ويو آهي، مسلسل هلندڙ برسات سبب سامونڊي پٽي برساتي پاڻي جو درياهه بڻجي وئي آهي. تازو ئي پي ايس 78 ۾ ترقيءَ جي آڙ ۾ جيڪي ناليون ۽ بئراج پڪا ڪيا ويا هئا، اهي پاڻي نيڪال نه ڪري سگهيا آهن، جنهن ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ سان ڀرجي ويا آهن. سامونڊي پٽي وارن شهرن ڪيٽي بندر، ٻگھاڻ، ٻيٽ ميھار، ٻاٻيهو، سڄڻ واري، جئو ڌانڌھاري، جھالو، جنگيسر خليفا ۽ مورڇڏائي مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، ڪيٽي بندر ۽ ڳاڙهي شهر ۾ ناڪارا ڊرينيج سسٽم شھرن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. پاڻيءَ جي سٽ نه سگهندي ٻگھاڻ لڳ درياهه جي پل ئي لڙھي وئي آهي، جنهن سبب سوين ڳوٺن جو شھر سان رابطو ڪٽجي ويو.
جھالو کان ٻگھاڻ تائين درياهه سوين ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن، ٻگھاڻ کان ٽڪي ڳوٺ تائين مين نيشنل ھاءِ وي گھارو ٽو ڪيٽي بندر تي وڻ ڪرڻ ۽ زبون حاليءَ جي شڪار سبب بند ٿي ويو آهي. هن وقت ته ڪيٽي بندر سٽيءَ ۾ چار فوٽ پاڻي موجود آهي. ٽڪي ڳوٺ وٽان اوچتو درياهه جي نيڪال جو سسٽم ناڪارہ ٿي ويو، جنهن ڪري درياهه وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي سگھي ٿو.
تازو ئي پڪو ڪيل اڏيرو لعل بئراج پاڻي نيڪال نه ڪري سگهيو، اهو ڪينال هن وقت ٽٽي پيو آهي، جنهن سوين ڳوٺن ۽ آبادين کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، ٻوڏ واري صورتحال ٿي وئي آهي، شڪ اهو آهي ته ان بئراج کي هٿ وٺي ڪٽ هنيو ويو آهي، ماڻهن کي هٿ سان ته ٻوڙايو ويو، پر هن ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ڪا به واهر ناهي ڪئي وئي، جنهن ڪري ماڻهن جي زندگيءَ کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي. پاڻي نيڪال نه ڪرڻ واري معاملي تان ڳوٺاڻن ۽ انتظاميا وچ ۾ مختلف ڳوٺن ۾ منھن ماري پڻ ٿي، پڪيون ناليون ابتيون وھڻ ڪري ڪافي ڳوٺن ۾ پاڻي موجود آهي، بجليءَ جو نظام به درھم برھم ٿي ويو آهي. سمنڊ ڪناري آباد ڪيترن ئي ڳوٺن جا بچاءَ بند پڻ ٽٽي ويا آهن، هن علائقي ۾ ايمرجنسي لاڳو ھئڻ باوجود انتظاميا عوام کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو آهي. ھر طرف کان برسات جي پاڻي بيهڻ سبب سمورا فصل به تباهه ٿي ويا آهن.
هن ساحلي پٽيءَ تي پان جو تمام وڏو فصل ٿيندو آهي، مسلسل پوندڙ برسات پان جي فصل کي تمام وڏو نقصان پهچايو آهي. وڏي ايراضي تي بيٺل پان جي فصل ۾ گوڏي کان وڏو پاڻي بيهي ويو آهي، جنهن ڪري پان جو فصل سڙي سڪي رهيو آهي ۽ پان جي آبادگارن کي هڪ اندازي موجب اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.
هوڏانهن سامونڊي پٽيءَ تي رهندڙ اڪثر ماڻهن جو گذرسفر مڇيءَ جي شڪار تي آهي، سمنڊ ۾ چاڙهه اچڻ ڪري مڇيءَ جو شڪار بند ٿي ويو آهي، ماڻهو بيروزگار ٿي گهرن ۾ ويهي ويا آهن، روڊ رستا بند ٿيڻ ڪري اهي ماڻهو شهرن تائين به نٿا اچي سگهن، سندن واهر ڪرڻ وارو به ڪير ناهي. اهڙي صورتحال ۾ مڇيءَ جي شڪار تي گذرسفر ڪندڙ ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن. علائقي جا چونڊيل نمائندن ان سڄي صورتحال کان باخبر هجڻ جي باوجود لڪي ويا آهن ۽ ڪير به اهڙن ماڻهن جي مدد ڪرڻ وارو ناهي پهتو. ڪامورا فقط سيلفين تائين محدود آهن، عام ماڻهو دربدر ٿي ويو آهي.
ھاءِ اسڪول ڪيٽي بندر، ھاءِ اسڪول ٻگھاڻ پرائمري اسڪول جئو ۾ سوين خاندان دربدر ٿي اچي ويٺا آهن، پر ھيل تائين سرڪاري سطح تي سندن ڪا به واھر ناهي ٿي سگهي. ٻگھاڻ لڳ جنگيسر سم نالو کي وڏو گھارو پوڻ ڪري سوين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن، متاثرن روڊن رستن تي دربدر ٿي رھيا آھن، پوري علائقي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، پيئڻ جو پاڻي، کاڌ، خوراڪ جو شديد بحران ٿي ويو آهي، مال جو چارو ختم ٿيڻ ڪري مالوند پريشانيءَ جو شڪار آهن. هن وقت ساحلي پٽي جي ماڻهن کي تڪڙي رليف جي ضرورت آهي. تنهنڪري ساحلي پٽيءَ جي ماڻهن سان غير انساني سلوڪ بند ڪري سندن مدد ڪئي وڃي.